26 اربع , اپريل 2017

جسٽس سعيد الزمان صديقي ڀارت ۾ پيدا ٿيو، بنگلاديش مان گريجوئيشن ڪئي

justice-retd-saeed-uz-zaman-siddiqui

ڪراچي(ع آنيوز) اڳوڻو گورنر مرحوم جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي سنڌ جو 31 هون گورنر هو. سعيد الزمان صديقي پهرين ڊسمبر 1937 ۾ ڀارت جي شهر لکنئو ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس گھر وارا پاڪستان لڏي آيا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1954 ۾ هُن ڍاڪا يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي.  جسٽس سعيد الزمان صديقي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو. سپريم ڪورٽ جي جج طور به فرض سر انجام ڏنائين. آمر پرويز مشرف جي دور ۾ هُن پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو. جسٽس سعيد الزمان صديقي 11 نومبر 2016ع ۾ سنڌ جو گورنر رهيو. هوڏانهن گورنر جسٽس سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي صدر ممنون حسين، وزير اعظم نواز شريف، گھرو وزير چوڌري نثار علي خان، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي گورنر عشرت العباد، ڊاڪٽر عاصم، رحمان ملڪ، مولابخش چانڊيي، سينيٽر سراج الحق ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Iftikhar ch

سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به جج نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ناهي ڏنو: افتخار چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي