24 آچر , سيپٽمبر 2017

  بليڪ بيري پنهجو آخري فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

bkack-bairyلاس ويگا (ويب ڊيسڪ) مشهور سمارٽ فون ڪمپني بليڪ بيري پنهجو آخري فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪنزيومراليڪٽورنڪس شو (سي اي ايس ) دوران بليڪ بيري ڪمپني مرڪري نالي سمارٽ فون پيش ڪيو. ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته بليڪ بيري مرڪري ڪمپني جو ڊزائن ۽ تيار ڪيل  هي آخري سمارٽ فون هوندو، هي فون هلندڙ سال ۾ڪنهن به وقت وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ڪينيڊا جي هن ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته مالي ڏکائين جي ڪري هو وڌيڪ سمارٽ فون تيار نه ڪندي ۽ اهڙي طرح هڪ عهد جو خاتمو ٿي ويندو. بليڪ بيري ڪنهن زماني ۾ موبائل فون جي دنيا ۾ راڄ ڪندڙ ڪمپني هئي پر آئي فون ۽ اينڊرائيڊ  فونن ان  جي مقبوليت ختم ڪري ڇڏي. مستقبل ۾ ڪمپني پنهنجي فون پاڻ ٺاهڻ جي بدران ٻين ڪمپنين تي ڀاڙيندي. بليڪ بيري ڪيورٽي بورڊ  سان گڏ 4.2 جي اسڪرين به آهي ۽ هن ۾ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فنگر پرنٽ ريڊر به اسپيسن جي بار به رکيو ويو آهي ۽ هن ۾ 3 جي بي ريم ۽ 3200 ايم اي ايڇ بيٽري،۽ يوايس بي سي پورٽ ۽ 18 ميگا پڪسل ڪئميرا لڳائي آهي. ياد رهي ته هن جي قيمت سامهون نه اچي سگهي آهي ۽ هن کان پوءِ بليڪ بيري جو دور ختم ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني جسم کي سياري ۾ گرم ۽ اونهاري ۾ ٿڌو رکندڙ گهڙي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ): اُهي ڏينهن پري نه آهن، جڏهن توهان ايئرڪنڊيشنر ۽ هيٽر کي پنهنجي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي