15 جمعو , ڊسمبر 2017

گورنر سعيد الزمان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو

saeed-uz-zaman-siddiqui

ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ جو گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. گورنر سعيد الزمان صديقي کي ساهه جي تڪليف جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي هوڪيتري ئي وقت کان علاج ڪرائي رهيو هو.طبعيت خراب ٿيڻ ڪري گورنر سعيد الزمان صديقي کي وري اسپتال داخل ڪيو ويو هو. جتي هُن اڄ دم ڏنو. هوڏانهن گورنر هائوس جي ترجمان به جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. کيس سيني جي تڪليف جي ڪري نجي اسپتال آندو ويو هو، جتي هو فوت ٿي ويو. سعيد الزام صديقي گذريل سال 11 نومبر تي سنڌ جي گورنر جي حيثيت سان حلف کنيو هو. پرويز مشرف جي دور ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي پي سي او تحت هلف کڻڻ کان انڪار ڪندڙ ججن ۾ شامل هو. هُو هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ رهي چڪو هو. طبعيت جي خرابي جي ڪري گورنر سعيد الزمان صديقي گھڻين ئي اهم تقريبن ۾ شرڪت کان محروم رهيو هو. واضح رهي ته وزير اعظم نواز شريف پاران وڏي عمر ۽ طبعيت خراب هجڻ باوجود جسٽس سعيد الزمان صديقي کي گورنر مقرر ڪرڻ تي سندس فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے