26 اربع , اپريل 2017

چوڌري نثار نيشنل ايڪشن پلان جون ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪري: قائم علي شاهه

ڪراچي(ع آنيوز) اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار نيشنل ايڪشن پلان جون ناڪاميون لڪائي qaim-ali-shahرهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جو ڪپتان اڪثريتي فهم ذهن اڳواڻن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چوڌري نثار نيشنل ايڪشن پلان جون ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. منهنجي دور ۾ به چوڌري نثار ايپيڪس ڪمٽين جي ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ اڪيلو صڳبو آهي جتي نيشن ايڪشن پلان مقبول ٿي رهيو آهي، چوڌري نثار ٻين صوبن ۾ نيشنل ايڪشن پلان کي ڪامياب ٿيڻ نٿو ڏي. هن وڌيڪ چيو ته  آرمي چيف به سنڌ ۾ امن امان ۾ 80 سيڪڙو بهتري واري منهنجي ڪم کي ساراهيو. منهنجي دور ۾ دهشتگردي جا 90 ڪيس فوجي عدالتن ۾ ويا، دهشتگردي جي خاتمي واريون 30 عدالتون ٺهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Iftikhar ch

سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به جج نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ناهي ڏنو: افتخار چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي