21 خميس , سيپٽمبر 2017

نيب وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي سميت چئن انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي

qamar-uz-zaman-chaudhri

اسلام آباد(ع آنيوز) نيب پاران اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آفيسرن سميت مختلف چئين انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين قمر الزمان چوڌريءَ جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چئن انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ متروڪه وقف املاڪ جي اڳواڻي چيئرمين آصف هاشمي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. آصف هاشمي ۽ ساٿين تي 700 ملازم غيرقانوني طور ڀرتي ڪرڻ جو الزام آهي. ان کان سواءِ نيب جي علامه اقبال يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف جاچ جي به منظوري ڏني وئي. آفيسرن تي ڪرپشن ۽ اختريارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي. نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر ظفر اقبال ۽ ٻين خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سول ايوي ايشن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خلاف انڪوائريون بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ايف بي آر جي اڳوڻي ميمبر مشاهد جتوئي، اين ايڇ اي جي آفيسرن خلاف به جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سيٺ نثار جي پلي بارگين جي درخواست رد ڪئي وئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف عدم برداشت واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪرپشن ڪيسن جي جاچ شفاف طريقي سان ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

election commission

اليڪشن ڪميشن جي سنگين غلطي: اين اي 120 جو نتيجو رد ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن غلطي سان اين اي 120 جي ننڍي چونڊ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي