27 سومر , مارچ 2017

راحيل شريف اسلامي فوجي اتحاد جي سربراهي لاءِ اجازت ناهي ورتي: حڪومت

raheel-sharifاسلام آباد(ع آنيوز) اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف 39 ارب ملڪن جي فوجي اتحاد جو سربراهه بڻجڻ لاءِ حڪومت کان اجازت ناهي ورتي. اهڙو انڪشاف بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف سينيٽ اجلاس دوران بيان ڏيندي ڪيو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ بيان ڏيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته راحيل شريف آرمي کان اجازت ورتي آهي، هُن حڪومت کان اڃا تائين اجازت ناهي ورتي. هن چيو ته رٽائرڊ آرمي آفيسر پاران بچاءُ واري وزارت کان اجازت وٺڻي هوندي آهي. بچاءُ واري وزارت کي ڪا درخواست ايندي آهي ته اها معاملو ڏسندي آهي. هن چيو ته راحيل شريف عمرو ادا ڪرڻ جي باري ۾ اطلاع ڏنو هو، اجازت ناهي ورتي. هو هاڻي اسلام آباد واپس پهچي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Qadeer Khan

ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيم پر حڪمرانن روڪيو: ڊاڪٽر عبدالقدير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي