25 اڱارو , جولاءِ 2017

پاڪستاني فلم انڊسٽري جلد ترقي ماڻيندي: ماورا حسين

mawraڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته ملڪي فلم انڊسٽريءَ جو زوال اسان پاڻ ئي آندو، جڏهن ته انڊسٽريءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ نوجوان هدايتڪارن ۽ پروڊيوسرن ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن، مون کي اميد آهي ته جهڙي ريت اڄڪلهه فلمون ٺهي رهيون آهن، انڊسٽري تمام جلد ڪاميابيون ماڻيندي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ماورا حسين جو چوڻ هو ته ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ غلط ڳالهه ناهي، ڇو ته فن ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ انتهاپسند جماعتون سياست ۽ فن کي گڏائي پاڪستاني فنڪارن طرفان ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، جيڪا ڪنهن به حساب سان درست ڳالهه ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي ٻارن جي وراثت ۾ پئسن بجاءِ گهر ۽ سٺي تعليم ڇڏيندس: شاهه رخ خان

ممبئي(شوبز نيوز) اهو دنيا جو دستور آهي ته والدين جي مرڻ بعد انهن جي دولت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي