اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڀاڻ تي سبسڊي ختم ڪرڻ واري حڪومتي قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي جو خاتمو هارين سان دشمني برابر آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سبسڊي واپس وٺي آبادگارن سان دوکو ڪيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته آبادگارن کي رليف بدران کانئن ڳڀو به کسيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومتي ناقص پاليسين سبب زرعي ترقي ٻڙي برابر آهي، سبسڊي ختم ڪرڻ خلاف پيپلزپارٽي هر فورم تي احتجاج ڪندي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
جلد پاڪستان موٽڻ چاهيان ٿو پر ڊاڪٽر اجازت نه پيا ڏين: اسحاق ڊار
لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جلد کان جلد …