24 آچر , سيپٽمبر 2017

پاڪستاني عورت جي تيزاب سان سڙيل خوراڪ جي نالي تبديل

sabaڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊاڪٽرن طب جي دنيا ۾ نئون ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. هڪ جي تيزاب سان سڙيل خوراڪ جي نالي کي تبديل ڪري ڇڏيو. عورت ڏيڍ سال کان پوءِ من پسندن کاڌن مان لطف اندوز ٿيڻ شروع ڪري ڇڏيو. گوجرانوالا جي 23 سالن جي صبا ذوالفقار ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڏيڍ سال اڳ هن دوا جي جاءِ تي غلطي سان تيزاب پي ڇڏيو هو جنهن جي هڪ ڍڪ سان سندس خوراڪ جي نالي خراب طريقي سان متاثر ٿي پئي هئي. ميوا اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ڪامياب آپريشن کان پوءِ سندس خوراڪ جي نالي تبديل ڪري ڇڏي. ميوا اسپتال جي پروفيسر خالد مسعود گوندل جو آهي ته نوجوانن ۾ آپگهات ۽ غلطي سان تيزاب پيئڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، صبا جو آپريشن بلڪل مفت ۾ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بل گيٽس ايندڙ 10 سالن ۾ صحت جي وڏن خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)بل ۽ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن پنهنجي پهرين ساليانا“گول ڪيپر رپورٽ“ پيش ڪندي  چيو ته عالمي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي