1 سومر , مئي 2017

پاناما ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري جا دليل مڪمل

supreme-courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا آهن جڏهن ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پنهنجن دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته قطري خط جي حيثيت ٽشو پيپر کان وڌيڪ ناهي ڇو ته اهو بيان حلفي کان سواءِ ٻڌل ڳالهين تي ٻڌل آهي ۽ ٻڌل ڳالهه جي ڪا به قانون حيثيت ناهي هوندي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته نواز شريف ۽ سندس ٻارن جي بيانن ۾ فرق آهي، ڪمپني جو بيريئر سرٽيفڪيٽ پرائز بانڊ ناهي هوندو ته جنهن وٽ هجي آف شور ڪمپني ان جي ٿيندي، قانون موجب بيريئر سرٽيفڪيٽ بابت آگاهه ڪرڻ ضروري آهي.  رجسٽريشن جو نئون قانون لاڳو سڀني تي ٿيندو آهي، شريف خاندان جي بقول 2006 کان اڳ بيريئر سرٽيفڪيٽ قطري خاندان وٽ هو، ان ڪري شريف خاندان کي به سرٽيفڪيٽ جو قطري خاندان  وٽ هئڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Interior Ministry

چوڌري نثار مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي