21 ڇنڇر , جنوري 2017

فوجي عدالتن بابت پهريون اجلاس ناڪام، پ پ، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي مخالفت ڪري ڇڏي

house-of-cards-pml-n-ppp-and-pti-547e6cdc2757003a5662b68a2c60a386اسلام آباد (م ڊ) فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ۽ ان لاءِ قانونسازي ڪرڻ خاطر حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ناڪام ٿي ويو، حڪومت کين قانون ۽ عدالتن جي حمايت ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي، جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي انهن عدالتن جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ڪالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پ پ، تحريڪ انصاف، جي يو آءِ (ف) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي جا پارلياماني اڳواڻ به موجود هئا. جلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت آئيني ترميم نئب آرڊيننس ۾ ترميم يا نيئن نئب قانون تي ڳالهيون ڪيون ويون. قانون واري  وزير زاهد حامد فوجي عدالتن بابت قانون تي بريفنگ ڏني. اسپيڪر چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت مخالف ڌر جي سڀني پارٽين کي گڏ کڻي هلو ۽ گڏيل صلاح ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي. پ پ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي ۽ نئب آرڊيننس تي به احتجاج ڪيو. ٻين پارٽين به نئب آرڊيننس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. حڪومتي اتحادي پارٽي جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ اڪرم دراني چيو ته اسان فوجي عدالتن بابت پراڻي موقف تي قائم آهيون ۽ انهن جي حمايت نه ڪنداسون. اهڙي ريت اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو. اجلاس بعد مخالف ڌر حڪومت کان عدالتي سڌارن ۽ ٻين قدمن تي وضاحت گهري ورتي. مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ٻڌائي ته ججن، پراسيڪيوشن ۽ شاهدن جي تحفظ لاءِ ڇا ڪيو ۽ عدالتي سڌارن لاءِ ٻن سالن ۾ ڪهڙا قدم کنيا ويا. ضرب عضب جي موجوده صورتحال ڪهڙي آهي. ان ۾ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪير ڪير ماريو ويو؟. ضرب عضب سميت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جا تفصيل به ڏنا وڃن. اسپيڪر اياز صادق چيو ته اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر قانونسازي بابت ڳالهيون ڪيون، ايندڙ اجلاس ۾ به قانونسازي لاءِ صلاحون ڪيون وينديون. اي پي پي موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ فوجي عدالتن جي حوالي سان پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير زاهد حامد، شيخ آفتاب احمد، اڪرم خان دراني، قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر، آفتاب احمد شيرپائو، ڊاڪٽر فاروق ستار، حاجي غلام احمد بلور، شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر شيرين مزاري، صاحبزاده طارق الله ۽ حاجي شاهه جي گل آفريدي شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اڄ ان معاملي تي کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ته ان سلسلي ۾ اسان کي آئنده ڇا ڪرڻو آهي. ايندڙ اجلاس ۾ ڪا حتمي صورتحال سامهون ايندي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان ڳالهين جي لاءِ شروعاتي اجلاس ٿيو، ان معاملي تي حڪومت جي پوزيشن سامهون اچي وئي آهي، حڪومتي موقف اسان پنهنجي پنهنجي ليڊرشپ آڏو رکنداسين، اسان اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان، آپريشن ضرب عضب ۽ پارلياماني سلامتي ڪميٽي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته قانون واري وزير زاهد حامد چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ٻيهر اجلاس 17 جنوري تي ٿيندو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻن سالن جي لاءِ ملٽري ڪورٽس قائم ڪيون ويون هيون، اسان مشروط طور تي انهن جي اجازت ڏني هئي، شاهه محمدو قريشي چيو ته اسان تسليم ڪريون ٿا ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان مڪمل ٿيو آهي ۽ ان سان صورتحال ۾ ڪافي حد تائين بهتري آئي آهي، اسان اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پاران 6 نقطا رکيا آهن جن ۾ فوجي عدالتن بابت مڪمل بريفنگ، نيشنل ايڪشن پلان جي نوعيت، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالتن جي صورتحال، ملڪ ۾ مجموعي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ۽ ان حوالي سان مڪمل حڪومتي لائحه عمل کانسواءِ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي شامل آهي. هن چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان حڪومتي موقف کي پارٽي فورم تي بحث هيٺ آڻي ڪا واضح ڳالهه سامهون ايندي.

 ان کان اڳ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پ پ جي نويد قمر، تحريڪ انصاف جي شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري ۽ جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فوجي عدالتن ۾ واڌ لاءِ اپوزيشن جو گڏيل موقف طئي ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته سندن موقف آهي ته ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي ضرورت ناهي پر حڪومت جو مقصد آهي ته ادارا ٺاهيندا رهو ۽ ڪرپشن وڌائيندا رهو. خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، پر حڪومت جو موقف به ٻـُڌو ويندو ۽ جيڪڏهن فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ جي ڳالهه ٿي ته ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي اجلاس جي حوالي سان ميڊيا کي ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ بابت حڪومت جي پنهنجي ميمبرن جي موقف ۾ تضاد آهي، ڪجهه حڪومتي ميمبر فوجي عدالتن جي واڌ جي مخالفت ۽ ڪجهه حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله به پهريان فوجي عدالتن جو سخت مخالف هو پر هاڻي سندس لهجي ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي ۽ چوڌري نثار به فوجي عدالتن جا ڪيس اي ٽي سي ۾ منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته پهريان به فوجي عدالتن جي مجبوري ۾ حمايت ڪئي هئي، هن ڀيري حمايت نه ڪئي ويندي. خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اسان جو ڪلهو استعمال ڪري فوجي عدالتون رد ڪرڻ چاهي ٿي. ٻئي طرف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته فوجي عدالتون عدالتي نظام جو متبادل يا خراب حالتن مان نڪرڻ جو مستقل حل نه آهن، سول عدالتن کي مضبوط بڻايو وڃي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawaz sharif

ڪوڙ ڳالهائڻ تي وزيراعظم خلاف استحقاق واري رٿ پيش

اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر جي جماعتن پاناما ليڪس بابت سپريم ڪورت ۾ درخواستن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي