24 آچر , سيپٽمبر 2017

آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت اڳوڻي تبصري تي ندامت:وزيراعظم جي امين ۽ صادق هئڻ بابت فيصلو ڪرڻو پوندو:جسٽس آصف کوسو

download-1اسلام آباد (بيورو+م ڊ+آن لائن) پناما ڪيس هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران کيس آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت ڪو تبصرو نه ڪرڻ گهربو هو، پنهنجن لفظن تي کيس ندامت آهي، هو اهڙا لفظ واپس ٿو وٺي، پناما ليڪس لنڊن فليٽ تائين محدود آهي، عدالت کي فيصلو ڏيڻو پوندو ته وزيراعظم صادق ۽ امين آهي يا نه؟  اسان سياسي معاملن ۾ نه وينداسين، مني لانڊرنگ حوالي سان جاچ ته تمام گهڻي ٿي آهي پر ڪو نتيجو ناهي نڪتو، قطري خط ظاهري طور ٻڌ سڌ تي ٻڌل آهي، ان جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاري سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ پناما ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته اسحاق ڊار جي مني لانڊرنگ بابت رپورٽ تيار ٿي هئي، جنهن کي 1998ع ۾ ان وقت جي صدر رفيق تارڙ، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ نئب کي موڪليو ويو هو، ان رپورٽ کي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر رحمان ملڪ تيار ڪيو هو، نعيم بخاري جي دليلن دوران ئي جسٽس گلزار کيس چتاءُ ڏيندي چيو ته عدالت جڏهن ڪو سوال پڇي ته ان جو جواب ڏنو وڃي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته ”اسحاق ڊار جي بيان جي ڪهڙي اهميت آهي، ڇا هو شريڪ جوابدار آهي، اسان کي مطمئن ڪيو ته ڇا نئب کي حديبه ڪيس ۾ اپيل ڪرڻ کپندي هئي؟ جيڪڏهن اوهان ٻئي پاسي نڪري ويندا ته معاملو به ڪنهن ٻئي پاسي نڪري ويندو. سپريم ڪورٽ جو تقدس هر حال ۾ برقرار رکڻو پوندو، اسان کي پنهنجي ڪم جي دائري کان ٻاهر نه ڪڍو. هاءِ ڪورٽ ڪيس ختم ڪري ڇڏي ته ان جي ڪهڙي قانوني حيثيت هوندي آهي. رڳو پوليس ڊائرين جي بنياد تي ڪو فيصلو نٿو ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ نئب ۽ ٽرائل ڪورٽ جو ڪم نٿي ڪري سگهي، اوهان نئب ۾ وڃي درخواست ڏيو، اسان ٽرائل ڪورٽ نه آهيون. نعيم بخاري چيو ته اسحاق ڊار بيان ۾ پنهنجي مني لانڊرنگ ڪندڙ ڪردار قبول ڪيو هو، ماضي ۾ سپريم  ڪورٽ اخباري ڪٽنگ جي بيناد تي به فيصلا ڪندي رهي آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ”اوهان عدالت کي مطمئن ڪيو خطاب نه ڪيو“ هي رپورٽ ايف آءِ اي پاڻ رد ڪري ڇڏي آهي، ان تي اسان فيصلو ڪيئن ڏيون، شايد رحمان ملڪ جو پنهنجو نالو پاناما ليڪس ۾ شامل آهي، ڇا عدالت فيصلو ڪرڻ جو حق رحمان ملڪ کي ڏئي ڇڏي؟ پنهنجي دوست رحمان ملڪ کي آڏي پڇا لاءِ ڪڏهن ٿا آڻيون؟“ نعيم بخاري جواب ۾ چيو ته ايف آءِ اي جو ڪيس پنهنجي موت مري چڪو آهي، هو پنهنجي جوابي جواب ۾ رحمان ملڪ کي به آڏي پڇا لاءِ گهرائيندو. جسٽس آصف سعيد کوسي چيو ته پوليس آفيسر جي لاءِ بنا ثبوت جي ڪا قانوني اهميت ناهي، رستو هڪ ئي آهي ته اوهان نئب چيئرمين جي فيصلي خلاف اپيل ڪريو، اپيل جي جاچ بعد فيصلو ڪنداسين ته ٻيهر جاچ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا ته عدالت آڏو معاملو آئيني طور نااهل قرار ڏيڻ جو آهي“، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته اصل وڪيل حامد خان هو، ان جي ڪيس کان الڳ ٿيڻ ڪري اهو بار سندس ڪلهن تي اچي ويو آهي، هو عدالت کي اهليت جي بنياد تي فيصلي جي اپيل ڪري ٿو، جنهن تي جسٽس عظمت چيو ته هاڻي اوهان پچ تي آيا آهيو، وڪيٽ کان ٻاهر نه کيڏو، جسٽس آصف سعيد کوسي نعيم بخاريءَ کان پڇيو ته ”ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسان قانون کان مٿڀرو ٿي جاچ ڪريون؟. جسٽس اعجاز افضل به سوال ڪيو ته جيڪڏهن شريف خاندان جو سڄو ڪاروبار ميان شريف جي هٿ ۾ هو ته، ميان شريف جي ڪاروبار جي مني ٽريل سندس ٻارن کان ڪيئن ٿا گهري سگهون. ڪجهه غط ٿيو به آهي ته ان جو جواب ميان شريف جي ٻارن کان ڪيئن گهرون؟، جسٽس آصف کوسي چيو ته عدالت کي فيصلو ڏيڻو هوندو ته وزيراعظم صادق ۽ امين آهي يا نه“، جسٽس اعجاز افضل چيو ته مفروضي جي بنياد تي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ خطرناڪ عدالتي مثال بڻجي ويندو. اسان اهڙو ڪو به مثال قائم ڪرڻ نٿا چاهيون. ڇا قانوني گهرجن تي پورو نه لهندڙ دستاويز جي بنياد تي ڪو فيصلو ڪرڻ صحيح هوندو. وزيراعظم جي دستاويزن کي ڏسڻ تي ئي خبر پوندي ته وزيراعظم اثاثا لڪايا آهن يا نه؟، وزيراعظم جي تقرير جو جائزو وٺڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ وزيراعظم جو پاناما سان تعلق ڏسڻ الڳ ڳالهه آهي. سندس تقرير تي فوجداري ڪيس ڪيئن ٿو ٺهي سگهي. بعد ۾ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ٿي وئي.0130

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ته نوٽيس ملي ويا؟ نئب نواز شريف ۽ ڊار جي گهرن تي نوٽيس لڳائي ڇڏيا

لاهور (م ڊ) نئب لاهور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ناڻِي واري وزير اسحاق ڊار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي