25 سومر , سيپٽمبر 2017

آرٽيڪل 62 ۽ 63 ڪري ڀلي اسيمبلي ميمبر نه بچن، ملڪ ته بچندو: عمران خان

imran-khanاسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان عدالتي ريمارڪس جو جواب ڏيندي چيو آهي ته آرٽيڪل 62 ۽63 کان پوءِ جيڪڏهن ڪو قومي اسيمبلي جو ميمبر نٿو بچي نه بچي پر گهٽ ۾ گهٽ ملڪ ته بچي ويندو، اهو چوڻ ننڍي ڳالهه ناهي ته سڀ ڪو هليو ويندو. پاناما ڪيس جي حوالي سان اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ چيو ويو هو ته آرٽيڪل 62 کان 63 لڳايو ويو ته پارليامينٽ ۾ ڪير به نه بچندو ۽ اهو پڻ چيو ويو ته مان به نه بچندس. مان واضح طريقي سان چوان ٿو ته سٺو ٿيندو جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو به نه بچي، جيڪڏهن اڳواڻ سچا نه هوندا ته ملڪ اڳتي ڪيئن وڌندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ عمران خان به فٽ نه هجي ها ته مان به هليو ويندس، گهٽ ۾ گهٽ ملڪ ته بچي ويندو. دنيا ۾ ٻن هزارن جي ڪرپشن تي وزيرن کي جيل موڪليو ويندو آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق ۽ فواد چوڌري چيو ته 20، 25 سالن ۾ نواز شريف ٻاهر ملڪيت اماڻي، ان جا ثبوت موجود آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جا ٻار ڪوڙ ڳالهائيندي پڪڙيا ويا آهن. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميان واپس پيو اچي، گهڻن کي مايوسي ٿيندي: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو): قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته منهنجي زبان سان …