27 ڇنڇر , مئي 2017

عمران کي سوڙهي گهٽي مان ڀڄڻ نه ڏينداسين: نواز ليگ

downloadاسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عمران خان حيران ڪري ڇڏيو، سندس وڪيل چوي ٿو ته پاناما کي هڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهايو، اسان ڪيس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ڏئي رهيا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو، خان صاحب توهان سدائين وانگر ڪوڙ ڳالهايو، الزام هنيو، احتجاجي ۽ انتشاري سياست ڪئي، هن ڀيري توهان کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، هن ملڪ ۾ هتڪ عزت جا قانون موجود آهن، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، توهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو، توهان ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم تي الزام ڇو هنيو، قانوني عدالت ۾ توهان جواب نه ڏئي سگهيا پر عوام جي عدالت ۾ توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ۾ اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي هڪ طرف رکو ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي ڌيان ڏنو وڃي،  هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان وزيراعظم جو ڪو تعلق نه هو. هن چيو ته عمران خان کي خبر هجڻ گهرجي ته اها ڳالهه هاڻي هتي نه رڪجندي، اڄ توهان عدالت ۾ چئو ٿا ته پاناما کي وساري ڇڏيو ۽ پاناما پيپرز تي به عمران خان گذريل 10 مهينا پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو جواب ڪير ڏيندو، هن پاڪستان جي ترقي جو سفر روڪيو ان جو جواب ڪير ڏيندو، رستن تي جيڪو انتشار پکيڙيو ان جو جواب ڪير ڏيندو، عمران خان خيبرپختونخواهه جي عوام سان ڪيل واعدا ٽن سالن ۾ پورا نه ڪيا ان جو جواب ڪير ڏيندو. نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو وڪيل لاڳاتار قلابازيون کائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ پاران ڪو به نئون ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته نعيم بخاري جي دليلن تي عمران خان مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي ٿو.هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا پهرين چوندا هئا ته وٽن ثبوت آهن، پر هاڻي وري چون پيا ته رڳو الزام آهن. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس جو ٿرما ميٽر عمران خان جو چهرو آهي، جيئن جيئن پاناما ڪيس اڳتي وڌي رهيو آهي، عمران خان جو مُنهن لهندو پيو وڃي، هاڻ ته نعيم بخاري به انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي ته هو اصل وڪيل ناهي. سپريم ڪورٽ اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا سوڙهي گهٽيءَ مان نڪرڻ چاهيان ٿا پر انهن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

Untitled-3 copy

آءِ جي منهنجي ماتحت جو به ماتحت آهي، 20 هين گريڊ جي آفيسر لاءِ وضاحتون پيو ڏيان: سهيل سيال

ڪراچي (رپورٽ : علي وقار) سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ وچ ۾ اختلاف شدت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي