20 آچر , آگسٽ 2017

فوجي عدالتن لاءِ ٻيهر ڪوششون نواز سرڪار جي ناڪامي آهي:ڊاڪٽر ايوب شيخ

photoڪراچي (رپورٽر): عمران خان نواز شريف کي بچائڻ واري سياست ڪري رهيو آهي، پ پ پ خضر حيات واري سياست پئي ڪري، ڏکڻ پنجاب هٿ ڪرڻ لاءِ پ پ پ ابتا سبتا فيصلا ڪري رهي آهي. فوجي عدالت جي قيام لاءِ ٻيهر سرگرميون نواز سرڪار جي ناڪامي آهن، پاڪستان ۾ ڏهاڙيءَ جي بنياد تي سياست ٿي رهي آهي، پ پ پ بنگالين جي حمايتي بڻجي وئي آهي، بنگالين جي حمايت سبب سنڌي ماڻهو پ پ پ کان پري ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته پاناما ليڪس معاملي تي نواز ليگ سوڙهي ٿي رهي آهي، پر عمران خان جي سياست نواز شريف کي نقصان ڏيڻ بدران فائدو ڏئي رهي آهي. عدالتي فيصلو جلد اچڻ سمورين جماعتن جي خواهش ضرور آهي، پر ڪيس بابت ڪير به سچو ناهي، سڀ جماعتون ڪم ٽپايو پاليسيءَ تي هلي رهيون آهن. هنن چيو ته شيخ رشيد به ڪنهن اشاري تي پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم بخاريءَ خلاف ڳالهايو. هنن چيو ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ ٻيهر سرگرميون نواز سرڪار جي ناڪامي آهن. پ پ پ وقتي طور خاموش هوندي پر پ پ پ به ڪنهن موقعي جي ڳولا ۾ آهي. هنن چيو ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو مطلب موجوده عدليه تي بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ آهي، پ پ پ ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو جي بنياد تي فوجي عدالتن جي قيام تي راضي ٿي ويندي. خالد کرل اهو شخص هو، جنهن مولانا جان محمد عباسيءَ کي پاڻ وڻائڻ لاءِ اغوا ڪرائي ذوالفقار علي ڀٽي خلاف تحريڪ جو بنياد رکيو. خالد کرل ۽ فيصل صالح حيات جي رات پيٽ ۾ پ پ پ ۾ شموليت واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. هنن چيو ته پ پ پ هميشه سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر نثار کهڙي کان ويندي سعيد غني تائين پ پ پ اڳواڻ بنگالي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن، اهي بنگالي ڪالهه ايم ڪيو ايم سان گڏ هئا ۽ اڄ پ پ پ سان گڏ آهن، اها سياست نه پر منافقت آهي، پ پ پ سنڌ جي ماڻهن کي واضح ٻڌائي ته اها بنگالين جي حامي آهي يا مخالف.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 2500 مان 60 سيڪڙو پاڻي رٿائون ناڪارا، عالمي ادارن سرڪار تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: علي نقرچ) سنڌ جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ  ۽  ٻهراڙي جي ترقي واري کاتي پاران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي