18 اربع , جنوري 2017

اڄوڪا جا ٻار اسان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪندا: وزير اعظم

nawaz-sharifاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته ٻار ملڪ جو مستقبل ۽ معمار آهن جڏهن ته اڄ جا ٻاهر اسان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ اسڪولن کي نيون بسون ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ٻار اندر جا سچا ۽ معصوم هوندا آهن، سمورا ٻار نواز شريف جي جان آهن ۽ مون کي انهن ٻارن تي فخر آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل ۽ معمار آهن ۽ پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته اسان پاڪستان جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ٻار ان کان 100سيڪڙو وڌيڪ ڪندا ۽ مون کي يقين آهي ته اسان ۽ توهان پاڪستان کي خوبصورت بڻائينداسين. وزير اعظم چيو ته بسن جيان ٻارن کي اسڪول جي ڪرسين تي ويهڻ جو مزو اچڻ گهرجي ۽ پڙهڻ کان پوءِ هو جنهن عهدي تي وڃن انهن تي به مزو اچڻ گهرجي جڏهن ته ٻارن جي پڙهائي جو معيار بهتر هئڻ گهرجي. ان موقعي تي سندس ڌيءَ مريم نواز چيو ته وزير اعظم سان اسڪولن جي لاءِ بسون فراهم ڪرڻ جي درخواست جيڪا هن فوري طور منظور ڪئي. اڄ اسڪول بسن جي پهرين کيپ اچي وئي آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن ٻارن اسان جي لاءِ خاص ٺاهي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khurshed Shah

خورشيد شاهه پنهنجي نالي تي 10 ڪروڙ رپين جي فڪس ڊپازٽ تي پريشان

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه پنهنجي نالي تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي