21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

عالمي امن کي خطرا آهن، جنگون روڪڻ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي: انتونيو گٽريس

antonio-guterres

نيويارڪ(ع آ نيوز) گڏيل قومن جي نئين سيڪريٽري جنرل انتونيو گٽريس دنيا ۾ جنگون خاص طور تي شام ۾ جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ نئين ٽياڪڙي واري حڪمت عملي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عالمي امن کي سخت خطرا آهن، انسان وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل بڻجڻ کان پوءِ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي پهريون ڀيرو ختاب ڪندي انتونيو گٽريس چيو ته جنگون روڪڻ لاءِ بلڪل نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ماڻهو جنگ جي ڳري قيمت ڀري رهيا آهن، انٽرنيشنل آرڊر کي سخت خطرا آهن. جلد ڪجھه ڪرڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسين عزم ٿا ڪريون ته 2017ع امن جو سال هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sanaullah Zahri

عوام نواز شريف کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي علامت ٿو سمجھي، سي پيڪ بلوچستان جي تقدير بدلائي ڇڏيندو: ثناءُ الله زهري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهريءَ چيو آهي ته نواز …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي