27 سومر , مارچ 2017

نائن اليون جو واقعو جهاز ٽڪرائجڻ سبب نه پر ميزائل حملي جو نتيجو هو: آمريڪي جنرل

albert-ann-stablebnنيويارڪ(ع آ نيوز) هڪ اڳوڻي آمريڪي جرنيل دعويٰ ڪئي آهي ته نائن اليون واقعي ۾ پينٽاگون جي عمارت سان جهاز نه ٽڪرايو هو پر ميزائل حملو ڪيو ويو هو. آمريڪي رٽائرڊ جنرل البرٽ اين سٽبليبن چيو آهي ته پنٽاگون جي عمارت تي ميزائل حملو ڪيو ويو هو پر آمريڪي انتظاميا جي جاچ رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. ميجر جنرل البرٽ اين سٽبليبن 1981ع کان 1984ع تائين آمريڪي فوج جو انٽيلي جنس اينڊ سيڪورٽي ڪمانڊر رهيو آهي. هن چيو ته مون پينٽاگون جي تباهه ٿيل عمارت جو احتياط سان معائنو ڪيو هو. آئون ڪنهن به صورت ان ڪوڙ تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس ته هي دهشتگردي جي ڪارروائي هئي. جيڪو ڪجھه مون ڏٺو اهو ڪم ڪو عرب دهشتگرد ته ڇا پر ڪو به ماڻهو نٿو ڪري سگھي. پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي آڏو هڪ تصوير آئي جنهن ۾ ٻيو پينٽاگون ڏيکاريو ويو هو ۽ حملي سان ان عمارت ۾ ٿيل سوراخ به. اهو سوراخ ايترو ته ننڍو هو جو ڪنهن جهاز سان ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. يقين آهي ته اهو سوراخ ميزائل سان ئي ٿيو هو ۽ آئون ان حقيقت کان آگاهه آهيان ته عمارت جي ملبي مان ميزائل جي ٽربائل جا ٽڪرا به نڪتا هئا. ڪجھه سالن کانپوءِ ئي مون چيو هو پر ان دعويٰ جي سچائي لاءِ مون جيڪي ثبوت ڏنا هئا اهي انٽرنيٽ تان هٽايا ويا هئا. آمريڪي حڪومت ان جي جاءِ تي پنهنجي مرضي جا هٿ ٺوڪيا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ مون عوام ۾ وڃڻ ۽ انهن کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .37

هي به ڏسي سگهو ٿا

sHIKAR PUR MAP

شڪاپور جي عدالت عيد نماز دوران آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

شڪارپور(ويب ڊيسڪ)  شڪارپور جي عدالت دهشتگردي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن دهشتگردن کي  موت  …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي