21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

افغانستان ۾ آپگھاتي ڌماڪا، پارليامينٽ ميمبرن سميت 38 ڄڻا مارجي ويا

afhhanistan-bomb-blastڪابل (ع آنيوز)  افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پارليامينٽ هائوس ڀرسان هڪ ٻئي پويان ٻن آپگھاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 38 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ پارليامينٽ ميمبر، سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جا ڪيترائي ميمبر پڻ شامل آهن. جڏهن ته افغان طالبان  ڌماڪن جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ڪابل ۾ پارليامينٽ جي عمارت ويجھو هڪ ٻئي پويان ٻه آپگھاتي حملا ڪيا ويا. آپگھاتي بمبار پاڻ کي ان وقت ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ماڻهن جو وڏو انگ موڪل ڪري پارليامينٽ مان ٻاهر نڪري رهيو هو. افغانستان جي صحت کاتي جي سينئر عهديدار سليم رسولي ڌماڪن ۾ 38 ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ 80 کان وڌيڪ جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sanaullah Zahri

عوام نواز شريف کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي علامت ٿو سمجھي، سي پيڪ بلوچستان جي تقدير بدلائي ڇڏيندو: ثناءُ الله زهري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهريءَ چيو آهي ته نواز …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي