21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

چين آخر ڪار بال پوائنٽ پين تيار ڪرڻ ۾ڪامياب

ball-point-nibbاوهان يقين نه ڪندو ته بهري جهاز، سٽلائيٽس آسمان ۾ ڇڏڻ ۽ بهترين بجلي تي هلندڙ پروڊڪٽس ٺاهيندڙ چين اڄ تائين پنهنجي هڪ بال پين ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ آخر ڪار هن لک ڪوششن بعد ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. چين بال پوائنٽ پين تيار ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ آهي پر اڄ تائين هو قلم جي نب ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ هن کي هي شئي درآمد ڪرڻي پوندي هئي، تائي يوآن آئرن اينڊ اسٽيل نالي چيني ڪمپني هاڻي اعلان ڪيو آهي ته 5 سال لڳاتار ڪوشش کان پوءِ آخر ڪار هو پين جي نب تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، ڪمپني موجب بال پوائنٽ پين جي نب جي تياري لاءِ اعليٰ درجي جو اسٽين ليس اسٽيل ۽ بهترين شين جي ضرورت پئي هئي، صدين کان چين جاپان ۽ سوئٽزرلينڊ مان اسٽين ليس اسٽيل ۽ ٻين شين کي گھرائي رهيو آهي، چين جي سڀ کان وڏي بال پوائنٽ پين ٺاهيندڙ ڪمپني بيفا گروپ مطابق انهن تائي يوآن کان قلم جي نب وٺڻ جو پهريون آرڊر ڏنو آهي ۽ يقين آهي ته ٻن سالن اندر ٻاهران ايندڙ شين جي ضرورت نه پوندي، هي اهو مسئلو آهي جيڪو صدين کان چين جي ڳچي پئجي ويو آهي ۽ چيني وزير اعظم چيو ته ان کان چيني ڪمپنين جي ساک متاثر ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

WhatsApp_Logo_7

واٽس ايپ تي موڪليل تصويرون ۽ اهم معلومات لِيڪ ٿيڻ جو انڪشاف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان پنهنجي دوستن کي پنهنجون تصويرون يا ڪو پيغام موڪلڻ لاءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي