25 جمعو , مئي 2018

شام ۾ داعش جا 19 دهشتگرد مارجي ويا

news-1484053221-6957_largeانقره(ويب ڊيسڪ) ترڪ فوج جي شام جي شهر الباب جي آس پاس ڪارروائي دوران 19 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي جي فورسز شامي شهر الباب  جي 2 ڳوٺن بزاعا ۽ سفلانيا ۾ ڪارروائي ڪئي. ان ڪارروئي جي نتيجي ۾ داعش جا 19 دهشتگرد مارجي ويا، ترڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪ فورسز هي ڪاررائيون 24 ڪلاڪن جي اندر ڪيون آهن، 3 بارودي گاڏيون ۽ راڪيٽ لانچر پيڊز به تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ترجمان وڌيڪ چيو ته داعش جي 267 ٺڪاڻڻ کي نشانو بڻايو ويو، ان آپريشن ۾ ترڪ فوج جي زميني دستن ۽ هوائي فوج به حصو ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏکڻ آفريقا ۾ ڌاڙي جي واردات دوران 2 پاڪستاني ڀائر مارجي ويا

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي 2 پاڪستاني ڀائر قتل ٿي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے