21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

خارڪن سان مختلف بيمارين جو علاج

dates_blog_2-2000x1086-900x400خارڪون قوت بخش ته آهن ئي پر انهن سان ڪيترين ئي بيمارين جو علاج به ڪيو ويندو آهي. خارڪون کائڻ سان جسم ۾ توانائي اچي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو ان ۾ ڪيترائي وٽامن هوندا آهن، جن ۾ وٽامن اَي، س، اِي، ڪي، بي_2 ۽ بي_6 شامل آهن. خارڪ ۾ اهم معدنيات يعني آئرن، پوٽاشيم، فاسفورس ۽ ڪوپر وڏي مقدار ۾ هوندو آهي. انهن سمورين شين کان سواءِ اسان جي جسم جون خليون پنهنجو ڪم صحيح طرح سان انجام نٿو ڏئي سگھي. ان کان سواءِ رت ۾ هيموگلوبن ۽ آڪسيجن فراهم ڪرڻ لاءِ آئرن ضروري آهي، خارڪ آئرن حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. جن ماڻهن ۾ رت جي کوٽ هجي ٿي اهي خارڪ مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. خارڪون کائڻ سان ڪيلشيم وڏي مقدار ۾ ملي ٿو. هڏا ۽ ڏند مضبوط رکڻ لاءِ ڪيلشيم اهم آهي. پنهنجي غذا ۾ خارڪ کي شامل ڪري سنڌن جي سور ۽ رت ڳڙين کان بچي سگھجي ٿو. هن جي استعمال سان ڏند خراب ٿيڻ کان بچيل رهن ٿا. خارڪ کائڻ سان قبض ختم ٿي وڃي ٿي. جن ماڻهن کي قبضي جي شڪايت آهي اهي روزانو رات جو ڪجھه خارڪون کڻي پاڻي ۾ پُسائي رکن ۽ صبح جو کائين ڇڏين. خارڪن جو سڀ کان وڏو فائدو دل لاءِ هوندو آهي. ڇو جو ان ۾ ڪوليسٽرول ناهي هوندو ۽ فيٽس به تمام گھني مقدار ۾ هوندو آهي. ماهرن جي صلاح آهي ته رت ۾ موجود ڪوليسٽرول کي گھٽائڻ لاءِ خارڪون کائڻ گهرجن، ان کان سواءِ خارڪن ۾ موجود پوٽاشيم ۽ سوڊيم بلڊپريشر کي به ڪنٽرول ڪري ٿو. خارڪن ۾ موجود اينٽي اوڪسي ڊنٽ هاضمي جي نظام کي طاقتور ڪندو آهي جنهن سان هاضمو درست ٿي وڃي ٿو. ان کان سواءِ هي تيزابيت، پيٽ جي السر ۽ سيني جي ساڙ لاءِ به فائدي مند آهي.  ان کان سواءِ خارڪ کائڻ سان رڳون مضبوط ٿين ٿيون ۽ جوڙ صحيح ٿين ٿا. ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ خارڪ جو استعمال نهايت فائديمند آهي. فوري توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ خارڪ جو استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان جي استعمال سان انسان پنهنجي اسٽيمنا وڌائي سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tooth paste

ٽوٿ پيسٽ ڏند صاف ناهن ڪندا…!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ طبي ماهر جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان ماڻهو ڏند …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي