30 آچر , اپريل 2017

وفاقي حڪومت ادارا پنهنجي مرضي سان نه هلائي: لاهور هاءِ ڪورٽ

lahore-high-courtلاهور(ع آنيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان کي نادرا بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته سرڪاري وڪيل حڪومت کي ٻڌائي ته سرڪاري ادارن کي مرضي سان نه هلائي. نادرا اٿارٽي بورڊ جي 8 ميمبرن جي مقرري واري قدمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٿي. ان موقعي تي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته نادرا ميمبرن ۾ ميرٽ يک نظر انداز ڪيو ويو آهي، نادرا خودمختيار ادارو آهي، گھرو وزير اجلاسن جي سربراهي پيو ڪري جيڪو نٿو ڪري سگھي. عدالت گھرو وزير چوڌري نثار کي نادرا بورڊ جي اجلاس جي صدارت کان روڪيندي نادرا ميمبرن طارق محمود ۽ طارق اڪبر  کي ڪم کان روڪي ڇڏيو. عدالت ٻنهي ميمبرن کي ڪم کان روڪڻ لاءِ منع نامو جاري ڪندي نادرا جي ڊپٽي چيئرمين کي چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪم کان به روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس جا رمارڪس هئا ته ادارن جي آزادي تي سوديبازي ٿيڻ نه ڏينداسين. سرڪاري وڪيل حڪومت کي ٻڌائي ته ادارن يک پنهنجي مرضي سان نه هلائي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

asif-kirmani

عمران خان سياست ۾ رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي: ڊاڪٽر آصف ڪرماني

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي خاص مددگار آصف ڪرماني چيو آهي ته عمران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي