22 بدھ , نومبر 2017

شاهينن وارم اپ ميچ ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون کي گهمائي لاٿو

pak-vs-ausبرسبين (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ون ڊي ٽيم وارم اپ ميچ ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون کي 196 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسبين ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ پهريان کيڏندي پاڪستاني ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ بابر اعظم بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سڀ کان وڌيڪ 98 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شرجيل خان 62، عمر اڪمل 54 ۽ شعيب ملڪ پڻ 49 رنسن جي اننگ کيڏي. جواب ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون 36.2 اوورن ۾ 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان حسن علي 3، عماد وسيم ۽ شعيب ملڪ 2-2، جڏهن ته محمد نواز، راحت علي ۽ اظهر علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي ٽيم جي ناقص ڪارگردگي تي فيڊريشن جو بي حسي جو اظهار

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي هاڪي ٽيم جي ناقص ڪارگردگي تي سيڪريٽري پي ايڇ ايف شهباز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے