23 خميس , فيبروري 2017

دهشتگردي: مسئلي جو مستقل حل ڳولڻ گهرجي

پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي 16 ڊسمبر 2014ع تي ٿيل خوني ۽ هيانءَ ڏاريندڙ حملي کانپوءِ ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت گڏجي ويهي ملڪ مان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ويهه نقاطي قومي ايڪشن پلان جوڙيو هو. انهيءَ ايڪشن پلان جو هڪڙو نقطو دهشتگرديءَ جي ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ملڪ اندر فوجي عدالتن جو قيام به هو. پاڪستان ۾ جيئن ته 2008ع کان وٺي جمهوري نظام قائم آهي. 2008ع ۾ عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪيو ۽ ان کانپوءِ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا جماعت ڪامياب ٿي، تنهن جي حڪومت قائم ٿي، سو چئي سگهجي ٿو ته اهڙي ماحول ۾ جڏهن ملڪ اندر جمهوري نظام ريڙهيون پائيندي مضبوطيءَ ڏانهن وڌي به رهيو هجي ۽ لاهن چاڙهن جي به ور چڙهيل هجي، ان ۾ فوجي عدالتن جو قيام سياسي ڌرين لاءِ هڪ وڏي چيلينج ۽ پنهنجي ساک داءَ تي لڳائڻ کان گهٽ نه هو. اهڙا منظر فوجي عدالتن جي قيام بابت آئيني ترميم جي پارليامينٽ مان منظوريءَ وقت به ڏسڻ ۾ آيا هئا.

پر ملڪ اندر جيئن ته دهشتگردي ناسور بڻجي وئي هئي، نه ٻار محفوظ هئا، نه وڏا، نه قانون لاڳو ڪندڙ ادارا محفوظ هئا نه ئي سول ادارا، اهڙي عالم ۾ دهشتگرديءَ جي راڪاس جي مٿي چٿ لاءِ فوجي عدالتن جو قيام اڻٽر بڻجي ويو هو.

سياسي ۽ فوجي قيادت جي اتفاق راءِ کانپوءِ آئين ۾ ايڪيهين آئيني ترميم توڙي آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم ڪندي ملڪ اندر ٻن سالن لاءِ فوجي عدالتن جو قيام 6 جنوري 2015ع تي عمل ۾ آندو ويو، جن جو مدو 6 جنوري 2016ع تي يعني هلندڙ مهيني پورو ٿيو. هنن ترميمن تحت فوجي عدالتن کي پابندي پيل تنظيمن سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جو اختيار ۽ مينڊيٽ ڏنو ويو.

انهن عدالتن جو مدو پورو ٿيڻ شرط گهرو وزير چوڌري نثار علي خان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته فوجي عدالتن جو مدو وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي. جڏهن فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي آچر ڏينهن جاري هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي هئي ته فوجي عدالتون باضابطا طور ختم ٿي ويون آهن. بيان ۾ چيو ويو هو ته عدالتي نظام جي دٻاءَ ۾ هئڻ ۽ ججن جي دهشتگرديءَ کان متاثر ٿيڻ جي ڪري فوجي عدالتون ٺهيون. آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ 274 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻيا ويا، 161 دهشتگردن کي موت جي سزا ملي.

هوڏانهن ڪالهه وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ واڌ لاءِ آئين ۾ ترميم بابت صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن جي قيام سان دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ مدد ملي ۽ اهو ته آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ڪاميابين کي ديرپا بڻائڻ لاءِ فوجي عدالتن ۾ واڌ بابت ترميم لاءِ صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان، جنهن ۽ جهڙي قسم جي حالتن ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو هو، اهڙين حالتن ۾ فوجي عدالتن جي قيام واري ڪَڙي گوري ڳِهڻ سياسي ۽ جمهوري ڌرين لاءِ اڻٽر ٿي ويو هو. نه رڳو ايترو پر آپريشن ضرب عضب، قومي ايڪشن پلان ۽ تحت فوجي عدالتن جي قيام توڙي انهن عدالتن ذريعي دهشتگرديءَ جي وڏين وارداتن ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري سزائن ۽ انهن سزائن تي عمل جي نتيجي ۾ ملڪ اندر دهشتگرديءَ ۾ ڳاڻيٽي جوڳي ڪمي ضرور ٿي آهي، پر جيتري قدر فوجي عدالتن ۾ واڌ جو تعلق آهي ته فوجي عدالتون ڪنهن به نموني معاملي جو مستقل ۽ پائيدار حل ٿي نه ٿيون سگهن.

ملڪ مان دهشتگردي جيئن ته مڪمل ختم ناهي ٿي ۽ دهشتگرد ٻرن مان نڪري ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته واردات ڪري ٿا وڃن جو دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۾ جيڪي ڪجهه حاصل ٿيو آهي، تنهن ڪئي ڪمائيءَ تي ئي پاڻي ڦِري ٿو وڃي، ملڪ اندر ڪمزور عدالتي نظام دهشتگرديءَ جي ڪيسن جي تڪڙي اطلاع جي گهربل رفتار نه هئڻ، شاهدن جي تحفظ جوڳو بندوبست نه هئڻ سميت انهيءَ سلسلي ۾ موجود ڪمين ۽ ڪوتاهين کي نظر ۾ رکندي جي فوجي عدالتن ۾ واڌ ڪئي به وڃي ٿي ته هڪ ته ان لاءِ سمورين سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ جو اتفاق راءِ ضروري آهي ۽ ٻيو ته جي فوجي عدالتون قائم ڪيون به وڃن ته اهي انتهائي مختصر عرصي لاءِ هئڻ گهرجن، ان عرصي دوران ملڪ ۾ رائج انصاف واري نظام ۾ موجود خامين ۽ ڪوتاهين کي ختم ڪري ان کي ان لائق بڻايو وڃي جيئن دهشتگرديءَ جهڙي سنگين ڏوهه جي ڏوهارين جا تڪڙا ڪيس اڪلائجي ۽ منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لائق بڻجي سگهي. ايئن ٿيڻ سان نه ته فوجي عدالتن جي قيام ۽ نه ئي وري انهن ۾ واڌ ڪرڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. نه رڳو ايترو پر ان ڏس ۾ ڳجهن ادارن جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن ۾ اثرائتي رابطي کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ سِول حق متاثر نه ٿيڻ کي به يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

ملڪي آئين ۾ هر معاملي جو حل سمايل آهي پر بس مسئلو رڳو آئين تي ان جي روح مطابق عمل يقيني بڻائڻ جو آهي. آئين تي هلندي، آئين تحت قاعدن ۽ قانون جي پوئواري ڪندي دهشتگردي ته ڇا هر مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل ڪڍي سگهجي ٿو.

اڱارو 10 جنوري 2017ع، 11 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا

سنڌ جي ڌرتي ۽ ان تي موجود صوفين، درويشن، بزرگن ۽ اعليٰ پائي جي شاعرن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي