26 اربع , جولاءِ 2017

نئين سال جي پهرين هفتي ۾ ڪراچي ۾ 17 ۽ ٻين ضلعن ۾ 7 ڄڻا ڊينگي وائرس جو شڪار ٿيا

dengtڪراچي(ويب ڊيسڪ) نئين سال جي پهرين هفتي ۾ ڪراچي ۾ 17 ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 7 ڄڻا ڊينگي وائرس جو شڪار ٿيا. ڊينگي جي خاتمي واري سيل جي سربراهه ڊاڪٽر مسعود سولنگي موجب هڪ هفتي ۾ ڪراچي جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي ۾ مبتلا 17 مريض آندا ويا. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ رڳو 7 ڄڻا ڊينگي جو شڪار ٿيا. ڊاڪٽر مسعود سولنگي موجب گذريل سال ڊينگي 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجو نشانو بڻايو هو جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. سال 2016 ۾ ٽي ڄڻا ڊينگي سبب زندگي جي بازي هارائي ويٺا. ٻئي پاسي شهر ۾ گند ۽ جڳهه جڳهه تي بيٺل پاڻي سبب مڇر وڌي ويا آهن جنهن جي ڪري ڊينگي ۽ چڪن گونيا جو مرض وڌڻ جو خدشو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زال مڙس جا جراثيم به هڪ جهڙا ٿي ويندا آهن: تحقيق

ٽورانٽو(ويب ڊيسڪ) چيو ويندو آهي ته طويل عرصي تائين گڏ رهندڙ زال مڙس جا منهن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي