30 آچر , اپريل 2017

واٽس ايپ، فيس بُڪ ميسنجر ۽ اسڪائپ کان پوءِ ” ايمو“ تي به پابندي لاڳو

imoرياض (ويب ڊيسڪ) پرڏيهه ۾ موجود پاڪستاني پنهنجن پيارن سان رابطو ڪرڻ لاءِ سستن ۽ آسان ذريعن جو استعمال ڪندا آهن سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز واٽس ايپ، اسڪائپ، فيس بُڪ ميسنجر ۽ ٻيا آسان ۽ سستا ذريعا آهن ۽ سعودي عرب ۾ انهن ايپليڪيشنن ذريعي ڪال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن ڪري ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سعودي عرب ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو انهن ايپليڪشنن جو استعمال ڪندا آهن پر حڪومت پاران انهن تي به پابندي لاڳو ڪرڻ سبب ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻو ٿو پوي، پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پيارن کي واٽس ايپ ذريعي پيغام موڪليندا هئا پر هاڻي اهو ذريعو به بند ٿي ويو آهي.اُنهن سمورين ايپليڪيشنن تي پابندي لڳڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو رابطو ڪرڻ لاءِ ” ايمو“ جو سهارو وٺندا هئا پر هاڻي ان تي به پابندي لاڳو ڪرڻ جا اطلاع ملن پيا، جنهن ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رابطو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

galaxy 8

سام سنگ گيلڪسي 8 به مسئلن جو شڪار

سيئول( ويب ڊيسڪ)  سام سانگ پنهنجو نئون فيلگ شپ اسمارٽ فون ” گيلڪسي ايس 8“ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي