20 آچر , آگسٽ 2017

وٽامن ڊي جي گهٽتائي مٿي ۾ ڊگهي عرصي تائين سور جو سبب بڻجي سگهي ٿي:ماهر

head-pain

بيلسنڪي(ويب ڊيسڪ) فن لينڊ ۾ عوامي صحت بابت ٿيل مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته جسم ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي سبب وڏي عرصي تائين مٿي ۾ سور جي شڪايت وڌي سگهي ٿي، هي پهريون مطالعو آهي جنهن ۾ ڊگهي عرصو مٿي ۾ سور  ۽ وٽامن ڊي جي گهٽتائي ۾ پاڻ ۾ تعلق کي ثابت ڪيو ويو آهي جڏهن ته  ماهرن کي اڳي ئي اهڙي معاملي بابت کٽڪا هئا، ان مطالعي ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي وٽامن ڊي جي گهٽتائي جو مسلسل شڪار هئا انهن ۾ ڊگهي عرصي تائين مٿي جي سور جو خطرو به ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو يا ان کان به وڌيڪ هيو. 42 کان 60 سال جي 2600 مردن تي ڪيل ان مطالعي ۾ 6 سال تائين رت ۾ وٽامن ڊي جي مقدار جو جائزو ورتو ويو جنهن سان معلوم ٿيو ته هر بالغ مرد جنهن جي رت ۾ وٽامن ڊي جي مقدار 20 نينو گرام في ملي ليٽر يا ان کان گهٽ هجي، انهن کي مٿي ۾ وڏي عرصي تائين سور جو خطرو به ٻين جي نسبت وڌيڪ هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻار جيتري وزرش ڪندا اوترا ئي ذهني ۽ جسماني طور تندرست رهندا:ماهرن

ٽورانٽو(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن ٻارکي  ڀڄڻ ۽ وزرش جا عادي بڻايو وڃي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي