29 اربع , مارچ 2017

نوڪيا پنهنجي نئين ايڊروائيڊ موبائيل فون متعارف ڪرائي ڇڏي

nokiaلاهور ( ويب ڊيسڪ ) ماضي ۾ موبائل فونن جي دنيا ۾ راج ڪرڻ واري ڪمپني “نوڪيا“ هاڻي سمارٽ فونن جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجو سمارٽ فون متعارف ڪرائي ٻين ڪمپنيو ن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي  ڇڏي آهي. گذريل سال نوڪيا وارن اعلان ڪيو هو ته هو ايم ڊي گلوبل سان  گڏجي سمارٽ فونن جي دنيا ۾ قسمت آزمائي ڪندي ۽ هاڻي پارٽنر شپ تحت پهريون سمارٽ فون به منظر عام تي  اچي ويو آهي، nokia6 اڄ متعارف ٿيو آهي جيڪو خوبصورت سمارٽ فون آهي، 5 انچن اسڪرين واري هن سمارٽ فون جي ريزولوشن 1920x 1080 ۽ هن ۾ 16 ميگاپڪسل بيڪ ڪيمرا ۽ 8 ڪيمرا ميگاپڪسل فرنٽ لڳائي وئي آهي. نوڪيا 6 ۾ سنيپ ڊريگون 430 پراسير لڳائي وئي آهي. هي سمارٽ فون جلدي  چين جي مشهور سٽور تي وڪرو ڪيو ويندو، جنهن جي قيمت 246 امريڪي ڊالر (25780) پاڪستاني رپيا هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Moon'

جرمني دنيا جو سڀ کان وڏو مصنوعي سج تيار ڪري ورتو

ڪولون(ويب ڊيسڪ) جرمني جي سائنسدانن دنيا جو سڀ کان وڏو مصنوعي سج روشن ڪري ڇڏيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي