21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

سنڌ جي وجود تي وڏي ۾ وڏو وارُ عقيدائي نفرتون

جڏهن به سنڌ صوبي ۾، سياسي حڪمراني توڙي سياسي ۽ انتظامي تبديلين جي ڳالهه نڪرندي آهي، ڪي اهم معاملا وچڙجي پوندا آهن ته ڪيئي اهم توڙي لڱ ڏڪائيندڙ واقعا پڻ ٿيندا آهن. انهن واقعن کي پوليس توڙي قانون ”عام“ واقعا سمجهي انهن کي پاليسي ۽ قانون پٽاندڙ منهن ڏيندا آهن، پر انهن واقعن جي حوالي سان اها اهم ڪڙي ڪڏهن به بحث هيٺ نه ايندي آهي يا نه آندي ويندي آهي يا اڃا به ايئن چئجي ته ان پاسي سوچڻ جو امرُ ئي نه هوندو آهي، تنهن ڪري اهي واقعا ان نئين سياسي ۽ انتظامي تبديلي جي ڀاڱي ۾ داخل ٿي پهرئين ڏينهن کان پنهنجو وزن وجهي ڇڏيندا آهن.

ڪراچي شهر ۾ ٻن سنڌي فوجي جوانن جي قتل سميت سنڌ جي آخري ڇيڙي ضلعي گهوٽڪي ۾ قران پاڪ جي ورقن کي ساڙڻ، مبينه طور گرفتار ٿيل هڪ مجذوب، هندو مان مسلمان بڻيل نوجوان جي خطرناڪ حرڪت جي مبينه ردعمل ۾ هڪ نوجوان سنڌي واپاري ستيش ڪمار جي قتل ۽ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف وسندين ۾ پيدا ٿيل تاءُ اهڙا واقعا آهن جيڪي ايئن بنا سبب جي نه ٿا ٿين. ايئن سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي کان وٺي گهوٽڪي تائين مسئلن جي ڀنڍار ۾ ڪجهه واڌ ڪرڻ جون اهي سڀ کان ڪريل ۽ بخشي نه سگهڻ جهڙيون حرڪتون آهن. پوءِ قران پاڪ سان ٿيل واقعو هجي يا سنڌي فوجي جوانن جو قتل.

گهوٽڪي جي وسندي  ڏهرڪي جي هڪ ڳوٺ محراب سميجو جي مڪاني مسجد ۾ هڪ اڳوڻو هندو امرلعل جيڪو مسلمان ٿيو هيو، پر هن جي مجذوب حالت جي ڪري علائقي ۾ هو مسجد ۾ وڃڻ لاءِ به آزاد هيو ته مندر ۾ به رهي سگهندو هيو. هن جي لاءِ شروعاتي اطلاع اهي آهن ته هن کي ٺري ڏونڪڻ جي علت ۽ عادت بيماري جي حد تائين هوندي هئي. ٻه ڏينهن اڳ، مسجد ۾ هن اها مبينه طور ڪريل حرڪت ڪئي. جنهن تي ردعمل ۾ وري قاتلن معصوم ۽ بيگناهه هندن تي حملا ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري علائقي جا سمورا شهر ۽ شاهراهون بند ڪرايا ويا، ٻن زخمين مان هڪ گذاري ويو ۽ ٻيو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتالن جي آسري ۾ آهي.

عوام اندر پيدا ٿيل يا پيدا ڪرايل نفرت جيڪا عقيدي جي بنياد تي موجود هئي، تنهن آهر، انهن ماڻهن کي جيڪا شيءِ سامهون آئي تنهن تي حملو ڪيائون. ذڪر ڪيل ٻيئي نوجوان ستيش ۽ انيواش به ميرپورماٿيلي جي هڪ هوٽل تي چانهه پي رهيا هئا، جڏهن مٿن حملو ڪيو ويو. نه اها هوٽل هندو يا مسلم هئي، نه اهي ڪوپ بسيون، نه چانهه جو کير ۽ پاڻي ڪنهن ڌرمي سلهه ۾ ورتل هيا. نه پاڪستان پئي ٺهيو ۽ نه وري هندستان جو ورهاڱو پئي ٿيو.

گهوٽڪي جي محنتي ايس ايس پي مسٽر بنگش واقعي سان منهن ڏيڻ لاءِ وس ڪيا، جڏهن هو سوڀارو نه ٿيو ته پاڙي جي سکر ضلعي جي ايس ايس پي امجد شيخ پنهنجون ڪوششون ڪيون. هن جي گاڏي تي پڻ حملو ڪيو ويو. رينجرز آيا، معاملو ٺاپر پاسي آهي پر اُڀاريل نفرتون اندر ۾ موجود آهن.

امر لعل جيڪو خبرن موجب تازو مسلمان ٿيو هيو، ان کي هاڻي قانون موجب ڪهڙي کاتي ۾ لکجي؟ فرض ڪجي ته هو هندو آهي ته به سزا جي لائق آهي، پر جي فرض ڪريو ته هو مسلمان آهي ته به هو سزا  جو حقدار آهي. قانون موجب، ميڊيڪل سائنس جيڪڏهن، هن کي عادي نشئي، مجذوب، ڪل کان ٿڙيل ٺهرائي ٿي ته پوءِ هن جي مٿان ڏوهه جون تلوارون ٻئي نموني اڀيون ٿينديون. پر، جيڪو معصوم سنڌي قتل ٿيو، ان جو حساب ڪنهن کان وٺجي؟ اهو حساب ڪير ڀريندو؟ ڇا اهو انسان ناهي، ڇا اهو قانون موجب انصاف نه ٿو لهڻي، ڇا ان کي هندو سمجهي قتل ڪرڻ وارا انصاف، قانون ۽ هر قسم جي پُڇا کان آجا آهن؟

سڄي سنڌ جي عوام کي گهرجي ته عقيدي جي بنياد تي نفرتون وڌائڻ جي ڪنهن به سلسلي کي نه رڳو ٻنجو ڏنو وڃي، پر سنڌ کي جيڪو اتحاد گهرجي، جيڪا ڀائپي گهرجي، جيڪا ميٺ محبت گهرجي، جيڪا پنهنجائپ گهرجي، جيڪو امن گهرجي انهن سمورن انساني اظهارن ۽ روين جي اڳيان اهي عقيدائي نفرتون وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ ۽ آڙاهه جو ڪم ڪن ٿيون. اهي نفرتون سنڌ جي تاريخ توڙي تهذيبي حوالن تي وڏي ۾ وڏو حملو آهن، انهن خلاف سڀني کي گڏ ٿيڻ ۾ ئي سنڌ جي ڀلائي آهي. پر، جيڪي قوتون، انهن نفرتن کي هڪ تيليءَ وسيلي وڏي آڙاهه ۾ بدلائڻ چاهين ٿون، ڀاءُ کي ڀاءُ خلاف ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي پڪ سمجهيو ته سنڌ جي وجود ۽ ان جي اڃا تائين موجود رهڻ جي خلاف آهن. اها ترڪيب ۽ ترتيب سنڌ کي هرگز قبول ناهي.

ڪراچي ۾ ٻن سنڌي فوجين کي ان ڪري قتل ڪيو ويو ته اهي سنڌي هيا؟ ان جو جواب اهو آهي ته جمهوري دور ۾ پاڪستان جي فوج ڪڏهن به نسلي اظهار جي داعي نه رهي آهي. هن دور ۾ به سڄي فوج پاڪستاني فوج آهي، اها سنڌي ، پنجابي، بلوچي يا پختون ناهي. پر، ايوب خان، جنرل ضيا يا جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ فوجي سربراهن جو اظهار ۽ بيان جو طريقو پاڪستاني گهٽ نسلي وڌيڪ رهيو هيو.

پر، صدر جي علائقي ۾ پاڪستاني فوجن تي حملو ڪرڻ وقت سڀ شاهديون اڳواٽ گم هجن، سموريون رڪارڊنگ ڪندڙ ٽي ويون اڳواٽ بند ڪيون وڃن. ان سڄي ماجرا کي ڳولڻ جي به ايتري ئي گهرج آهي، جيتري قاتلن کي توڙ تائين پهچائڻ جي.

خميس 28 جولاءِ  2016ع، 23 شوال1437 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

 رڳو پ پ پ  اڳواڻن جي اڪائونٽن ۾ اڏامي ايندڙ ڪروڙين رپيا

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻن اهم پارليماني اڳواڻن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڏهه ڏهه ڪروڙ رپيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي