21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

جسم ۾ فولاد جي گهٽتائي سان ٻڌڻ واري قوت متاثر ٿي سگهي ٿي:تحقيق

deaf-menپينسلوانيا(ويب ڊيسڪ) جسم ۾ فولاد جي گهٽتائي کي انيميا چيو ويندو آهي، جنهن جا جسم تي ناڪاري اثر پوندا آهن، پر هڪ نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته فولاد جي گهٽتائي سان ٻڌڻ واري قوت به سخت متاثر ٿيندي آهي. جن ماڻهن جي رت ۾ فولاد جي مسلسل گهٽتائي هجي، ان جي ٻڌڻ واري قوت گهٽ هوندي. جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن پنهنجي جاچ ۾ ٻڌايو ته پينسلوانيا جي شهر بارشي ۾ 21 کان 91 سالن جي 3 لک ماڻهن جي طبي ڊيٽا پڙهي وئي جنهن مان معلوم ٿيو ته جن ماڻهن جي رت ۾ فولاد معمول کان گهٽ هوندو آهي انهن ۾ ٻين صحت مند ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻڌڻ جي بيماري جو خٽڪو 2.4 هوندو آهي. اهڙي طرح ان ۾ سينسري نيورل عارضو 1.8 سيڪڙو هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tooth paste

ٽوٿ پيسٽ ڏند صاف ناهن ڪندا…!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ طبي ماهر جو چوڻ آهي ته جنهن طريقي سان ماڻهو ڏند …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي