21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

نائلا رند سانحو: ڏکن هوندي به تبديل ٿيڻ جي گهرج

جاگيرن جي جهنمن جي پاڇي ۾ پلجندڙ سنڌي نياڻيون قمبر کان اچن يا شڪارپور کان، انهن جو نالو نائلا رند هجي، وينا حيات هجي يا ڊاڪٽر فوزيا ڀٽو، اهي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هجن يا پيپلزميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ۾ اهي پنهنجي زندگي پوري ٿيڻ کان اڳ پوريون ڪيون وڃن ٿيون. اهي جڏهن جيئريون آهن ته ادارن ۾ انهن جو اوهي واهي ڪير به ڪونهي. نه انتظاميا، نه سياسي تنظيمون، نه وري ڪي سماجي ادارا ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ سرگرم شخصيتون.

ڌمڪين، هراس، طبقاتي مڙسيءَ جي ور چڙهيل اهي عورتون ”مزاحمت“ ۽ ”قتل“ جي ٻواٽي تي پهچن ٿيون. اڪيليون هجن ٿيون، نراسيل، هيسيل هرڻين وانگر  کين ڪير به مدد نه ٿو ڪري،  انهن تي نظر رکندڙ قاتل ۽ ماري پنهنجي سهولتڪارن سان گڏجي انهن عورتن جي جيئڻ جا رستا بند ڪري ڇڏين ٿا. مزاحمت بدران پاڻ کي ٽياس تي ٽنگڻ جو رستو ئي آخري بچي ٿو.

ٻه ڏينهن اڳ، حيدرآباد جي ڪمشنر چٽا لفظ چيا ته ” نائلا رند جي سانحي جي جاچ تي ٽي ڏينهن يونيورسٽي وارن وڃائي ڇڏيا آهن، جاچ درست نه ٿي آهي“ ان جي وضاحت هڪ ته ڪمشنر موصوف ڪندو ۽ ٻيون سنڌ يونيورسٽي پاران جاچ ڪميٽي تي رکيل موصوف ڪندا. پر ڪالهه ، حيدرآباد جي ڊي آءِ جي مسٽر خادم رند پاران ان قتل نما آپگهات جي باري ۾ جيڪي سچايون يا شروعاتي ڳالهيون سامهون آنديون آهن، ڪجهه هٿيڪا ڪيل اميدوارن مان هڪ ڄڻي پاران جنهن نموني پنهنجي والدين جي طبقاتي مرتبن جو ناجائز استعمال ڪندي هڪ نياڻيءَ کي پاڻ مارڻ لاءِ مجبور ڪيو، تنهن سان مبينه قاتل جا پيرا ته ظاهر ٿي رهيا آهن، پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جن 30 شاگردياڻين جي بي وسيءَ جون ڪهاڻيون فون اسڪرين جي پويان فلمبند ٿيل آهن انهن سمورين ڳالهين جا پيرا رڳو سنڌ يونيورسٽي جي بدمست انتظاميا ڏانهن وڃن ٿا، جن کي ڄڻ ته اها ڳالهه معمول جهڙي ٿي لڳي. ڄڻ ته قتل جا دڪان کليل هجن جنهن ۾ ڪڏهن نائلا ته ڪڏهن فوزيا ته ڪڏهن شبانا ته ڪڏهن ڪير ته ڪڏهن ڪير.

وقت اچي ويو آهي ته نائلا سانحي مان سڀ سکڻ جي شروعات ڪريون:

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جنهن کي شاگردن جي سنڀال سان گڏ انهن جي علمي اهليت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻا آهن، جن جي استادن کي پڙهائڻو آهي، جن جي استادن جي ٽريننگ به ٿيڻي آهي، جن جي استادن کي جديد علمن مان سکي به اچڻو آهي. شاگردن جي سنڀال پنهنجي اولاد وانگر ڪرڻي آهي. ڇوڪرين کي ڌمڪائيندڙ، انهن جي ڊگرين لاءِ انهن کي محتاج بڻائڻ، انهن کا رقمون وٺڻ، انهن جا ٿيسز پلصراط مان پار ڪري پوءِ پاس ڪرڻ وغيره جهڙن عملن مان جان ڇڏائڻي پوندي.

نائلا جي نالي تي انهن سمورين عورتن کي ڳالهائڻو پوندو جيڪي هر روز موتمار نظرن سان گهائجن ٿيون، جن جون رڙيون ڪوڪون ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي. انهن کي سمورن تعليمي ادارن ۾ موجود هاسٽلن جي انتظام ۾ خرابين تي ڳالهائڻو پوندو، انهن جي بندوبستن کي بهتر ڪرائڻو پوندو، چوڪسيءَ کان ويندي انتظامن ۽ بچاءَ تائين سمورا خيال پورا پورا رکڻا پوندا.

سنڌ سرڪار کي سمورين يونيورسٽين ۽ جتي جتي هاسٽلون آهن، انهن ۾ شاگردن ۽ ساگردياڻين جي سنڀال ۽ تاتڻ تائين هرممڪن ۽ بهتر اپاءَ وٺنا پوندا. ان سلسلي ۾، جيڪا به انتظاميا جتي به ڪم ڪري ٿي، انهن کي ماهوار منٿليون ڏيڻ جهڙا ڪڌا ڪم بند ڪرڻا پوندا، جيڪي منٿليون ورهين کان هلڻ جون خبرون اينديون رهيون.  ڄڻ ته اهي يونيورسٽيون نه هجن ظالم پوليس وارن سان سٿيل ٿاڻا هجن، جتي صوبيدار ٿاڻي جو واڪ لڳائي اچي ٿو ۽ نوڪري تي چڙهڻ شرط پنهنجي پنهنجي حد ۾ ڪنهن قتل، ڪنهن وڏي واقعي جو انتظار ڪري ٿو ته جيئن طئي ٿيل رقمون پهچائي سگهي.

نائلا جي واقعي جو هڪڙو ٽوڙ اهو به هجڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وائيس چانسلر پڻ سرڪار سان ڳالهائڻ شروع ڪن  ۽ هو پنهنجو ڪردار صوبيدار مان تبديل ڪن ۽ يونيورسٽين کي ٿاڻي جهڙو سمجهڻ کان انڪار ڪن.

ڇنڇر 7 جنوري 2017ع، 8 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

 رڳو پ پ پ  اڳواڻن جي اڪائونٽن ۾ اڏامي ايندڙ ڪروڙين رپيا

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻن اهم پارليماني اڳواڻن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڏهه ڏهه ڪروڙ رپيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي