23 خميس , فيبروري 2017

 غربت جي جهنم خلاف شاندار اداڪار اوم پوريءَ جو لاڏاڻو

ڀارت جو ناميارو فنڪار، ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي وڌڻ جو حامي، زندگي کي سمورين سچاين سميت قبول ڪندڙ مرڪندڙ ۽ روادار انسان ”اوم پوري“ ڪالهه ممبئي ۾ 66 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويو. هن جي لاڏاڻي تي بالي ووڊ سميت پاڪستان جي فلم ۽ ٿيئٽر انڊسٽري ۾ شدت سان ڏک محسوس ڪيو ويو آهي.

اوم پوري ڀارت، پاڪستان ۽ برطانيا جي فلم انڊسٽرين ۾ ڪم ڪيو. پاڪستان ۾ هن جي فلم ”ائڪٽر ان لا“ ۾ ڪم ڪيو. هن شوٽنگ دوران پاڪستان ۾ عوام سان گڏجي انهن سان الاهي ڳالهيون ڪيون. هن چيو هو ته ” پاڪستاني پنهنجي اکين تي ويهارين ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ نفرتون ختم ٿيڻ گهرجن“

پنهنجي زندگي جي شروعات غربت جي جهنم کي ساڻ کڻي هن وڏي حوصلي سان گذاري. هن شهر جو ڪچرو کڻڻ کان پنهنجي ڪرت جي شروعات ڪئي. ڪچري جي ڍيرن سان ٿيندڙ صحبت هن جي دماغ ۾ سماج جون انيڪ ڪهاڻيون ۽ ان سماجي ڪچري کي صاف ڪرڻ لاءِ انيڪ خيال پيدا ڪيا. هن فائين آرٽس کي ان گندگي خلاف جهاد جو رستو سمجهيو ۽ پنهنجي نئين زندگي گهٽين ۾ ٿيئٽر ڪرڻ سان شروع ڪئي.

اوم پوري پنهنجي ڪردارن ۽ پنهنجي ملنساري جي ڪري سموري فلمي دنيا، اداڪارن توڙي ڏسندڙن ۾ ڪيئي زمانا ياد رکيو ويندو.

ڇنڇر 7 جنوري 2017ع، 8 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا

سنڌ جي ڌرتي ۽ ان تي موجود صوفين، درويشن، بزرگن ۽ اعليٰ پائي جي شاعرن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي