18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نائلا رند جي موت جي جاچ لاءِ احتجاجن جو سلسلو جاري

meharڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مبينا آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي نائلا رند جي موت جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جي مطالبن جي لاءَ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ ٺٽي ۾ شاگردن آزاد حفيظ زئور جي اڳواڻي ۾ ٺٽي پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال قائم ڪري نائلا رند جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بي نقاب ۽ گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ٻئي طرف ميهڙ ۾ شھيد نائلا رند جد قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ۽ جساف آريسر پارن آزاد عابد جھتيال، امجد جھتيال، انور ڀٽي، ماجد ٻرڙي، سماجي اڳواڻ مشتاق چانڊئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ يو نيورسٽي جي نام نھاد انتظاميه تدريس گاهه کي مقتل گاهه بنائي ڇڏيو آھي، سنڌي نوجوانن کان پوءِ سنڌي نياڻين جا لاش اچڻ سنڌ خلاف سازش آھي، جڏھن ته بک ھڙتالي ڪئمپ سماجي ۽ شھري اڳواڻن پھچي حمايت ڪئي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے