24 آچر , سيپٽمبر 2017

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران نوجوان شاعر سرواڻ سنڌيءَ سان رچايل رهاڻ :اعظم ڀٽي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران نوجوان شاعر ۽ ليکڪ سرواڻ سنڌي سان ٽائون هال ٽنڊو محمد خان ۾ رنگا رنگي  رهاڻ رچائي ويئي ، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي علمي ، ادبي ، سياسي  ، سماجي شخصيتن هر مڪتبه فڪر جي اهل علم ۽ باذوق ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

رهاڻ واري ان تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪ ، دانشور ۽ نقاد انعام شيخ چيو ته ٽنڊو محمد خان ادب سان محبت ۽ چاھ رکندڙ ماڻهن جو شهر آهي ، ڇاڪاڻ جو لاڙ جي شاعرن ۽ ليکڪن آمريت جي دؤر ۾ به للڪار بڻجي انقلابي ادب سرجيو آهي، سرواڻ سنڌي جو تعلق به ان خطي سان آهي جنهن جو وڏن شاعرن جي اڳيان نئيڻ ٽهيءَ مان اُڀري اچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ، هن چيو ته سرواڻ سنڌي جي شاعري گهڻ  رُخي آهي، سندس تخليق جا موضوع به تمام گهڻا وسيع آهن ، سرواڻ وٽ پنهنجو تخيل آهي ، هو جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو ، اهو لِکي ٿو ، پنهنجي منفرد راءِ جوڙڻ وقت هُو ڀوڳي به ٿو ، شاعري ۾ سرواڻ جي منظر نگامي انوکي آهي،  جهڙو عزل سرواڻ لکي ٿو اهڙو غزل سنڌ ۾ تمام گهٽ لکيو وڃي ٿو ، شاعري ۾ ميرٽ تي اچڻ وڏي ڳالهه آهي سرواڻ شاعري ۾ پنهنجي ميرٽ تي اُڀري آيو آهي ، هن سنڌ جي جذباتن جي ترجماني ڪئي آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ سرواڻ سنڌي چيو ته سنڌي شاعريءَ جو جهان هڪ وڏو جهنگ آهي جنهن ۾ شاعري گم ٿي ويئي آهي، اچو ته گڏجي ان شاعري کي ڳوليون، جنهن جو رستو ڀٽائيءَ ڏَسيو آهي ،  ، ڏات ضرور رنگ لائيندي آهي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان هميشه پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي ، اڄوڪي هن تقريب مان سندن ادبي تحرڪ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، هن چيو ته ٿوري سچائي جي به وڏي معنى آهي ، انعام شيخ ، زيب سنڌي کي ڪيچ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ، اها منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ، هن چيو ته گهڻي لِکڻ سان پذيرائي نٿي مِلي ، پر پذيرائي لاءِ معيار جو هجڻ ضروري آهي ، ڪڏهن ڪڏهن تخليقڪار جي هڪ سِٽ به ان کي عُروج تي پهچائي ڇڏيندي آهي، ڪو به پورهيو ضايع نٿو ٿئي ، هن چيو ته شاعرن ۾ وڏ ننڍائي ناهي ٿيندي ، منهنجي تخليقن تي نه ڪنهن جو اثر آهي ، نه ئي منهنجو ڪنهن تي ڪو اثر آهي ، آئون ڪنهن به اثر کان بچڻ چاهيان ٿو ، بس محبت ئي ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪجهه لِکڻ تي اُتساهيندي آهي ، ڏات پاڻ ئي نکري نروار ٿي پوندي آهي ، اهڙي ڏات کي ڪير به لِڪائي نٿو سگهي ، جيڪو ڪجهه لِکجي اهو معياري هجڻ گهرجي مون جيڪو ڪجهھ لکيو آهي پنهنجو لکيو آهي ، اسان کي تعصب ۽ نفرت ختم ڪرڻي پوندي ، اڄ هن ساس ٽنڊو محمد خان جي تقريب ۾ سڄي سنڌ مون سان گڏ آهي ، ٽنڊو محمد خان جي ماڻهن مون تي وڏو قرض چاڙهي ڇڏيو آهي جيڪو آئون ڪڏهن به لاهي نه سگهندس، هن چيو ته ماڻهن کي ڪنهن جي ڏُک تي نه پر سُک تي ساڙ ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته سنڌي شاعري ۾ به ڊاڪٽري وارو نُسخو هلي پيو آهي ، صُبح ، منجهند ۽ رات وارو نُسخو، ان کان پاسو ڪرڻو پوندو، ادب ۾ ملهه پهلواني جي نه پر ڏاهپ ۽ سڃاڻپ جي ضرورت آهي

تقريب کي ناليواري ڊرامه نگار ، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس زيب سنڌي خطاب ڪندي چيو ته شاعر ۽ آرٽسٽ پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڍاھ جو شڪار هوندو آهي ، انهي ڪري لازوال ادب جنم وٺندو آهي ، نااميدي مان اميد جي روشني سرواڻ سنڌي جي شاعري ۾ ظاهر ٿئي ٿي ، سرواڻ جو شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو ، جن پنهنجي قلم کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪيو آهي ، سرواڻ جي شاعري دلين تي اثر ڪري ٿي ، هن جي شاعري ۾ خيالن ، فڪر ۽ اسلوب جي نواڻ آهي ، پڙهندڙ هاڻي نئون معيار گُهرن ٿا ، سرواڻ سنڌي جهڙا شاعر پڙهندڙن لاءِ اميد جو ڪِرڻو آهن ، معياري ادب ئي سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سرواڻ جيڪو ڪجھه به لکي ٿو ذميواري سان لکي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي نامياري شاعر نقاش علواڻي چيو ته مون شوڪت مان سرواڻ ٿيندي ڏٺو آهي ، سرواڻ سنڌي اڄ جنهن پد تي بيٺل آهي ، آئون سندس گواهه آهيان ، هن تمام گهڻو ڏُکيو وقت گذاريو آهي ، جنهن مان تمام گهٽ ماڻهو بچي نڪرندا آهن ، سرواڻ سنڌي سنڌ دوست شاعر آهي ، جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جرڪي ٿي ، ذاتي ۽ ادبي معاملن ۾ سرواڻ جانبدار ماڻهو آهي حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪندو آهي.

تقريب کي قومپرست اڳواڻ ۽ شاعر نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته اديب ۽ شاعر قومن جي تبديلي جو اهم ذريعو آهن ، جنهن طبقي سان سرواڻ جو تعلق آهي ، ان ۾ جوش ۽ وِلولو آهي ، سرواڻ کي قوم خاطر قلم کي دودي جي تلوار جي شڪل ڏيڻ لاءِ اڃا تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ، هن چيو ته اديبن ۽ شاعرن کي وڏي دل رکڻ گهرجي، سندن مٿان  وڏي ذميواري رکيل آهي.

ڀلوڙ شاعر ڪوي خطاب ڪندي چيو ته سرواڻ سنڌي متاثر ڪندڙ شاعر آهي، هو جيڪو ۽ جنهن رفتار ۾ لِکي پيو اهو حيران ڪندڙ آهي ، سندس شاعري ۾ سينيئرن لاءِ به اُتساهه موجود آهي ، هن چيو ته آئون سموريون مصروفيتون هڪ پاسي رکي آيو آهيان ، سرواڻ سان منهنجي شناسائي پراڻي ڪانهي ، هڪ ئي سال ۾ سرواڻ سان ايتري شناسائي ٿي آهي ڄڻ اسين ڪيترائي سال پراڻا دوست هجون.

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته سرواڻ سنڌي ، سنڌي شاعري ۾ نئين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي ، جنهن جي قلم جي سگهه نئين انداز سان اُڀري سامهون آئي آهي ۽ هن مختصر وقت ۾ بهترين پذيرائي جا چنڊ چُميا آهن ، جنهن جي تخيل جي روشني نون شاعرن لاءِ ڪيتريون ئي راهون روشن ڪندي ، صحافي غلام مصطفى جمالي چيو ته سرواڻ پنهنجي قلم ۽ محنت سان هن مقام تي پهتو آهي، هو تمام گهڻين ڀوڳنائن مان گذريو آهي ، سندس شاعري ۾ محبت ئي محبت ملي ٿي ، اديب دانشور ۽ شاعر  مشڪور ڦلڪارو خطاب ڪندي چيو ته سرواڻ ان مٽي مان ٺهيل آهي ، جنهن مٽيءَ مان پهرين شاعره ٺهي ۽ تمام وڏا نالا به انهيءَ مٽيءَ مان جُڙيا ڏات جي دنيا ۾ مڃتا ماڻڻ تمام ڏکيو آهي ۽ محنت ذريعي سرواڻ جو  هِن حد تي پهچڻ ان مٽي جو ڪمال آهي ، مزاحيه ڪالم نگار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سرواڻ سنڌي جي شاعري ۾ سنڌ جو چپو چپو نظر اچي ٿو ، تقريب کي ساس شاخ  ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري آغا جان آغا ، ڪائونسلر اصغر ڀٽي  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، آخر ۾ راڳ رنگ جي شاندار محفل ۾ سنڌ جي نوجوان فنڪار رفيق فقير ۽ وچن سنڌي قومي ۽ انقلابي ڪلامن تي مشتمل سُرن جا مينهن وسائي تقريب کي چار چنڊ لڳايا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙا پهريون ڀيرو عامر خان سان گڏ نظر ايندي

بالي ووڊ سندري اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي نالي سان مشهور اداڪار عامر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي