27 ڇنڇر , مئي 2017

هڪ مثالي تعليمدان مهرالنساء سومرو جو وڇوڙو وڳر ۾ وائي ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي!:ماڻڪ ملاح

اهڙي اداس خبر آسمان جي تارن جي اُجهامڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ جي هئي. ستارن ڀري رات ۾ هُن جو روح ستاري وانگر اُجهامي ويو هو. ستارن جن کي اُن رات ڪي اداس تارا تڪي اُجهامي ويا هئا. هاڻي تارا ته روز رات جو پيا ڪنهن جي کل جيان کلندا ۽ اُڀ جي ڪاري چادر تي اڇين ٽِڪُن جيان جرڪندا پر نه جرڪندا ته اهي نيڻ هاڻي نه جرڪندا. جن رات سانت ۾ سڀاڻي جا سبق سنڀالي رکيا هئا. جنهن سوچيو هو ته ٻارڙن جي لڳايل قطارن جي اسيمبلي ڪيڏي نه ڊگهي ٿيندي آهي ۽ اسان جي علم جي روشنيءَ جي لاٽ ته اسيمبليءَ کان به وڏي ٿيڻ کپي. جنهن سوچيو هو ته درياءَ جي ڪنڌيءَ واري هن ڳوٺ جي ٻارڙن ۾ رڳو ڌڻ چارڻ جو ٽليون وڳيون آهن پر هاڻي انهن جي ڪومل ڪنن ۾ علم جي سجاڳيءَ جو گهنٽيون به وڃڻ گهرجن. جنهن سوچيو هو ته درياءَ ۾ ڪاري ڪري ماريل ۽ لوڙهيل ناريءَ جو ڀاءُ ايترو انسان بڻجي پوي جو پنهنجي ڀيڻ کي اسڪول ۾ پاڻ وٺي اچي ۽ پنهنجين نياڻين کي به علم ڏيارڻ مجبور ٿي پوي. هن پوءِ گهر گهر وڃي ٻارڙن جي مائرن سان مُکا ميلا ڪيا. ٻارڙن ۾ مٺايون ورهايون. رانديڪا ورهايا، گهر جو ٻهارو ڏئي گاهه تي ويندڙ عورتن ۾ ڪچهريون رچايون هيون ته زندگي رڳو گهر کي ٻهارڻ ۽ گاهه لڻڻ به ڪانه آهي. پر زندگي دل ۽ دماغ مان اهي سڀ فتنا ۽ فساد ٻهارڻ ۽ لڻڻ جو به نالو آهي. جن سان ماڻهو ماڻهوءَ کان ۽ پاڙو پاڙي کان پري ٿيندو پيو وڃي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي اسڪول ۾ ابن مريم جون اکيون بڻجي وئي هئي. استاد جي روپ ۾ هڪ مسيحا جنهن ڪيترن ئي ٻارڙن جي زندگين کي سنواري ورتو هيو.

سڪرنڊ جي خاموش طبيعت اديب سائين ڊاڪٽر مظهر سومرو جي هيءَ نياڻي مهرالنساء سومرو سڪرنڊ واري محرابپور ۾ نياڻين جي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي هئي. ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو پنهنجي ٻارڙن جي پڙهائيءَ سانگي ليلاآباد ۾ موجود پنهنجي گهر کان وقتي طور الوداعي ڪري حيدرآباد رهڻ لڳو ته هوءَ شاديءَ کان پوءِ به اهو ئي بابا ا۽ امان وارو ليلاآباد ۾ رهجي ويل خالي گهر وسائڻ لڳي. اهو گهر جتي حنيف سومرو جي ڪتابن سان سٿيل اوطاق نما ڪمرو اسان ادبي لڏي جي بيٺڪ بڻجي ويندو هو ۽ آهي. جتي حنيف سان ادب ۽ تاريخ بابت ڪڏهن ڊگها ته ڪڏهن مختصر بحث ٿيندا رهيا ۽ اتي موجود لائبريري اسان جي وچ ۾ ڄڻ ته اڻ ڄاڻائيءَ جو طعنو لڳندي هئي.

شاعر ريڊار ٿيندا آهن. انهن جون اڳڪٿيون ريڊائي ۽ سچ ڪوڏين جهڙيون سچيون هونديون آهن. اڻ ڏٺل شين جون اهي شاعريءَ ۾ هوبهو تصويرون ڪڍي وٺندا آهن. اهي اڻ ٻڌيون ڳالهيون ٻڌائي ويندا آهن. اهي اڻ ڏٺيون حقيقتون ظاهر ڪري سگهندا آهن. ڪتابن سان ڀريل گهر ۾ اڪيلو رهجي ويل اسان جي ادبي دوست حنيف سومرو سان به وسيم سومرو جهڙي شاعر دل جو تعزيت نامو به ان رات جو پورٽريٽ آهي.

جيون ساٿيءَ جهڙي رشتي ۾ جڙيل هيءَ علمي ادبي جوڙي تنگ دلي ۽ تنگ نظرئي جي سدائين نفي ٿي رهي. هن جوڙيءَ جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ويساهه به اهڙو جو هو زندگي ۾ هڪ ٻئي تي ڪڏهن به ڪڙڪ نه ٿيا. هن جوڙيءَ جي گهر جو دسترخوان به ائين وڇايل ئي رهيو آهي. مهمان اچن ته ٻئي جي پون، اڄوڪي دور ۾ هنن جو اهو اعليٰ گڻ به هو.

هوءَ جيڪا پنهنجي چاهنا ۾ خود ڪفيل هئي. سرتين جي چاهنا، ادب جي چاهنا، ٻارڙن کي ڏنل سبقن جي چاهنا، هن جي محبت ۾ اهڙي محبت ڀريل هئي. جيڪا رڳو ڀاڳوند اولاد کي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽان نصيب ٿيندي آهي. چون ٿا ته موهن جو دڙو جو دور ماءُ آدرش دور هو. جيڪو تعميراتي دور هو، جيڪو انساني ساڃاهه، سمجهه ۽ سُرت جو دور هو ۽ وڏو حُسناڪ دور هو. اسين هاڻي پيءُ آدرش دور مان گذري رهيا آهيون جيڪو اڪثر جاهل، اڻ پڙهيل، ضدي، ڦڏائي، دنگائي سڏجي رهيو آهي. جيڪو حُسن ۽ انسانيت جو ويري دور آهي. جنهن ۾ رڳو ماڻهوءَ جو وحشتپڻو آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو وتي. جنهن ۾ رڳو بارودي بوءِ معصوم زندگيءَ جا گلا گُهٽي ٻوساٽي ماري رهي آهي. موهن جو دڙو ۽ چانهونءَ جو دڙو وارو دور ماءُ آدرش دور هو، هوءَ هن ڦڏائي، دنگائي پيءُ آدرس دور ۾ ڄڻ ماءُ آدرش دور جي ڄائي هئي. جنهن تعميراتي سوچ کي پروان چاڙهيو. جنهن رڳو محبتون ورهايون. ٻارڙن ۾ علم ۽ ادب جون محبتون، نياڻين ۾ علم ادب جو محبتون.

هيءُ پاڻ ۾ هوندا ته بس جوڙي هئا ۽ ان جوڙيءُ ان رات ڪهڙيون وڇوڙڻ ۽ جوڙڻ جو ڳالهيون ڪيون. اهو ته ٻن دلين جي وچ جو مامرو آهي. پر يقينن هنن نئين صبح لاءِ نئون نصاب ضرور جوڙيو هوندو. هي ٻئي نه رڳو جيون ساٿي رهيا پر هنن جو پيشو به ته علم ورهائڻ ئي هو. الائي ڇو هُن گهر جي ڪمري ۾ پنهنجي چار بائي اڍائي جي وڏي تصوير سجائي ڇڏي هئي. اسان جو دوست حنيف سومرو جيڪو اڪثر ڪتابن رڌل رهندو آهي. هوءَ پنهنجي سجايل تصوير ۾ نهارڻ بدران رڳو حنيف ۾ نهاريندي رهندي هئي. هن جي اهڙي نهار ۾ ڪا ڊگهي اڪيلائي سمايل هئي ۽ حنيف کي اها ڄاڻ به نه  هئي ته وڏيون تصويرون وڏن وڇوڙن جون نشانيون هونديون آهن. علم سان عشق جي حد تائين لئون لڳائي ويٺل هن جوڙيءَ جي وچ ۾ اولاد نه هجڻ واري تنهائي ڦٿڪندي رهندي هئي. اڪثر ماڻهو شاديون به ته نشانين لاءِ ڪندا آهن، اولاد جهڙي نشاني ۽ هنن جي مقدر ۾ جڏهن اهڙي نشاني اچڻ کان انڪار واري ڇڏيو ته هنن ٻنهي گهر توڙي اسڪولن ۾ رانديڪن جا انبار لڳائي ڇڏيا. هي ٻئي پنهنجي اهڙي تنهائيءَ کي تڙڻ لاءِ عجيب و غريب رانديڪا گڏ ڪري پنهنجي جيونن ۾ ٻارڙا بنجي ويندا هئا. اسڪولن جا ٻارڙا ڄڻ ته هنن لاءِ پنهنجا اولاد هئا. اهي هنن کي اسڪولن ۾ ڏسي ماءُ پيءُ جهڙي آسيس وٺندا هئا.

چون ٿا ته عيد جون موڪلون پوريون ڪري اسڪول کوليا ويا ته محرابپور جي سادات خاندان، نياڻين جي ان اسڪول ۾ پاڻ اچي صفايون ڪرايون ۽ آيل ٻارڙن تي شفقت وارو هٿ ڦيرايو ته جيئن اهي ٻارڙا اداس بنجي نه وڃن. ڀلا هڪ اُستادياڻي لاءِ اهو اعزار گهٽ آهي ته سندس وڇوڙي تي تر جو ايم.اين.اي ۽ ڳوٺ جو واهرو چوي ته “ميڊم اسان کي اسڪول هلائڻ لاءِ واٽ ڏسي وئي آهي. جنهن تي اسين هلڻ جي ڪوشش ڪنداسون”. گهٽ ته هيءُ به اعزاز ڪونهي ته اسڪول جا ٻارڙا ڳوٺ جا ماڻهو ۽ سادات پنهنجي اسڪول جي بي بها هيڊ ماسترياڻيءَ جي وڇوڙي کي پنهنجي خاندان جي ڀاتيءَ جي وڇوڙي وانگر سمجهي دعا لاءِ هٿ کڻڻ سان گڏ قرآن خواني ۽ خيرات به ڪئي.

جنهن ملڪ ۾ آزاديءَ جي ڏينهن تي به معصوم ٻارڙن کان خرچيون ڦري مٺايون ورهايون وڃن. اتي محرابپور جي هن اسڪول ۾ چوڏينهن آگسٽ واري مٺائي نه ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي موڪليل هوندي هئي. نه ته ٽائون ڪاميٽيءَ طرفان، نه يو.سي ۽ يونين ڪائونسل طرفان، هوءَ پنهنجي کيسي جي خرچ مان اهو جشن آزادي ملهائي ٻارڙن کي مٺايون کارائيندي هئي. چيو ٿو وڃي ته هوءَ اهو سڀڪجهه پاڻ کي اولاد نه هجڻ جي پورائي لاءِ ڪندي هئي ته ڇا جن کي اولاد به آهي ته انهن ڪڏهن پنهنجي ٻارڙن وانگر اسڪول جي ٻارڙن لاءِ به ڪڏهن سوچيو آهي؟. سو استاد جو پيار به اهڙو اعليٰ ۽ اُتم هجي ۽ ماءُ پيءُ جو پيار ته هن ڪائنات ۾ نيري آسمان جهڙو ڍَڪُ هوندو آهي. هن هميشه نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏنو. هوءَ ڪلاسن ۾ اچي ڪلاس وٺندڙ ماسترياڻين کي چوندي هئي ته ڇوڪرين کي ڇڙٻيو گهٽ، ڇوڪرين کي پڙهايو. هن جي اها ئي مراد هئي ته ڇوڪرين کي مارڻ ۽ هيسائڻ بدران پيار وچان پڙهايو وڃي. هن اسڪول کي ٻيو گهر سمجهي اتي پڙهندڙ شاگردياڻين کي پنهنجو اولاد ڄاڻي ورتو هو. اهو اولاد جنهن لاءِ مائرون اوجاڳو ڪندي به پيون مرڪنديون آهن. هوءَ جيڪا اسڪولي ٻارڙن سان ماءُ جهڙو پيار ڪندي هئي، تڏهن ته هن کان پنهنجي ماءُ جو وڇوڙو برداشت نه پئي ٿيو.

ماءُ ڇا وڇڙي ڄڻ هن جي زندگيءَ جي ڪائنات تان جيئڻ وارو سج اُلهي ويو هو، هوءَ ماءُ جي ڏنل گهر ۾ رهندي هئي. پر پوءِ به موڪلن وارا ڏينهن هن کي امڙ جي ان گهر ۾ ڇڪي ويندا هئا. جتي هن جي امڙ پنهنجي نماڻين نياڻين ۽ سڪيلڌي پٽ الطاف کي آخري ڀيرو ڏٺو هو، هوءَ اتي پهچندي هئي ته هن جي ننڍڙي ڀيڻ ماروي ۽ ٻيون ڀينرون هن کي ادي وڏي ڪري ڀاڪر پائينديون هيون ۽ هوءُ هائي جيجل امان چئي روئي پوندي هئي. ڀيڻون هن جي طبيعت ۾ خوشي آڻڻ لاءِ خريداريءَ ۽ گهمڻ جون ڳالهيون ڪنديون هيون. ڀلا ڀلا وڳا وٺڻ جو چونديون هيون ته هوءُ ويتر اُجهامي ويندي هئي. هوءَ جڏهن نماز پڙهندي هئي ته هن جي اڳيان جنت ماءُ جي پيرن هيٺيان آهي واري حديث اچي ويندي هئي ۽ اڄ هوءَ پنهنجي ماءُ جي ڀر ۾ سُتل آهي. ڄڻ چوندي هجي ته امان خوابن ۾ به اچبو آهي، تون ته خوابن ۾ به ڪا نه آئينءَ،آئون اچي وئي آهيان، اڄ آئون ڏاڍي خوش آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پٺيان ڏسان ته، نه بس ۽ نه اسان جا ماڻهو!

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي پٺيان ڏسان ته نه بس ۽ نه اسان جا ماڻهو! ’SANA‘ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي