29 اربع , مارچ 2017

جوڳيئڙا جهان ۾ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ:آمريڪا ۾ سنڌ ۽ شاه لطيف جو عاشق!:ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)

دوستو! جوڳيئڙا جهان سلسلي جي اڄوڪي ڪالم ۾ جنهن شخصيت جو توهان سان ذڪر ڪندس ان جهڙو ويڙهاڪ مون نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو. آمريڪا جهڙن معاشرن ۾ رهي ماڻهون رنگ ڀلي کڻي نه مٽائين پر عادتون ضرور مٽائيندا آهن، ڪيترا ئي ماڻهون منهن چٻو ڪري انگريزي لحجو اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر اسان جو هيءُ دوست 34 سالن کان آمريڪا ۾ رهڻ باوجود نه رڳو سنڌي ئي رهيو آهي بلڪه هن سنڌ سان پنهنجي عشق کي نڀائي ڏيکاريو آهي.هيءٌ دوست جيئن فوٽوءَ ۾ نظر اچي ٿو، عملي طرح به ائين ئي آهي. سنڌ سان گڏ هن جو ٻيو عشق شاھ لطيف آهي جيڪو جنون جي حد کان به اڳتي نظر ايندو آهي. هيءُ دوست شل نه ڪنهنجو اهنج ٻڌي، سڀني کان پهريان مدد جو اعلان ڪندو، سانا جا سمورا منصوبا ۽ گھڻيون تڻيون سرگرميون هن همراه جي دم قدم سان ئي هونديون آهن تنهنڪري سندس دوست به گھڻا آهن ۽ ان ڪري ئي سندس دشمن به گھڻا آهن، ۽ مڙس هجي به اهڙو ئي جيڪو نه ڪا منافقي ڄاڻي ۽ نه ئي مين مين.

جي ها، اهو آهي ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جيڪو آمريڪا جي ڪامياب ڊاڪٽرن ۾ ليکيو ويندو آهي پر سندس سڃاڻپ سندس پيشو نه بلڪه غير سنڌين ۾ هڪ سرگرم سنڌي ۽ سنڌين ۾ وري سانا جي حوالي سان آهي. شل نه سانا جي پليٽ فارم تان ڪنهن جي مدد جي اپيل ٿئي، يا وري سنڌ ۾ تعليم، صحت يا ڪنهن ٻئي سماجي شعبي ۾ ڪنهن منصوبي جو خيال پيش ٿئي، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ئي سڀني کان پهريان چندي جو اعلان ڪندو آهي جڏهن ته گھڻا خبرون ئي ڪندا رهندا آهن، هونئن به اسان سنڌي ٻين کي ئي انقلاب جا رستا ڏيکارڻ ڪوڏيا رهيا آهيون ۽ اسان رڳو ڏيکاري به رستا ئي ڄاڻون، انهن انقلابن لاءِ جدوجهد هيمشه ٻين کان ڪرائڻ چاهيندا آهيون پر هيءُ اهو دوست آهي جنهن ٽي سال پهريان سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار تي روئندڙ دوستن کي سڏ ڏنو ته “اچو ته ڪجھ ڪيون” ۽ هن نه رڳو اهو سڏ ڏنو بلڪه ان لاءِ سڀني کان وڌيڪ فنڊز پڻ ڏيڻا ڪيا، ۽ هو ان پراجيڪٽ تي ڪم پڻ ڪري رهيو آهي.واضع ڪندو هلجي ته سانا (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) نالي تنظيم سنڌين جو اهڙو سيڪيولر ۽ سماجي و ثقافتي پليٽ فارم آهي جنهن جا ميمبر ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ رهن ٿا.

توهان کي شايد يقين نه اچي پر هن دوست جو ڏنل هڪ سڏ (اعلان) توهان کي اهو به ٻڌايان ته دنيا ۾ رهندڙ سنڌين مان جيڪو به ماڻهون اڪيلي سر يا ٻين سان گڏجي سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي ايندو ته ان پراجيڪٽ جو اڌ خرچ هن دوست پاران ڏيڻ جو واعدو ڪيل آهي ۽ ان ڪم ۾ هن سنڌ ۾ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ليبارٽريون قائم ڪرايون آهن، سندس ڳوٺ باجارن ۾ ته هن اڪيلي سر پنهنجي پاران ڪمپيوٽر ليب قائم ڪرائي جنهن جو افتتاح گزريل سال مون پاڻ سانا جي نمائندي جي حيثيت سان وڃي ڪيو هيو. ان ئي ڳوٺ ۾ سندس خرچ تي ڪيتري ئي وقت کان هڪ پرائمري اسڪول به هلندڙ آهي. سانا جي منصوبن خاطر هي دوست سانا جي ساليانن ميڙاڪن ۾ سڀني آڏو جھول جھليندو آهي ۽ ان مان سنڌ ۾ سانا پاران فيم فنڊ جي نالي سان ڪيترن ئي غريب نوجوانن کي اعلي تعليم پرائڻ خاطر هر سال اسڪالرشپون ڏنيون وينديون آهن، سنڌ اسڪول سسٽم نالي سان اسڪولن جي بهتريء جو منصوبو پڻ هلندڙ آهي جڏهن ته نوجوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڏيارڻ خاطر سنڌ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام نالي منصوبي ۾ پڻ هن دوست ڪافي قدر حصو هوندو آهي. سانا جي ان منصوبي جو انچارج نيو جرسي آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو پيارو علي حسن ڀٽو آهي. آمريڪا جي اقتصادي مرڪز نيو يارڪ سٽي ۽ ان جي جاڙي شهر نيو جرسي ۾ رهندڙ سنڌين ۾ علي حسن ڀٽو سان گڏ ٻيا به اهڙا ڪيترا ئي نالا آهن جيڪي آمريڪا ايندڙ سنڌين لاءِ نيڻ وڇايو ويٺا هوندا آهن جن ۾ غلام نبي انڙ به آهي ته انهن ۾ علي (ذوالفقار) خاصخيلي، ذاڪر بلو ۽ آفتاب ميمڻ پڻ شامل آهن جن تي ڪڏهن ٻئي ڀيري لکبو پر پاڻ اڄ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جو ذڪر ڪندا هلون ته هن دوست مرشد قلندر لال شهباز ۽ لڪياري شاھ صدر جي پاڙي واري تاريخي ڳوٺ باجارن کان پنهنجو زندگيء جو سفر شروع ڪندي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري 1983 ڌاري آمريڪا پهتو جتي هن ٻن سالن اندر ئي فزيشن جو لائسنس حاصل ڪري پنهنجي پروفيشنل زندگي شروع ڪئي، ان سفر ۾ هن دوست الائي ته ڪيترا ڪشالا ڪڍيا پر جيڪر اڄ توهان گوگل تي وڃي ڳولا ڪيو ته توهان سندس نالو آمريڪي رياست مشي گن جي ڪالامزو شهر جي ڪيترين ئي اسپتالن جي بورڊ تي کيس جگر ۽ پيٽ جي بيمارين جي مڃيل ۽ ماهر ڊاڪٽر طور ڏسندا. دنيا ۾ هزارين اهڙا سنڌي هوندا جيڪي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪاميابيءَ سان لکها ڊالر ڪمائي رهيا آهن پر اهي ڄڻ مئل آهن ڇو ته کين سندن ڳوٺ وارا به ڪون سڃاڻيندا هوندا، اهڙن ماڻهن ۾ مون لاءِ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جهڙا ڪردار تمام معتبر آهن جيڪي پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪجھ نه ڪجھ پنهنجي امڙ سنڌ جي نالي تي خرچ ڪندا رهن ٿا.

جيئن اڳئين هڪ ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هيم ته جي پاڻ ۾ نه وڙهون ته پوءِ سنڌي ئي ڪون سڏباسين، سو ڪي دوست ته سانا جي هنن منصوبن ۽ خود سانا خلاف گزريل ٽن سالن کان آمريڪا جي ڪورٽن ۾ ڪيسن تي هزارين ڊالر لٽائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته مان پاڻ به سانا جي عهديدار جي حيثيت سان ان ڪيس ۾ جوابدار طور شامل آهيان پر هن ڪيس جو مک جوابدار هيءٌ دوست ڊاڪٽر اعجاز ترڪ  ئي آهي جنهن کان ڪيس ڪندڙ دوست پڇن ٿا ته تون سانا کي ڊونيشن ڇو ٿو ڏئين؟، سانا ڊاڪٽر اديب رضويء کي ڊونيشن ڇو ڏنو؟، پر ان ڪيس جو سڀ کان وڌيڪ ڀوائتو الزام اهيو آهي ته سانا پاران جماعت الداوه کي چندو ڏنو ويو. اها تنظيم دهشت گرداڻين ڪاررواين ۾ مبينه طور ملوث هجڻ سسب آمريڪي حڪومت طرفان بليڪ لسٽ ٿيل آهي ۽ ان الزام سان سانا تي پابندي به لڳي سگھجي پئي. مون طئي ڪيو هيو ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي اهڙن سنڌين جيڪي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا، تن تي ضرور لکبو پر تڏهن جڏهن سانا جي اطلاعات سيڪريٽري واري ذميواريءَ مان ٻاهر نڪرندس سو ان زميواريءَ کان آجو ٿيڻ بعد ڪوشش ڪندس ته هر هفتي ٻاهرين دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪندڙ شخصيتن تي لکجي.

ڊاڪٽر اعجاز ترڪ 1987 ۾ آمريڪي شهر پٽز برگ جي ننڍڙي موٽيل ۾ ٿيل سانا جي ڪنوينشن جنهن ۾ 25 کن سنڌي گڏ ٿيا هيا، کان وٺي مسلسل سانا جي ساليانن ڪنوينشنن ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو ۽ هر ٻئين ٽئين سال سنڌ ۾ سنڌ جي مسئلن تي پڻ هڪ ڪانفرنس ڪرائڻ جو پڻ محرڪ رهيو آهي. کيس ياد آهي ته اڄ تائين سانا جي ساليانن ميڙاڪن ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس ڀڳوانداس، جسٽس سجاد علي شاھ سان گڏ سوڀي گيانچنداڻي، جي اين مغل، ايم ايڇ پنهور، رسول بخش پليجو، سيد جلال محمود شاھ، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، غلام مصطفي شاھ، احسن اقبال کان علاوه سائين عبدالله شاھ ۽ آفتاب شعبان ميراڻيء پڻ سانا ڪنوينشنن ۾ وزير اعلي سنڌ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. مطلب ته هو نه رڳو سانا بلڪه سنڌ جي هڪ طرح سان انسائيڪلوپيڊيا آهي. ان کي سندس جنون ئي چئجي ته هو سنڌ جي حوالي سان نه رڳو آمريڪا، ڪئناڊا يا يورپ بلڪه سنڌ ۾ پڻ نالي وارن دانشورن، اديبن ۽ سياستدانن سان مسلسل رابطي ۾ رهندو آهي. هو سانا جي فنڊس گڏ ڪرڻ واري ڪاميٽيءٌ جو چئرمئن آهي جنهن جي حيثيت سان هو هر سال سانا جي ميڙاڪن ۾ چندي لاءِ جھول جھليندو آهي. مون لاءِ اهي لمحا به مزيدار هوندا آهن جڏهن اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي شادين جي سالگراهن تي ته 20 20 هزار ڊالر خرچ ڪري ويهندا آهن، اهي فنڪشن جي هال مان ئي ٻاهر ڀڄي ويندا آهن جڏهن ڊاڪٽر اعجاز ترڪ چندو ڪرڻ لاءِ مائيڪ سنڀاليندو آهي، هو انهن دوستن کي ڳولي ڳولي اعلان ڪرائيندو آهي. انهن سمورين ڳالهين باوجود هن ڪڏهن به سانا جو صدر ٿيڻ جي خواهش ناهي ڏيکاري، بلڪه سانا ۾ عهدي جي حوالي سان ڪافي دوستن جي دٻاع کي به رد ڪندو رهندو آهي ۽ هو چندو ڪرڻ واري ڪاميٽيء جي چئرمئنيءَ ۾ ئي خوش رهندو آهي.اهڙن بي لوث ڪردارن تي جڏهن وٺ وٺان ٿيندي آهي ته سدائين منهنجي ذهن تي اهو شعر تري ايندو آهي ته “هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو…ڪا ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا” ۽ وري جڏهن خاص طورجڏهن اعجاز ترڪ کي ڏسندو آهيان ته شاھ لطيف سرڪار جو بيت ياد ايندو اٿم ته

مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻاه ۾

اڀا ائين چون متان پاند پسائين

اي ڪاش اسان سنڌي پنهنجن اهڙن بي لوث ڪردارن جو قدر ڪريون ۽ انهن جهڙا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون جيڪي رڳو پنهنجي لاءِ ڪون ٿا جيئن بلڪه قوم جيارڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا.

[email protected]

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون….!!

نوراحمد جنجهي عشق جي عميق آکاڻين کان پوءِ  ، سهي ۽ شينهن جي ڪردارن وسيلي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي