24 آچر , سيپٽمبر 2017

رُوحَ مُنِهَنجي ۾ ٻُرن رِمجهولَ ٿا!:ادل سولنگي

مهين جي دڙي تي جي مٽيءَ مان جڙيل غوث پيزادو، جنهن جي اندر ۾ مهين جي دڙي جي مها ناچڻي ”سمبارا گرل“ جي نرت ڪلا ائين سمايل آهي جيئن سنڌوءَ جو پائي سندس جسم جي رڳن ۾ موجود رهيو آهي. شاعري هن جو ڀاڳ ۽ سڀاڳ آهي.

غوث پيرزادي جي پهرين سڃاڻپ، مُهين جو دڙو، ٻي سڃاڻپ شاعري آهي. هن جو پهريون ڪتاب ”چيڪي مٽي“ به سندس شاعريءَ جو آهي جنهن کي به ادبي دنيا ۾ قبوليت ۽ مڃتا ملي آهي. هن جي شاعريءَ جو  هي ٻيو ڪتاب ”رمجهول” جي نالي سان سنڌي ادب /شاعريءَ ۾ نئين روپ ۽ سروپ سان آيوآهي. هن ڪتاب ۾ غوث پيزادي جا عزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيت ۽ ٽيڙو شامل آهن. غوث جي نئين سڄاڻپ، نرت ڪلا آهي جيڪا هو خاص موقعن تي ۽ دوستن  سان گڏجي نروار ڪندو آهي هو ان معاملي ۾ گهڻو گهپيرو رهيو آهي ۽ نه وري ڪا سندس اندر ۾ ڪا گهڻي لوچ هوندي آهي بس يارن جي ياريءَ ۾ چورن جي چئوياري ۾ يا ٻارن جي ٻاريءَ ۾ هي ٻار ٿي پوندو آهي. اهو به هن جو هڪ روپ آهي هن پنهنجي هڪ مضمون ۾ ”موري جي ناچو ڇوڪرن“ جو ڏاڍو خوبصورت نموني ذڪر ڪيو آهي.  انهن ناچو ڇوڪرن جي پيرن ۾ پيل ڇير /گهنگهرو، ”سمبارا گرل“ جي پيرن جا پازيب ۽ سندس شاعريءَ جي ”رمجهول“ گڏجي هنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي، جنهن کي ڪوتاڪار غوث پيرزادو سڏجي ٿو. انتهائي پيار ڪندڙ نهايت ئي جذباتيپڻي جو جلد شڪار ٿيندڙ هي منهنجي تر ۽ جوءِ جو جوانڙو شاعر، شاعراڻي وسنديءَ جو رهواسي آهي ، جتي لطيف، سچل، سامي ۽ شمشير، تنوير، امداد ۽ اياز جي شاعراڻي پرک ڪندڙ ڏاها ۽ سوچيندڙ ذهن رهندڙ آهن.

غوث پيرزادي پنهنجي حوالي سان هن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”پنهنجو سمورو ٿڪ شاعري ۾ سهيڙيو اٿم“ گذريل سال قلندر شهباز جي ميلي تي هن سان گڏجي نڪرڻ ٿيو. ادبي ڪانفرنس ۾ گڏجي شريڪ ٿياسين، هڪ مرحلي تي جڏهن سر ۽ ساز جو سنگم هيو تڏهن هي دوست ڪبوتر جيان ڀڙڪو کائي هٿن مان اڏامي وڃي ڌمال ۾ مست ۽ الست ٿي نرت ڪل سان اڏارون ڪرڻ لڳو. ۽پوءِ اظهار ڪيائين ته :

جنگ جو اعلان هو يا هئي ڌمال،

رقص ۾ رمجهول هئا ۽ سنڌ هئي.

زندگيءَ جون سموريون درد ڪٿائون. ڪنهن نه ڪنهن تخليقي اظهار ذريعي بيان ٿينديون رهيون آهن پر سنڌ ۾ شاعريءَ جي حوالي سان پنهنجي پيڙائن، دردن محرومين، حاصلاتن، مُرڪن محبتن جو اظهار گهڻو ڪيو ويوآهي. لوڪ ادب کان ويندي جديد ادب جي صنفن تائين درد ئي تخليق جو سرجڻهار رهيو آهي.

غوث پيرزادي بابت اياز جانيءَ لکيو آهي ته، غوث پيرزادي جي رويي ۾ جيڪا دنيا داري جي لحاظ کان اڻ پورائپ نظر اچي ٿي، اها دراصل ان ڪري آهي ته غوث پيرزادي ڪڏهن به سماج جي ڏيتي ليتي اٿي ويٺي ۾ منافق،موقعي پرستي ۽ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ته ورتو آهي ۽ اسان سڀ ڪٿي نه ڪٿي انهن قدرن جو شڪار ڪيون ٿا ۽ شڪار به بڻجون ٿا.

غوث پيرزادو نه ته موڳو مٽر آهي ۽ نه وري ڪو چالاڪ  ۽ چيڙهالو پر هي پنهنجي مزاج ۾ ڳوٺاڻو ۽ ڏسڻ ۾ شهري هوندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ شهر به اهي ته ڳوٺ به آهي ۽ هي ٻنهي جي رائج قدرن سان نڀائيندڙ رهيوآهي.

ڳوٺ مونکي پنهنجو ٻاروتڻ کپي

مينهن جي هڳساڻ ۽ سانوڻ کپي

انور پيرزادي کان لطف پيرزادي تائين ڏاهپ جو ڪيل شعوري سفر غوث پيرزادي سميت ٻلهڙيجي واسين جو ورثو رهيو آهي. سنڌو درياھ جو وهڪرو، مهين جو دڙي جي مهانتا،  ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو گيان ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري هلچل، هن ڳوٺ جي رهواسين جي روح ۾ رچيل رهي آهي. هي انقلابي سماج سڌارڪ شاھ سائين جا پارکو، تصوف جا پوئلڳ راڳي ۽ ويراڳي، هنن سان ڪهڙو سينو ساهجي، هنن جي گفتن ۽ ڳالهين ۾ اونها اسرار ۽  ويچار سمايل هوندا آهن. غوث پيرزادو پنهنجي ڳوٺاڻين، روايتن ۽  وصفن جو وارث ۽ رکوالو رهيو آهي. جيڪو ڪوتا نگر ۾ ڪويتا جا ڪونتل ڪڏائي رهيو آهي.

”چيڪي مٽيءَ“ کان  ”رمجهول“ تائين هن ستارن جا جهول ڀري سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي ڪيا آهن. هن نه رڳو ڪوتائون تخليق ڪيون آهن پر هن جي اندر ۾ ديس ۽ ڌرتيءَ جون سوين چنتائون به رهيون آهن. شهر وفا جو هي رهواسي اسانجو نهايت ئي سادو، سنجيدو ۽ تخليقي اظهار ڪندڙ شاعرن پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي هن جو ڀرجهلو ٻيو ڪو به نه آهي. هي جيڪو وکرهن وڻجاري وٽ آهي اهو هن جو سوڌيل ۽ خريديل حاصل ڪيل آهي، جنهن کي وقت جو صراف ضرور اڻ توريو اگهائيندو. ڇاڪاڻ جو هن من ۾ محبت پائي پنهنجي نازڪ ۽ نفيس احساسن جو شاعريءَ ذريعي انفرادي اظهار ڪيو آهي جيڪو اجتماعي آواز ٿي ضرور اڀرندو.

غوث پيرزادو جيڪو منهنجو ڳوٺائي آهي. شاعراڻي ڪرت جي حوالي سان ڪوتاڪار آهي جيڪو اسانجي هن دور جي ماتم جو اکين ڏٺو شاهد آهي. سنڌ ڌرتي جنهن ڪرب ۽ پيڙا مان گذري رهي آهي ان کي غوث پيرزادي کان وڌيڪ ٻيو ڪير محسوس ڪري سگهندو ڇاڪاڻ جو هي حساس شاعر ڪنهن ڏک ۽ درد تي دوهن بدران نوحا لکندو رهيو آهي

سڄو روح ڇيهون رَندن تي ٿيو  هو،

عجب حال دل جو ڪنڊن تي ٿيو هو.

غوث پيرزادو ”همرچي“ جي ساٿ ۽ سهڪار سان اڄ جڏهن هڪ ڀيرو وري سنڌ جي ادب لاءِ نوان غزل، آزاد نظم، نثري نظم، بيت ۽ ٽيڙو کڻي پهتو آهي تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته غوث ٿڪو ناهي پر هن پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي تخليقي پورهئي جو ٿڪ لاهي تازو توانو ٿي وري نئين سري سان پنهنجي ڪرت جاري رکڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙا پهريون ڀيرو عامر خان سان گڏ نظر ايندي

بالي ووڊ سندري اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ جي نالي سان مشهور اداڪار عامر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي