26 اربع , جولاءِ 2017

ڪتاب اسانجا دوست آهن:رکيل مورائي

 

پاڻيءَ جي وسيلن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي رپورٽ

 

سنڌ سچ پچ سڀاڳي آهي، جنهن ڪيترائي ڀاڳ ڀريا پٽ ڄڻيا آهن جن نه رڳو سندس الڳ الڳ نمونن سان کير ملهايو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ضرورت پوڻ تي پنهنجو رت به قربان ڪيو آهي. پر مان پنهنجي فائدي لاءِ اها روايت قبول ڪيان ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”عالم جي قلم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ قيمتي آهي“

اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن عالم جو قلم سياست سان گڏيو آهي ته انهيءَ خونخوار ڪردار ادا ڪيو آهي. پر بنيادي طور علم، اهو جيڪو قوم جي امانت آهي، انهيءَ سنڌي قوم کي جيڪو تحفظ ڏنو آهي، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ محفوظ اهي.

خير

مونکي ذڪر ڪرڻو آهي ان پاڻيءَ بابت رپورٽ جو جيڪا ان ڪاميٽيءَ جوڙي هئي جنهن جي اڳواڻي اسانجو سنڌ دوست ڪامورو اي اين جي عباسي ڪري رهيو هئو ۽ جيڪا رپورٽ ايتري سگهاري ثابت ٿي هئي جو هڪ امر جنرل جو اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو هئو، جيڪو هن ڪالاباغ ڊيم جوڙن جي صورت ۾ ساڀيان ڪرڻ پئي چاهيو. هيءَ پاڻيءَ بابت رپورٽ ظاهر آهي ته ٽيڪنيڪل رپورٽ آهي جيڪا هاڻ اسانجي وطن دوست عالم ۽ اديبن جي ڪوشش سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپي ۽ جنهن جي ڇپائڻ جو سهرو اسانجي لائق ليکڪ پروفسر اعجاز احمد قريشيءَ جي سر تي آهي. جنهن ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

ظاهري طور هن رپورٽ پنهنجو تاثر اهو ڏيکاريو آهي ته ڪالاباغ ڊيم رٿا کي نقصان ڏيندڙ ڏيکاريو آهي، ٻيءَ طرح هيءَ رپورٽ پاڻيءَ بابت ورهاست جو هڪ دستاويز آهي جيڪو اسانجي وطن دوست شخصن جي محنت سان جڙيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي  تحفظ بابت سڄو ڪيس آهي. جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي تلوار سنڌ سميت ننڍن صوبن جي مٿان لڳاتار لڙڪندي رهي آهي. پر سنڌين پاران الڳ احتجاج ڪرڻ باوجود حڪمران هن ڊيم کي ٺاهڻ تي ضد ٻڌي بيٺل آهن، جڏهن ته هن ملڪ جون ٽي ئي چونڊيل اسيمبليون ان رٿا کي رد ڪري چڪيون آهن.

جيئن به هجي، پر جڏهن هيءَ رپورٽ سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي ته اها هر عام پڙهندڙ تائين به آسانيءَ سان پهچي سگهندي. ائين هيءَ پاڻيءَ بابت هڪ اهم دستاويز محفوظ ٿي ويو آهي. ۽ انجي محفوظ ٿيڻ سان ڄڻ ته سنڌ سميت هن ملڪ جي ٽنهي ننڍن صوبن جو پاڻيءَ جي ورهاست جي حوالي ۾ مستقبل محفوظ ٿي ويو آهي.

جيتوڻيڪ هن ملڪ جي حڪمرانن لاءِ ڪاغذي دستاويز ڪابه اهميت نه رکندا آهن. ان حد تائين جو هن ملڪ جي آئين جا به ڪيترائي ڪاغذ وقت جي ضرورت آهر ڦاڙي ڦٽي ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻيو ڪو به دستاويز ڪهڙي اهميت رکي ٿو.

پر هيءَ رپورٽ جيئن ته اسانجو دستاويز آهي، ان ڪري ايندڙ وقت ۾ اسان ڏيکاري سگهنداسين ته پاڻي جي ورهاست بابت سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن سان هن ملڪ جي هڪ طاقتور صوبي ڪيتري زيادتي ڪئي آهي. ايئن رڪارڊ جي درستي لاءِ هيءَ رپورٽ اسان جوسمورو ڪيس وڙهڻ واري جدوجهد  جي شاهدي ڏئي ٿي.

ٻيءَ طرح اسان جي جدوجهد جيڪا الڳ الڳ مرحلن ۾ هلندي رهي آهي، ان جورڪارڊ الڳ آهي. ڪيئن به هجي، سنڌ اي اين جي عباسيءَ جهڙن پٽن تي فخر ڪندي، ڀلي ندامت لاءِ چنيسرن جي به گهٽتائي نه آهي، پوءِ به جو سچ مچائي سو مچ وڏي شي آهي.

هيءَ ڪتاب جيڪو ٻه سئو ستاويهن صفحن تي ڦهليل آهي، اهو هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌيءَ جي گهر ۾ هجڻ گهرجي. پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرس ڪراچيءَ پاران ڇپايل هن پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. پروفيسر اعجاز احمد قريشيءَ ۽ سندس ساٿي جس لهڻن جن هيءَ رپورٽ ترجمو ڪرائي ڇپائي آهي ۽ سنڌ لاءِ هڪ نيڪ ڪم ڪيو آهي.

 

سائين عزيز ڪينجهرائيءَ جي

درد جو سفر

پنهنجي عمر، پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ نظرياتي لاڳاپي کان ڪڏهن به مايوس نه ٿيندڙ سائين عزيز ڪينجهرائي جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”درد جو سفر“ تازو ئي شايع ٿيو آهي.

سائين عزيز ڪينجهرائي جو نالو، سنڌ جي وطن دوست ڪارڪنن توڻي اديبن کان لڪل نه آهي، هو نظرياتي ليکڪ چوائڻ تي فخر ڪندڙ آهي ۽ اڄ به نئين نسل مان مايوس نه آهي، شايد هو خود عمل جي ميدان ۾ سرگرم آهي. ان ڪري مايوسي کانئس ڪوهين ڏور آهي سندس هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکندي هو اهڙو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ موجوده نسل جي لکندڙن مان گهڻيون اميدون رکي ٿو.

جيتوڻيڪ سنڌي ڪهاڻيءَ بابت خاص طور نئين صديءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهايو نه ويو آهي. پر سائين عزيز هڪ ڪهاڻيڪار طور نهايت پر اميد آهي. شال اڄ جو نسل سندس ان اميد تي پورو لهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي ان معيار تي پهچائي، جنهن معيار تي اسان جي آس پاس جي ٻولين ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي بيٺي آهي. ۽ ان کان ٻاهر اها ڪهاڻي آهي، جيڪا عالمي سطح تي لکي وڃي ٿي. سنڌي ڪهاڻيءَ جو قد طعي ڪرڻ ته فلحال منهنجو ڪم نه اهي پر دعا آهي ته ايئن هجي يا ٿئي جيئن سائين عزيز چوي ٿو ۽ هن ڪتاب ۾ لکيو به آهي.

سائين عزيز ڪينجهرائي اسانجو بزرگ اديب آهي، هو نه رڳو سنڌي ادب جي لاهن چاڙهن کان واقف آهي پر سنڌ جي سياست جي لاهن چاڙهن کان به واقف آهي ڇاڪاڻ ته هو نظرياتي/قومي سياست سان لاڳاپيل به رهيو آهي.

ڪينجهر جي ڪناري تي ڄاول ۽ ڪينجهر جهڙي گهرائي ۽ نرما هٽ رکندڙ سائين عزيز پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ان ٻوليءَ جو ضامن آهي، جيڪا لاڙ پٽ جي ٻولي آهي ۽ لاڙ جي مٽيءَ جيان نرم ۽ ملائيم آهي، هو پنهنجي مزاج ۾ به نرم آهي، پر نظرياتي طور ڪڏهن ڪڏهن سخت ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

سندس ڪهاڻي ڪتاب ”درد جو سفر“ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پڪ ئي پڪ اهڙي واڌ آهي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي معرفت ادب ۾ محسوس ڪئي ويندي. اهو به سچ آهي ته اڄ جي سنڌي ڪهاڻي گذريل ڪهاڻيءَ کان گهڻو مختلف بڻيل آهي پر سائين عزيز ان ڪهاڻيءَ کي ٺيڪ نٿو سمجهي. ڇاڪاڻ ته هو وطن پرست آهي ۽ نظرياتي شخص آهي، ان ڪري هن لاءِ ڪهاڻيءَ بابت ڪي محدودگيون ضرور آهن.

”درد جو سفر“  ۾ ويهه ڪهاڻيون آهن، الڳ موضوعن تي لکيل هيءَ ڪهاڻيون هڪ ڪارج ادا ڪندڙ ڪهاڻيون آهن جيڪو اسانجي مجموعي ادب ۽ سياست کي ڪرڻو آهي، انهن جي ٻولي لاجواب آهي، موضوع اسان جا پنهنجا آهن ۽ ڪجهه مونجهارا آهن، جيڪي چيئن پنجن ڏهاڪن کان سنڌ سان جهٽيل آهن، جن مان اسين بار بار جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. پوءِ به اهي ائين ئي آهن. جيئن اڳ هئا، پڪ سان هنن ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙن کي ممڪن آهي ڪو نجات جو رستو هلي پوي ۽ جڏهن ائين ٿيو ته هن ڪتاب جو ڪارج ادا ٿيو. وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هن ڇپيل ڪتاب ۾ ويهه ڪهاڻيون آهن. هڪ سئو اٺاويهن صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد جي سرواڻ موهن مدهوش نهايت سهڻو ڪري ڇپايو آهي، جنهن جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تلوارن سان ئي سهي، امن لاءِ آزادي ضروري آهي (4):ڊاڪٽر ايوب شيخ

  مون ڪتابن ۾ جنهن نموني آميريڪا کي پڙهيو هو تنهن مان مون  اهو سمجهيو هو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي