22 بدھ , نومبر 2017

ڪراچي اسانجو شهر آهي:عظيم سنڌي

ڪراچي اچڻ جو اطلاع ڏيندي ئي رکيل مورائي ٻڌايو ته اڄ آرٽس ڪائونسل ڪراچي  ۾ فضل الله قريشي جي لکيل آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب جي پڌرائي جي تقريب اٿئي. حيبب الرحمٰن سان گڏ پروگرام ۾ پهچڻ سان ئي هال مان ٻاهر نڪرندي ادريس جتوئي هميشه جيان پيار ۽ پاٻوهه مان ملندي چيو پروگرام هلي پيو آئون ڪنهن ڪم جي مجبوري سبب وڃان پيو. ادريس کي به آئون ڪراچي جي ههڙن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندي ڏسندو به آهيان ته کيس داد به ڏيندو آهيان. هو علم ادب جي عشق ۾ ڏاڍو سفر ڪري پهچي ٿو  منهنجي پهچڻ کان اڳ ڪافي پروگرام هلي ويو.

اسٽيج تي ڊاڪٽر ايوب شيخ صاحب قاضي فضل سليمان کي سڏ ڪيو جيڪو،  فضل سليمان قاضي جي نالي عوامي آواز اخبار ۾ ڏاڍا ڪارائتا معلوماتي مضمون ڏيندو رهندو آهي. فضل الحق قاضي صاحب چيو ته مون جڏهن 1962ع ۾ سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٺاهي ته فضل الله قريشي سڀ کان اول فيڊريشن جو ميمبر به ٿيو ته منهنجو فيڊريشن ۾ ساٿ ڏنو. ان وقت فيڊريشن جا جيڪي به ميمبر بڻيا اهي اڳتي هلي تمام وڏا آفيسر بڻيا ۽ هنن ڏاڍو بهتر ڪردار ادا ڪيو خاص ڪري قريشي صاحب جو ڪردار سنڌ جي بهتري ۽ ڀلائي جي حوالي سان قابل فخر سان گڏ ساراهڻ جهڙو آهي. ان سان گڏ آئون اهو به عرض ڪندو هلان ته اسان جا سنڌي نوجوان جڏهن وڏن عهدن تي پهچن ٿا ته هو پنهنجي سنڌي ماڻهن نه سان نامناسب رويو اختيار ڪن ٿا هنن سان ملڻ به گوارا نٿا سمجهن،  ڪم ڪار جي سلسلي هو هنن جي نه مدد ڪن ٿا نه  ئي وقت ڏين ٿا خاص ڪري پنهنجي قوم جي ماڻهن سان، ان جي برعڪس هو غير سنڌين جي ڏاڍي خوشامد ڪن ٿا پر مون پنهنجي سروس دوران نوڪري يا ٻئي ڪنهن ڪم ڪار جي سلسلي ۾ هميشه سندن مدد پئي ڪئي.

ان وقت ڪجهه نوجوان مون سان مليا، لا سيڪريٽري وٽ نوڪرين جي سلسلي ۾ آيا هئا،  چيائون هي ڪم سيد مظفر علي شاهه ڪندو. مظفر علي شاهه به سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو سيڪريٽري رهيو هو مان انهن سان گڏ مظفر شاهه ڏانهن ويس ۽ ڪم ڪيو.

قاضي فضل سليمان به منهنجو ڳوٺائي موري شهر جي قاضي خاندان جي بزرگن جو اولاد آهي. فضل سليمان مختصر تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ بابت تعريف ڪئي. سچ پچ ته ان حوالي سان هو ساراهه لائق به آهي حقدارن کي حق ملڻ کپي. آرٽس ڪائونسل ۾ سندس اچڻ کان پوءِ کوڙ سارن پروگرامن ۾ مان پاڻ به شريڪ ٿيو آهيان هن کان اڳ آرٽس ڪائوسل جا دروازا سنڌي پروگرامن لاءِ نه کلندا هئا، هاڻي آرتس ڪائونسل ۾ پروگرامن مٿان پروگرام ٿيندا رهن ٿا. اسان جا نوجاون اڳتي وڌي رهيا آهن،

مون کي هڪ سنڌي صحافي دوست ٻڌايو ته ادا اسان جڏهن هتي ڪراچي ۾ سنڌي صحافت جي حوالي سان داخل ٿياسين ته ڪراچي پريس ڪلب وارا اسان کي پنهنجي گلاس ۾ پاڻي پيارڻ لاءِ تيار نه هئا. هاڻي ته اسان ڪراچي پريس ڪلب کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڳالهه اسان لاءِ ڪيڏي نه خوشي سان گڏ اميد جو باعث آهي ته سنڌي ٻولي نه سرڪاري زبان آهي ۽ نه قومي ٻولي آهي پوءِ به سنڌي چئنل 6 ۽ 28 سنڌي اخبارون آهن جي پوري پاڪستان جي ڪنهن به ٻولي جا ناهن. ڪم ٿئي پيو ڪم ٿيندي، جو گجي پيو اهو نيت وسندو منزل دور ضرور آهي پر اتي رسبو ضرور هن سلسلي ۾ اياز جو هي شعر ڪيڏو نه ڪارائتو ۽ موضوع سان ٺهندڙ آهي ته:

سر سر ۾ سانڊاڻ وڃي پئي،

لوهه رجي اڄ رڪ ٿيو آهي،

وک مٿان ٻي وک کڄي پئي،

ها پر اڳتي پنڌ پيو آ.

اسان جا نوجوان سفر ۾ سرگرم عمل آهن هو ههڙين ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو سفر سموري سگهه سان جاري رکيو ٿا اچن.

ان کان پوءِ سدُ ڪيو ويو.  ڊاڪٽر سليمان شيخ کي جنهن پنهنجي مختصر ۽ جامع تقرير ۾ فضل الله قريشي کي پنهنجو سفر اڻ ٿڪ محنتي دوست ساٿي چوندي اهو ٻڌايو ته قريشي صاحب 17 گريڊ کان وٺي 22 گريڊ تائين پهچندي سنڌ دوست اڻ ٿڪ محنتي ۽ آفيسر جفاڪش ڪا به گهڙي ضايع نه ڪرڻ وارو سڀني سنڌي آفيسرن کي ڪم اچڻ وارو دلير ذهين ۽ اقتصادي ماهر آهي سندس هي ڪتاب سنڌ جي سورن ۽ ويساهه گهاتن جو اهم دستاويز آهي جنهن کي قريشي صاحب رقم ڪري نوجوانن کي آگاهي ڏئي پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ کوڙ سارن پراڻن يارن دوستن سان هڪ جاءِ تي ملي دل باغ بهار ٿي وئي. ڪراچي ۾ ادبي ثقافتي پروگرام، ورسيون مهورتي پروگرام جيڪي ٿين ٿا انهن ۾ ادن سان گڏ اديون به  ڀرپور شرڪت  ڪن ٿيون. ڪراچي جي شهري زندگي ماڻهن کي اڪيلائي جو جتي احسان ڏياري تي اتي هي محبتن جا ميڙ وڏو رنگ ٿا لائين. ۽ سنڌين کي اتساھ ٿا ڏين ته هو هنن پروگرامن کي زنده رکڻ هن وڏي شهر ۾ اسان جي نمائندگي ائين ٿي سگهي ٿي. ڇو ته ڪراچي اسان جو شهر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ستار ڀٽي جي ياد هڪ بهترين انسان جو وڇوڙو:درياخان شنباڻي

هڪ سال پهريان مون سائين ستار ڀٽي مرحوم کي خيرپور جي هڪ پروگرام ۾ ڏٺو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے