22 بدھ , نومبر 2017

پڇتاءُ

هو اڄ ڪلهه گهٽين ۾ رُلندي نظر پيو اچي، ڇو؟ ان پويان ڪهڙو راز آهي؟ اچو ته مان اوهان کي ٻڌايان. ساجد هڪ امير گھراڻي سان تعلق رکندو هو، سندس پيءُ شهر جي امير ترين ماڻهن مان هڪ هو. ساجد کي پنهنجي پيءُ جي دولت تي تمام گھڻو ناز هو. معمول موجب صبح جو ساجد ننڊ مان اٿيو، هٿ منهن ڌوئي هن ناشتو ڪيو ۽ گاڏيءَ ۾ ويهي اسڪول پهچي ويو، اڄ سندس پڙهڻ جو موڊ نه هو، ساجد جي ڪلاس ۾ اردوءَ جو پيرڊ شروع ٿيو، اڄ جو عنوان هو ”مان وڏو ٿي ڇا ٿيندس؟“ سر راشد سڀني کان پڇڻ شروع ڪيو، ته توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندؤ؟ ڪنهن پئي چيو ته، سر مان ڊاڪٽر ٿيندس، ڪنهن انجنيئر ٿيڻ پئي چاهيون، ڪنهن پئي چيو ته مان استاد ٿيندس، جڏهن ساجد جي واري آئي ته هن چيو ”مان وڏو ٿي پنهنجي بابا جي دولت تي عيش ڪندس“ استاد کيس سمجھايو ته ” محنت ڪر ۽ پنهنجو نالو روشن ڪر“ جنهن تي ساجد کي استاد جي ڳالهين تي چِڙ لڳي مٿس استاد جي ڳالهين جو ڪو به اثر نه ٿيو. اتفاق سان انگريزيءَ واري پيرڊ ۾ به ساڳيو ئي عنوان هو. مس انيلا به سڀني شاگردن کان سوال ڪيا. سڀني  اهي ئي جواب ڏنا، جڏهن ته ساجد جو جواب ٻڌي مس انيلا کي ڏاڍي حيرت لڳي. مس کيس سمجھائڻ چاهيو پر ساجد مس کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو ۽ چيائين ته مون کي نه سمجھاءِ! مس انيلا کيس هيڊ ماستر ڏي وٺي وئي، جتي به ساجد هيڊ ماستر سان بدتميزي ڪئي ۽ اسڪول کان گھر موٽي آيو. گھر پهچي هن بوٽ لاهي زور سان زمين تي اڇلايا ۽ ڪمري ۾ وڃي ڪمپيوٽر تي ويهي رهيو. ڏينهن گذرندا ويا، هاڻي ساجد ويهن سالن جو ٿي ويو هو، هر روز صبح جو هو گھران نڪرندو هو، رولو ڇوڪرن سان سڄو ڏينهن گذاري رات جو واپس گھر ايندو هو. ساجد جوپيءَ سمجھندو هو ته منهنجو پٽ تمام وڏو پاڙهو آهي، پر هو حقيقت کان ناواقف هو ته سندس پٽ ڇا پيو ڪري.

هڪ ڏينهن ساجد جي گھر هڪ ماڻهو آيو، هن ساجد کي ٻڌايو ته ”تنهنجي پيءُ جي فيڪٽريءَ ۾ باهه لڳي وئي آهي، ۽ اها باهه تنهنجي رولو ڇوڪرن ڏني آهي.“ ايتري ۾ ٻاهران ايمبولينس جو آواز آيو، هو تڪڙو دروازو کولي ٻاهر آيو. ايمبولينس مان ڪيترائي لاش ڪڍيا پئي ويا، ساجد هڪ لاش جو ڪپڙو هٽايو ته اهو ڏسي تمام حيران ٿي ويو ته اهو لاش سندس پيءُ جو هو ۽ ٻيو لاش سندس ماءُ جو هو، جنهن کان پوءِ هن تي قيامت ٽٽي پئي.

ماءُ پيءُ جي وفات کان پوءِ هو ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو، ۽ جڏهن کيس اها خبر پئي ته هي گھر جنهن ۾ هو اڄ ڪلهه رهي پيو اهو ڪنهن ٻئي جو آهي، سندس پيءُ تي ماڻهن جو گھڻو قرض هو، اهو ٻڌندي ئي هو بيهوش ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هو هاڻي گھٽين ۾ رلندو وتندو آهي، کيس هر هر  سر راشد ۽ مس انيلا جون ڳالهيون ياد پئي آيون، پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ ته وقت گذري ويو هو ۽ هاڻ هو ڪجھه نه پئي ڪري سگھيو.

پيارا ٻارو! ان ڪري ئي وڏڙا چوندا آهن ته وقت جو قدر ڪريو، وقت بادشاهه آهي، جيڪڏهن بي سبب گذري ويو ته پوءِ پڇتاءَ کان سواءِ اوهان وٽ ڪجھه به نه بچندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ستار ڀٽي جي ياد هڪ بهترين انسان جو وڇوڙو:درياخان شنباڻي

هڪ سال پهريان مون سائين ستار ڀٽي مرحوم کي خيرپور جي هڪ پروگرام ۾ ڏٺو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے