29 اربع , مارچ 2017

کلڻ منع آهي

رڙيون

شادي جي تقريب ۾ جن آيو، جنهن کي ڏسي ڇوڪرين کان رڙيون نڪري ويون، هڪ جن ڀڄائڻ وارو بابو آيو هن ڇوڪرين کي وضو ڪرڻ لاءِ چيو، ڇوڪريون وضو ڪري آيون ته.. جن جون رڙيون نڪري ويون.

سوڪهڙو

ٿلهو ماڻهو(سنهڙي ماڻهو سان) ”توکي ڏسي ايئن لڳي ٿوته جيئن دنيا ۾ سوڪهڙو پيو آهي.

سنهڙو ماڻهو ” ۽ توکي ڏسي ائين لڳي ٿو جيئن اهو سوڪهڙو تنهنجي ڪري پيو هجي.“

آرام ۽ سڪون

ڊاڪٽر مريض جي معائني لاءِ هن جي گهر پهتو ته هن ڏٺو ته ٻارن جي گوڙ سبب ڪمري ۾ زبردست هنگامو ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر اها صورتحال ڏٺي ته مريض چيو.

”سائين! اوهان  کي مڪمل آرام جي ضرورت آهي، منهنجو خيال آهي ته اوهان سڀاڻي پنهنجي آفيس جوائن ڪري وٺو.“

وڏي ڳالهه

محسن: معين کان ”اڄ اسانجي مرغي بيضو ڏنو آهي“

معين: اها ڪهڙي وڏي ڳالهه اهي.

محسن: جيڪڏهن اها وڏي ڳالهه ناهي ته تون ته ڏئي ڏيکار.

چنڊ

ماءُ پنهنجي نوجوان پٽ کي سڏيندي.

”پٽ! هيٺ اچ! ايڏي رات تائين ڇت تي ڇا ڪري رهيو آهين؟“

امي! چنڊ ڏسي رهيو آهيان“ پٽ جواب ڏنس.

”پٽ! ڏاڍي دير ٿي ويئي آهي. تون به هيٺ لهي اچ ۽ چنڊ کي چئي ڇڏ ته پنهنجي گهر هليو وڃي.“

بٽڻ دٻائيندو

ماءُ (پنهنجي سڪليڌي پٽ سان) پٽ! جڏهن تنهنجو پيءُ آمريڪا ويندو ته مان ان کي چوندس ته اتان اهڙي شئي آڻي جيڪا منهنجي پٽ جو هر ڪم ڪري ڇڏي. بٽن دٻائي ته جوتا پالش، بٽڻ دٻائي ته يونيفارم استري اهڙي طرح منهنجي پٽ کي ڪو به ڪم ڪرڻو نه پوندو“

پٽ! ”پر امي! بٽڻ ڪير دٻائيندو“

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون….!!

نوراحمد جنجهي عشق جي عميق آکاڻين کان پوءِ  ، سهي ۽ شينهن جي ڪردارن وسيلي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي