26 اربع , جولاءِ 2017

منهنجي لاءِ سنڌ صوبو نه پر وطن آهي:پرنس مير مهدي رضا ٽالپر عوامي آواز  سان ڳالهه ٻولهه

سوال :  رياست جي الحاق وقت توهان سان ڪهڙا معاهدا ڪيا ويا ؟

جواب : پاڪستان جي ٺهڻ وقت  اڌ کان وڏو حصو رياستي علائقو هو ، اسان جنهن جنهن کي مومن سمجھيو سو منافق نڪتو ، اسان سان جيڪي واعدا ڪيا ويا،  ان جي واعدي خلافي ڪئي وئي، رياست جي اندر رياست نه هجڻ گھرجي پر ان کان وڌيڪ خراب ڳالهه اها آهي ته رياست جي مٿان ٻي رياست حملو ڪري ۽ اسان سان پهريان معاهدا ڪيا ويا پوءِ وري پٺيءَ ۾ چاقو هنيا ويا.  اڄ جي گڏيل قومن جي 217 رياستن ۾ خيرپور رياست 59 هين وڏي رياست  هئي ، هن وقت به يورپ ۾ ننڍيون رياستون موجود آهن، پر هتي ان قسم جو رياستون قبول نٿيون ڪيون ويون. هتي جيڪو وڏو آهي ان کي حق تي سمجھيو وڃي ٿو ، جنهن جو قد وڏو سو حق تي باقي جيڪو ننڍو سو ناحق تي آهي . اسان  خير خواهي جي ڪري پاڪستان سان الحاق ڪيو هو ، اسان لاءِ پاڪستان يورپي يونين جيان هو . اسان پاڪستان سان ان سوچ تي الحاق ڪيو ته رياست خودمختيار رهندي ، پر اسان سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو ڄڻ اسان پاڪستان سان نه پر انڊيا سان الحاق ڪيو هو. خيرپور رياست ۾ پنهنجي نوازڻ واري سوچ ڪڏهن به نه هئي علي ڳڙهه يونيورسٽي جي قرارداد خيرپور رياست پاس ڪئي هئي. برطانيا بادشاهت کي هتي ٻه رياستون ٺاهڻيون هيون، هن ٻن رياستن کي بيلنس ڪرڻ ۽ چين کي بيلنس ڪرڻ لاءِ هتي هٿرادو رياستون ٺاهيون. برطانوي بادشاهت چين جي شاهي خاندان کي هيروئن ۽ نشو  پنهنجي عوام کي وڪڻڻ لاءِ  حملو ڪيو ، جنهن سان چين جو شاهي خاندان ڪمزور ٿي ويو .

پر هاڻي توهان سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي ، توهان کي مبارڪ هجي! هاڻي ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ،  اسان ته آهيون ئي خراب ماڻهو  اسان جي دور ۾ تعليم مفت ۽ لازمي هئي. خيرپور رياست  ۾ هڪ استاد جي پگھار برطانيا جي ڊپٽي ڪمشنر کان وڌيڪ هئي

سوال : ون يونٽ ۾ ڇا ٿيو ۽ ان جا سبب ڪهڙا هئا ؟

جواب : ون يونٽ ڪرايو ئي ان ڪري ويو هو ، جنهن جو نتيجو  بنگلاديش ڏسڻ ۾ آيو ، اصل ۾ ون يونٽ جو مقصد ان  وقت خيرپور ۽ بهاولپور رياستن پنهنجي عوام کي سهولتون ڏئي رهيون هيون ، اسان ان وقت جمهوري نظام لاڳو ڪري ورتو هو پر ان جا نتيجا ڪجهه عجيب ۽ غريب اچن پيا، جيڪي کٽي اچن پيا سي اسان جا عزيز هئا ۽ قابل ماڻهو رهجي پيا وڃن  ته پوءِ اسان پنهنجي مائٽن کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ته جيئن قابل ماڻهو اڳتي اچن.

سوال : اوهان جي وڏن کي فلاحي رياست واري سوچ ڪڏهن ۽ ڪٿان آئي ؟

جواب : منهنجو والد جي ڪئمبريج يونيورسٽي ۾ پڙهڻ وقت فلاحي رياستن جو خيال نئون نئون اڀريو هو ، سو منهنجي والد چاهيو ته اهڙو نظام اسان وٽ به هجڻ گھرجي، خيرپور رياست ۾ ان وقت مزدور جي مزدوري لاهور کان وڌيڪ هئي ، سکر کان ته ٽي ڀيرا وڌيڪ هئي ، سکر ۾ هڪ رپيو مزدوري هئي ته خيرپور رياست  ۾ ٽي رپيا هوندي هئي ، سکر ۾ ڏيڍ رپيو مزدوري جي صورت ۾ خيرپور ۾ ساڍا چار رپيا مزدوري ٿي وئي. خيرپور رياست ۾ اناج ۽ کاڌ خوراڪ وارين شين جي اسمگلنگ تي مڪمل پابندي هوندي هئي،

اسان کي چيو ويو ته رياست جي آخري ڏينهن تي جيڪا توهان جي ذاتي ملڪيت هوندي سان توهان کي ملندي پر ائين نه ٿيو ، اهي هيزهائينس کي وضيفي تائين محدود ڪرڻ چاهين پيا. اسان کي چيو ويو ته  اسلام آباد نئون شهر ٺاهيون ٿا، توهان اٺئين آني ۾ گز خريد ڪريو. پاڪستان جي حڪمرانن مفت تعليم ۽ مفت صحت جي سهولت ڏيڻ بند ڪئي ته اسان خيرپور ويلفير نالي ادارو قائم ڪري پنهنجون صنعتون ان اداري کي ڏئي ڇڏيون ، اڳتي هلي اهو ٽرسٽ ۽ صنعتي ادارا به پاڪستان جا حڪمران  کڻي ويا، جيڪي پوءِ بند ٿي ويا. انڊيا راجا محمود آباد جي ملڪيت کسي ورتي ڇو جو هن پاڪستان سان الحاق ڪيو . هنن (پاڪستان جي

حڪمرانن) اسان سان اهڙو سلوڪ ڪيو آهي ته ڄڻ اسان پاڪستان سان ته پر انڊيا سان الحاق ڪيو هو . مان هنن کان ڪجهه نٿو چاهيان ، صرف اسان کي سزا ڏيڻ بند ڪئي وڃي، اسان جي جائيداد تي بدمعاش ماڻهو قبضو ڪري ويٺا آهن . وڏيرا چون ٿو ته اها ملڪيت اسان جي آهي.

سوال : مير صاحب توهان سياست کان پري ڇو آهيو ، جڏهن ته مير پور خاص ۽ حيدرآباد جا مير سياست ڪن ٿا پيا ؟

جواب : اسان جو سياسي نظام ۾ نه وڃڻ جو سبب اهو آهي ته حڪمرانن سان گڏ عوام به ڪرپٽ ٿي ويو آهي ، اصل ۾ هي چورن جو نظام آهي . هتي ڪجهه سياسي خاندانن جي هڪ هٽي آهي، انهن کي ڪجهه سالن ۾ هزهائينس شيخ محمد آف دبئي کان وڌيڪ امير ٿيڻو آهي، ته پوءِ پاڪستان جو ڇا حال ٿيڻو آهي ، اهو توهان پاڻ سمجھو . پاڪستان جي قومي اسمبليءَ ۾ چار سو  ڪجهه ميمبرن لاءِ سال جي 365 ڏينهن ۾ 120 ڏينهن اجلاس هلندو آهي،  جيڪڏهن هڪ ميمبر کي وقت ملي وڃي ته اهو به 15 منٽ مس هوندو هاڻ منٽن ۾ مان پنهنجو ڪهڙو داستان ٻڌائي سگھندس . اسيمبلي جي سيشن دوران ٽي وي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ميمبر اسيمبلي حال ۾ ستا پيا هوندا آهن يا سموريون سيٽون خالي پيون هونديون آهن . اسان طاقت اسٽبلشمينٽ وٽ  آهي، سياستدان ڪرپٽ ماڻهن جو ٽولو آهي، اسٽيبلشمينٽ انهن ڪرپٽ ماڻهن کي ڪرپشن عنايت ڪندي آهي ، جيڪڏهن  اها نه ڪري ته هي سياسي پارٽيون ختم ٿي وڃن .هتي ٺيڪيداري نظام آهي، اسان رياست ۾ ٺيڪيداري نظام ڪونه هو .

سوال:  موجوده دور  ۾ ملڪ کي فلاحي رياست ڪيئن ٿو بڻائي سگھجي ؟

جواب :  هاڻي توهان هن رياست کي فلاحي رياست بڻائي نٿا سگھو، رياستون نيون ٺهنديون آهن ته انهن جون حالتون خراب هونديون آهن، تڪليفون ۽ پريشانيون هونديو آهن ، آمريڪا جا به شروعاتي ڏينهن خراب هئا ،  پر  هر ايندڙ سال گذريل ڏهن سالن کان بهتر هوندو آهي ، هتي اسان ڏسون ٿا هر سال گذريل ڏهن سالن کان وڌيڪ بدتر ، ڀيانڪ ۽  خوفناڪ  هوندو آهي ، هي ملڪ بهتريءَ بدران خرابي ڏانهن وڌي رهيو آهي. نظام جون پاڙون آئين ۾ هونديون آهن، آئين جون پاڙون نظرئي ۾ هونديون آهن، توهان جنهن نظرئي تحت ملڪ ٺاهيو، توهان ته  ان ته به نٿا هلو .

سوال : توهان کي ڪنهن سياسي پارٽي يا ڪنهن قوت طرفان سياست جي آڇ ٿي ؟؟

جواب : اسان کي ڳلي لڳائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي پر مون کي چور ٿيڻو نه هو ، مان ماڻهن کان ووٽ وٺان ۽ بدلي ۾ ڏيان ڪجهه به نه …..!

سوال : خيرپور جو صنعتي شهر ختم ڪئين ٿيو ؟

جواب : اسان وٽ ماڻهون روئيندا آيا ته هڪ گروهه فيڪٽرين ۾ گھڙي سامان پنجاب کڻي وڃي رهيو آهي ، ان تي اسان ايوب خان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته هاڻ اهي فيڪٽريون ته پاڪستان جي ملڪيت آهن ، توهان ته اسان کان کسي ڇڏيون آهن، اهي دنيا جون بهترين فيڪٽريون ، انهن کي ڇو ٿو لٽيو وڃي، ايوب خان جواب ۾ چيو ته هي علائقو  انهن فيڪٽرين جي لاءَ مناسب ناهي. تنهن کان پوءِ اسان فيض مهل جي پلاٽ ۾ هڪ نمائش منقد ڪئي، ته هڪ شخص ايوب خان لاءَ  اسان کان پيسا وٺڻ آيو ، اهو شخص بعد ۾ وڏو عوامي ليڊر ٿي سامهون آيو ، هينئر تائين هن جا جيئي جيئي جا نعرا عام آهن. پيسا به وٺي ويا ۽ صنعتي فيڪٽريون به لٽي ويا .

ملڪ هلائڻ لاءِ هاڻي طريقو اهو آهي ته يا ته توهان قرارداد پاڪستان تي عمل ڪريو ، يا وري ڪو فرشتو اچي ۽ چوي ته مان هي بٽڻ توهان لاءِ آندو آهي ۽ ان کي دٻائڻ سان سڄي ڪرپشن ختم ٿي وڃي،گڏهه تي پائيلٽ کي وهارڻ سان گڏهه اُڏرندو ڪونه.

.

سوال: دنيا ۾ جمهوري نظام مان اوهان مطمئن آهيو؟

جواب: دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار آمريڪا ۾ 5 سو ملين ڊالرز جي خرچ ڪرڻ تي هڪ اسيمبلي جي سيٽ حاصل ڪئي وڃي ٿي، 93 سيڪڙو سيٽون پيسا خرچ ڪري حاصل ڪيون وڃن ٿيون ،  هاڻوڪي اليڪشن ۾ هيلري هڪ ارب ڊالرز خرچ ڪرڻ جي باوجود هارائي وئي . جمهوريت جي چيمپيئن آمريڪا عراق ۽ افغانستان ۾ 20 لک معصوم ماڻهو ماري ڇڏيا، ان کان اڳ 8 لک ٻارن دوائون نه ملڻ ڪري فوت ٿيا، اها هيلري ۽ ان جي مڙس ڪلنٽن جي مهرباني هئي. جمهوريت جي نالي تي جيڪي ڪروڙين ماڻهو قتل ٿيا آهن، ايترا ته سمورن بادشاهن هلٽر، چنگيز خان سميت گڏ ڪجي تڏهن به جمهوريت جي دور ۾ قتل ٿيل ماڻهو جو تعداد تمام گھڻو آهي .

سوال : توهان کي هن نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪا آڇ ٿي ؟

جواب :مون کي آڇ ٿي ته اچو جهاز ۾ ويهو، مون ڏٺو ته جهاز جي جاءَ تي گڏهه بيٺو هو ، هي سسٽم هلي نٿو سگھي.  ها اذيت ۾ ڪجهه گھٽتائي اچي سگهي ٿي ، جيڪڏهن اسٽبلشمينٽ ۾ سڌارو اچي ته پوءِ اهو ممڪن آهي. جيئن راحيل شريف جي ڪجهه سٺن ڪمن جي ڪري ڪيترن ماڻهن جي تڪليف گھٽ ٿي . سمورا مسئلا حل نه ٿي سگهيا. هن وقت جمهوريت جا ٻه قسم آهن، هڪ سرمائيداري جمهوريت ۽ ٻي سوشلسٽ جمهوريت آهي، مسئلو اهو آهي ته هي جيڪا جديد جمهوريت آهي جنهن ۾ ماڻهن جو  قتل عام ڪيو ويو . چين ۾ ساڍا چار ڪروڙ هاري ماريا ويا، ٿورو سوچو ته ڪروڙين ماڻهو حڪومت جي سزا جي ڪري مري وڃڻ فقط ان ڳالهه تي پيداوار صحيح نٿي.

سوال :  مير صاحب، جيڪي تاريخي عمارتون توهان جي خاندان کان توهان مليون، ان جي سارسنڀال ڪهڙي نموني ٿئي پئي ۽ حڪومت توهان سان ان سلسلي ۾ سهڪار ڪري پئي ؟

جواب: جيڪي محل يا ملڪيتون حڪومت جي حوالي ٿيون هيون اهي ختم يا زبون حال ٿي ويون آهن ، باقي جيڪي مون وٽ آهن سو مان انهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ، هاڻ اسان اهي رئيس ناهيون رهيا،

پهريان تمام گھڻي تڪليف ٿيندي هئي ، اخبار پڙهي روئندا هئاسين ، شرمندگي ٿيندي هئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، پنهنجي بي وسي تي روئندا  هئاسين ته هي ظلم ٿي رهيو آهي ۽ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگھون.

سوال : هڪڙو ته توهان سان رياستي ظلم ٿيو،  ڀلا  انهيءَ  ظلم ۾ سياست پارٽين به ڪو ڪردار ادا ڪيو ؟

جواب : ذوالفقار  علي ڀُٽو جنهن ڏينهن سول مارشل لا ايڊمنسٽيٽر ٿيو هو،  ان جي ٻئي ڏينهن هن رياستن جي جھنڊن کي ختم ڪرڻ ، سمورا معاهدا ختم ڪري وظيفو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ، پوءِ وري بعد ۾ مينٽينس الائونس جو اعلان ٿيو هو ، جيڪو به تمام گھٽ هو . اصل ۾ ڀُٽي جي اها احساس ڪمتري هئي ، ڀُٽي جي پڙهائي لاءَ شاهنواز ڀُٽي منهنجي والد جي سيڪريٽري ڪرنل ميٽيگاس (انگريز )کان مدد گھري هئي . ڪجهه ماڻهن سان توهان نيڪي ڪندئو ته ان جو نتيجو ابتو نڪرندو هتي به ائين ئي ٿيو.

 سوال: سنڌ بابت اوهان جا ڪهڙا خيال آهن؟

جواب: مان سنڌ کي صوبو نه چوندس، منهنجي لاءِ  سنڌ وطن آهي، منهنجي ٻٽي شهريت آهي، مان سنڌ ۽ پاڪستان جو هڪ ئي وقت شهري آهيان ، ڪو آمريڪا ڪو برطانيا جو شهري آهي، مان سنڌ ۽ پاڪستان جو شهري آهيان. مان ان پاڪستان کي مڃان ٿو جو قرارداد پاڪستان وارو پاڪستان آهي، منهنجي دعا آهي ته پاڪستان انهيءَ رستي تي اچي وڃي. سنڌ ڪارڊ پنجاب کي تڪليف نه ڏئي ۽ پنجاب جي سياست به سرائڪين کي تڪليف ڏئي،  نه سنڌين کي نه وري بلوچن کي ۽ پٺاڻن کي. اسٽبلشمينٽ سان جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻول ٿي وڃي ته ان کي چوندس ته توهان اسان سان زيادتي ڪئي آهي، ان دور جي بيوروڪريسي جي ڳالهين ۾ اچي توهان غلطي ڪئي، پر ان کي وساري هاڻ اڳتي وڌو . توهان  ستر سالن کان صحيح رستو اختيار ناهي ڪيو ،  ملڪ هڪ ڪلاڪ لاءَ به حق واري رستي تي ناهي هليو ، توهان جن ماڻهن جي صلاح تي هلو ٿا سو هڪ مسئلي کان پوءَ ڏهه ٻيا مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا. توهان ايم ڪيو ايم ۽ مذهبي گروهه ٺاهيا، اهي توهان جي ڳچي م پئجي ويا آهن،  اهي گروهه توهان جي ٻارن کي قتل ڪن ٿا.

سوال: پاڪستان بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

جواب: موجوده پاڪستان آرمي جو پاڪستان آهي، آرمي هلي وئي ته پاڪستان نه بچندو، انهيءَ اسٽبلشمينٽ کي منهنجي گذارش آهي ته توهان جو پيٽ ڀرجي ويندو آهي پلاٽن سان ۽ ڪجهه ٻين شين سان ، توهان بس هڪ ڪلاس آهيو، توهان ڪجهه هزار آهيو ، جنهن ۾ پنجاهه جي قريب فيصلا ڪندا آهيو،  توهان جو ۽ توهان جي ڪلاس جو پيٽ ڪوئي اهڙو کوهه ناهي جيڪو ڀرجي ئي نه .

سوال : مير صاحب  توهان جو عوام لاءِ ڪو پيغام ؟

جواب : مون کي اسٽبلشمينٽ سان ڳالهائڻو آهي  ته اگر توهان چاهيو ٿا ته اسان جو ملڪ جرمني جيان امير ٿئي  ته پوءَ منهنجي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍجو مان به توهان کي ڪجهه صلاحون ڏيندس ، ان ۾ توهان جو نقصان به نه ٿيندو ۽ عوام جو ڀلو به ٿيندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

تلوارن سان ئي سهي، امن لاءِ آزادي ضروري آهي (4):ڊاڪٽر ايوب شيخ

  مون ڪتابن ۾ جنهن نموني آميريڪا کي پڙهيو هو تنهن مان مون  اهو سمجهيو هو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي