26 اربع , جولاءِ 2017

هيءُ آمريڪا آهي! دوائون کپن ته گڏ رکندا ڪريو!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

27 سيپٽمبر 2003ع تي من هٽن سينٽر، نيويارڪ ۾ ڪانفرنس آن انڊين لٽريچر ۾ آءٌ Contemporary Indian Literature  تي تقرير ڪري منچ تان هيٺ لٿس، ته حاضرين مان ڪيترا ئي اڻ ڄاتل شخص پاڻ اچي مون سان مليا ۽ منهنجي تقرير جي ساراه ڪري رهيا هئا. هڪ گجراتي شاعر هرنيش جاني، جيڪو ان مهل نيوجرسيءَ ۾ رهندڙ هئو، ان ته منهنجي موجودگيءَ ۾ ساجد رشيد کي ايترو به چيو، ته مٽلاڻيءَ جي تقرير ٻڌي هن جون اکيون اليون ٿي ويون!

خوشي جي ڳالهه اها هئي، ته ڪانفرنس جي ان پڇاڙي واري ڏينهن تي مس مس مون هڪ سنڌي جوڙو ڏٺو! انهن پاڻ اچي مون سان ڳالهايو ۽ پنهنجي واقفيت ڏني. هڪ نوجوان ڇوڪري، جيڪا صرف انگريزي ئي ڳالهائي رهي هئي؛  ان اچي منهنجي هٿ تي منهنجو ئي ڪتاب Sindhi Medial Literature رکيو جيڪو هوءَ مٿي رکيل Exhibition  تان خريد ڪري وٺي آئي هئي؛ ان ڪتاب تي آٽو گراف گهريو. مون هن لاءِ دعا جا ڪجهه لفظ لکي کيس آٽو گراف ڏنو. هن ٻڌايو ته ان جا ماءُ پيءُ ٻيئي سنڌي آهن پر اُهي سڀ گهر ۾ انگريز ي ئي ڳالهائيندا آهن. موڪلائڻ مهل مون کي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنو، جنهن مان خبر پيئي ته سندس نالو بينا ڪملاڻي هئو ۽ هوءَ دنيا جي مشهور پبليڪيشن ڪمپني Penguin Putnam Inc. ۾ ڪم ڪري رهي هئي.

آچر، 28 سيپٽمبر 2003ع تي صبح جو ساجد رشيد ۽ مان هوٽل جي اٺٽيهين ماڙي واري روم 3802 ۾ ناشتو ڪرڻ وياسين ته هندوستان جو سابق وزيراعظم پي. وي. نرسمهارائو به جلد ئي اچي ويو. هن اچڻ سان ئي مون کي چيو

”مٽلاڻي! اڄ توهان کي مون سان ملڻو آهي. آءٌ ڏهين بجي پنهنجي روم ۾ اوهان جو انتظار ڪندس“

مون کانئس معذرت وٺندي ٻڌايومانس ته ان ڏينهن اسين سڀ ڊيليگيٽس فليڊلفيا وڃڻا آهيون، ته هن وري ايندڙ ڏينهن 29 سيپٽمبر تي سندس روم ۾ محفل ڪرڻ لاءِ چيو. مون کي  ڀليءَ ڀت اهو لڳي رهيو هئو ته هاڻ منهنجي تقرير ٻڌڻ کانپوءِ خود نرسمهاراءُ کي به مون سان ڪجهه خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي هئي؛ جنهن لاءِ هن مون سان پنهنجي روم ۾ اڪيلي سر ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاهيو!

”نيويارڪر هوٽل“ جي اٺين اوينيو واري گيٽ تان 10:00 بجي صبح جو اسان جي بس کڻي ڪري فليڊلفيا لاءِ هلڻ شروع ڪيو. ساجد رشيد ۽ مان ڊرائيور جي بلڪل ئي پٺيان پهرين قطار ۾ ئي ويٺا هئاسين. بس، ڏهين اوينيو تان ٿيندي ايڪسپريس وي تي پهتي ۽ جلد ئي پوءِ هڊسن نديءَ هيٺيان واري غفا پار ڪري نيو جرسيءَ ۾ داخل ٿي.

بس، ايڏو ته آرامده هئي جو ايڪسپريس وي تي هلندي ائي پئي لڳو ڄڻ هوائي جهاز  ۾ سفر ڪري رهيا هجون! ايڪسپريس وي تي هڪ ئي مهل وهيڪلس جون ٻارهن قطارون نيويارڪ کان واشنگٽن طرف وڃي رهيون هيون. نيو جرسي ۽ فليڊلفيا اُن ئي رستي تي اچن ٿا. ايڪسپريس وي تي هڪ قطار ” Carpool“ لاءِ محفوظ ڪرايل آهي؛ جتان صرف اهي وهيڪلس هلي سگهنديون آهن، جن جي اندر گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مسافر هجن. ان مان سمجهي سگهجي ٿو، ته اتي گهڻو ڪري هر هڪ فرد اڪيلي سر ئي سواري ڪندڙ هوندو آهي ان لاءِ سرڪار ”ڪارپول“ جي لالچ ٿي ڏئي ته جيئن اسين ٻين کي به ساڻ کڻي نڪرو ۽ ان ڪارپول واري لائين ۾ فٽافٽ اڳيان هلندا هلون!

نيوجرسيءَ  ۾ داخل ٿيندي ٿورو ئي اڳيان وڌياسين، ته ساڄي طرف اُتان جو ”نيو آرڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ هئو؛  ان جي بلڪل ئي سامهون کاٻي هٿ واري سامونڊي ڪناري تي   “Sea Port” هئو، جتي ڪيترا ئي وڏا وڏا پاڻيءَ جا جهاز لنگرانداز ٿيل هئا. جڏهن ته ايئرپورٽ ۽ سامونڊي بندر وچ ۾ وري اوچائيءَ تي  هڪ ريلوي اسٽيشن پڻ هئي؛ جتان ڪو به مسافر ريل رستي نيويارڪ يا فليڊلفيا ڏانهن وڃي پئي سگهيو. ايئرپورٽ جي اڳيان وڌياسين ته پوءِ فليڊلفيا طرف ايڪسپريس وي تي ٻارهن مان اٺ اٺ قطارون ٿي ويون؛ جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتان کان نيويارڪ طرف وهيڪلس جي ڪجهه وڌيڪ ئي آمدرفت ٿيندڙ هوندي!

اسين پوڻا ٻه ڪلاڪ لڳاتار بس جو سفر ڪندي فليڊلفيا شهر جي ٻاهران ”هوٽل ريڊيسن“ پهتا هئاسين، پر ڊرائيور کي جو ”للي ٿئيٽر“ جو چيل هئو ته همراه چڱو اڳيان نڪري ويو. پوءِ ته بس کي واپس گهمائي آڻي اسان کي هوٽل ريڊسين جي پورچ ۾ لاٿائين.

ريڊسين هوٽل، بيحد خوبصورت پئي لڳي. اسان جا ميزبان اڳواٽ ئي هوٽل ٻاهران گيٽ تي بيٺا هئا ۽ بس ۾ چڙهي اچي اسان تمام ڊيليگيٽس جو هٿ جوڙيندي استقبال ڪيائون. هيٺ لٿاسين ته هر طرف کان فوٽوگرافرس جون فليش لائيٽس ٻرڻ شروع ٿي ويون، ڄڻ هڪ شاهاڻو سواگت ٿي رهيو هجي! هوٽل اندر لابي ڪراس ڪري اڳيان وڌياسين ته ”للي ٿئيٽر“ لاءِ هڪ ماڙو هيٺ لهي بيسمينٽ ۾ وڃڻو هئو؛ جتي هڪ بيحد حسين و جميل آڊيٽوريم ٺاهيل هئو. استيج لائيٽس، انٽيرئر توڙي ان جو نماءُ، هڪ هڪ شيءِ انتهائي عمده ۽ بيحد نفاست سان ٺاهيل پئي لڳي. اسٽيج جي سامهون حاضرين لاءِ الڳ الڳ سيڪشن ۾ ڪجهه ڪجهه هيٺ مٿاهينءَ تي ريسٽارنٽ ٽائيپ ٽيبل، ڪرسيون لڳايل هيون، جيئن تمام مهمان کائيندي پيئندي ئي اسٽيج تي هلندڙ پرفارمنس جو لطف ماڻي سگهن. هر هڪ ٽيبل تي اڳواٽ ئي ڊراءِ فروٽ وغيره پڻ  رکيل پڻ هئو ۽ ويٽر بار بار ڪيترائي Snacks   کڻي پئي آيا.

”للي ٿئيٽر“ ۾ پهتاسين ته اڳ ئي اتان جي گجراتي سماج جو هڪ فنڪشن هلي رهيو هئو ۽ مئڊرڊ (اسپين) کان آيل فادر ويلس، پوڊيم تان گجراتيءَ ۾ ئي ليڪچر ڪري رهيو هئو. جيئن ئي ان جو ليڪچر پورو ٿيو ته اسان ڊيليگيٽس مان ڪجهه شاعرن بشير بدر ۽ گلزار وغيره کي مٿي اسٽيج تي گهرائي هڪ مشاعرو شروع ڪيو ويو. مجموعي طور فلمن جو گليمر اُتي نيويارڪ/فليڊلفيا ۾ به منتظمين مٿان حاوي هئو؛ جو اسان ڊيليگيٽس مان اردو ۽ هنديءَ جي نمائندگي ڪندڙ شاعر ۽ فلم ڊئريڪٽر گلزار کي ڪجهه وڌيڪ ئي اهميت ملي رهي هئي. اُها ڳالهه ڪيترن ئي ڊيليگيٽس محسوس ڪئي ۽  دٻيل سُر ۾ ڀڻڪي به رهيا هئا؛ پر اهو ئي زندگيءَ جو سچ آهي جيڪو اسان کي قبول ڪرڻو پوندو! وري جو لنچ بدران صرف هڪ باڪس ۾ هيوي سنيڪس ڏناويا؛ ان ته ماڳهئين ئي ڪيترن کي ڪاوڙائي ڇڏيو.

مشاعري بعد تمام ڊيلگيٽس کي پوڊيم تي گهرائي کانئن سيلف انٽروڊڪشن ڏيڻ لاءِ چيو ويو؛ پوءِ ته گنڀير اديبن ڪجهه به نه ڳالهايو پر ڪيترا اهڙآ به هئا، جيڪي پنهنجي بيجا ساراه ڪندي ايترو ڳالهائي رهيا هئا، جو اهو سڀ ڪجهه بيحد دير هضم  پئي لڳو. ائين آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ هندوستاني مختلف ٻولين جي گڏيل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ سان هڪ وڏي انڪشاف جي خبر پئجي ويئي ته هلڪڙائپ صرف اسان وٽ ئي نه پر برصغير جو ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ به آهي! جيتوڻيڪ اُتي هلڪڙا ماڻهو گهٽ هئا ۽ گُهٽ ۽ مونجهه محسوس ڪندڙ وڌي ئي هئا!

تعارف جو سلسلو پورو ٿيو ته فليڊلفيا جو ميزبان چارٽرڊ اڪائونٽ ديويندر پير، ان جي شريڪِ حيات چلڊرين اسپيشلسٽ ڊاڪٽر سيتا پير،  فادر ويلس، ڊاڪٽر جيرامن، گوپيچند نارنگ ۽ گلزار ٻيهر منچ تي گهرايا ويا ۽ انهن جون تقريرون شروع ٿي ويون. ائين ڪندي شام جا پنج بجا اچي ٿيا؛ تڏهن مس وڃي صرف ڏه منٽ چانهن جو وقفو مليو. پوءِ وري اتي رهندڙ مختلف هندوستاني سماج طرفان مراٺي لاواڻي توڙي ٻين ٻولين جا لوڪ نرتيه پيش ڪيا ويا. پر اهي سڀ بهترين ڪاسٽيوم، شاندار اسٽيج ۽  الٽرا مارڊرن لائيٽس باوجود به فني ڪمزوريءَ سبب اميچوئر پئي لڳا!

ساجد رشيد به ٻئي پاسا ورايا ته مون کيس ٻاهر هوا ۾ هلڻ لاءِ چيو. ٻاهر  آياسين ته اسان کان اول ئي مين گيٽ ڀرسان هڪ بينچ تي ڪمليشور، للت جين ۽ جيا پرڀا اڳواٽ ئي ويٺا پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا. ٿورو پريان وري هڪ ٻيون گروپ اميش اگني هوتري (وائس آف آمريڪا، واشنگٽن) منوهر شيام جوشي ۽ وشو ناٿ سچديو به پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هوٽل کان ٻاهر فضا ۾ ايڏو ته لطف هئو جو مزو پئي آيو. موسم به ايڏي ته خوشگوار هئي جو پگهر ئي نه نڪري. ٽي ٽي ڏينهن ته ڪپڙا ميرا ئي نه ٿين. ائين اسين هر هڪ ڊريس ٽي ڏينهن ته ڪو نه پئي پاتي پر جيڪڏهن مجبوريءَ ۾ ڪنهن کي پائڻي پوي ته جيڪر اڇي شرٽ به ميري ڪو نه ٿئي! ان پوليوشن فري ماحول سبب پورو آمريڪا صاف ۽ سٿرو لڳو پيو آهي. صفائي آهي ته صحت به آهي. ائين نه جو برصغير جي هنن ستايل ملڪن جيان هڪ هڪ جنرل فزيشن وٽ مريضن جي قطار لڳي پيئي هجي! اُتي آمريڪا ۾ ته اسان کي ڪنهن به جنرل فزيشن ڊاڪٽر جي ڪا ڪلنڪ ئي نظر ڪو نه پئي آئي!

ريڊيسين هوٽل ٻاهران انتظار ڪندي ڪندي پوءِ ته ٽيئي گروپ پاڻ ۾ گڏجي وياسين. سڀ غصي ۾ لڳا پيا هئا. اسين ائين پئي سمجهيو ته سياحن جيان فيلڊلفيا جو سير ڪرايو ويندو؛ پر هتي ته اُهي اسان کي هڪ هوٽل ۾ بند ڪندي حاضرين مٿان اثر ڄمائي رهيا هئا ته هنن هندوستان جا سڀ وڏا اديب پاڻ وٽ گڏ ڪيا آهن. ڪيترن کي ته اهو غصو هئو ته گهٽ ۾ گهٽ ماني ته چڱي کارائين ها؛ هتي ته رڳو سنيڪس ئي سنيڪس هئا. نه ئي وري ان فائيو اسٽار هوٽل باهران ڪا ننڍي وڏي ريسٽارنٽ هئي، جتي ناشتو پاڻي ڪري سگهجي!

جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو، تيئن تيئن مهمانن جي رنجش وڌندي پئي ويئي. پهرين ساجد رشيد آواز ڪيو؛ پوءِ جيا پرڀا، ڪميلشور، ڪمو هفيضڪا ۽ ڊاڪٽر سشيلا گپتا، سڀ ڪاوڙجي وڃي بس ۾ ويهي رهيا. اسان به ٻاهر بيٺل هئاسين ته هاڻ رُٺلن کان دامن ڇڏائي اندر وڃڻ واجب ڪو نه هئو. سو اسين به وڃي بس ۾ ويٺاسين. الائي ڪيئن هوٽل اندر اسان جي ناراضگيءَ جو اطلاع پهچي ويو. ڪجهه ميزبان به ٿورا هلڪڙا هئا، جو ٻه نوجوان دراصل آيا هنن بزرگن کي مڃائڻ هئا؛ پر اڃا به گهٽ وڌ ڳالهائي باه تي گيهه جو ڪم ڪري رهيا هئا. ڪمليشور کي دوائون کپنديون هيون. هڪ نوجوان چيو، هيءَ آمريڪا آهي! هتي جيڪڏهن توهان کي دوائون کپن ته هر وقت پاڻ سان گڏ رکندا ڪريو!“

ٻئين نوجوان، جيا پرڀا کي چيو، ” هيءَ بس اسان جي رهائش واري هوٽل تي ساڍي نوين بجي کان اڳ ڪو نه ويندي! بک لڳي اٿو ته هوٽل ۾ اندر هلي ماني کائو!“

ان مهل اڃا 8.00 بجه مس ٿيا هئا. اهڙين ڳالهين ماحول ۾ ڏاڍي تلخي پيدا ڪري ڇڏي. پوءِ ته فيلڊلفيا جو خاص ميزبان ديويندر پير ۽ سندس شريڪه حيات ڊاڪٽر ميتا؛ ٻيئي انتهائي نوڙت وچان اسان سڀني کي مڃائڻ لاءِ بس ۾ چڙهي آيا. پر ڪير به هوٽل اندر وڃڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه ٿي رهيو هئو. ديوندر پير، انتهائي نوڙت مان چيو، ”ٺيڪ آه! هيءَ ئي بس اوهان کي ڀرسان ڪنهن ٻئي هوٽل تي وٺي ٿي هلي. اتي هلي اوهين ماني کائو!“

ان تي ويچاري ڊاڪٽرياڻي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. چيائين:

”اسان جو ڪو به ڏوه ناهي! اسين هيترو ڪجهه صرف توهان کي عزت ڏيڻ لاءِ ڪيو آهي! جن به والنٽيئرس بدتميزي ڪيئي آهي؛ انهن لاءِ آءٌ معافي ٿي وٺان! مهرباني ڪري هتي ئي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ويهي سڀ سان گڏجي ماني کائو!“

ڊاڪٽر ميتا جي ايڏي معصوميت سڀني کي پاڻي ڪري ڇڏيو. باقي به ماحول کي سازگار بڻائڻ لاءِ مون سڀني کي چيو ته اها صلاح واجب اهي! اسين لهي ڪري ڀرسان ئي هڪ ٻئين هال ۾ روٽي کائڻ پئي وياسين. پر ساجد رشيد اڃا ماني غصي هئو. هو روٽي کائڻ لاءِ تيار ئي ڪو نه پئي ٿيو. مون سڀني کي چيو ته ”ساجد کي اڪيلو ڇڏڻ ٺيڪ نه ٿيندو! اوهين سڀ هلي ماني کائو. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته هن کي ويهي ڪمپني ڏيان. مون کي به روٽي ڪو نه کپي. سڀ کائيندا ۽ هوُ به کائيندو ته مان به کائيندس!“ ان تي ساجد به ٿڌو ٿيو ۽ پاڻ مونکي اُٿاري ڪري هيٺ اندر هال ۾ وٺي آيو. اسان ٻنهي به پليٽ کڻي ماني کاڌي. بعد ۾ 9:15 بجي بس ۾ روانا ٿياسين.

بس اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪندي ”ولو گروو“ وٽ ايڪسپريس وي جي ڀر ۾ 1500-ايسٽن روڊ تي واقع فائيو اسٽار هوٽل ”هيمپٽن اِن“ ۾ اچي اسان کي لاٿائين. اها ”هوٽل، هيمپٽن اِن نيويارڪر“ کان به ڪشاده هئي. هوٽل ٻاهران سبزه زاري به ڏاڍي گهڻي هئي. روم پڻ بيحد آرامده هئا ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ اڃا تازو ئي اها هوٽل ٺاهي ويئي هجي! ساجد رشيد ۽مونکي روم نمبر 300 الاٽ ٿي ته اسان به وڃي ڪجهه ڪچهريون ڪري سمهي پياسين.

29 سيپٽمبر تي صبح جو 5:30 بجي جاڳ ٿي. دريءَ کان ٻاهر ايڪسپريس وي تي ڪارين جي ڀيڙ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهي هئي. لائيٽس جي جڳ مڳ اڃا به چالو هئي. پروگرام موجب اسان کي 8:30 بجي بس ۾ ديويندر پير جي گهر وڃڻو هئو، جو صبح جي نيرن هن پنهنجي گهر ۾ رکي هئي. ساجد رشيد ۽ آءٌ بلڪل ٽائيم تي ساڍي اٺين بجي صبح جو هيٺ لهي آياسين. ڪيترا ڊيليگيٽس ته اسان کان به اڳ ئي اچي چڪا هئا. جيسين سڀ پهچن؛ تيسين هال جي ڀرسان ئي هڪ سيڪشن ۾ هوٽل طرفان ڪامپليمينٽري بريڪ فاسٽ رکيل هئي. ٿورو گهڻو ناشتو ته اتي ئي ڪري ورتوسين. آخر 9:00 بجي اسين بس تي چڙهي ديوبندر پير جي گهر ڏانهن راهي ٿياسين.

ديويندر پير کي فليڊلفيا ۾ هڪ وڏي ‘Certified Public Accountants’  جي ڪمپني آهي، جنهن جو هو پاڻ پريزيڊنٽ آهي. فليڊلفيا شهر جيئن ته پهاڙي نما هيٺ مٿانهينءَ تي واقع آهي؛ ته ديوندر پير جو بنگلو به هڪ پهاڙيءَ تي ئي تعيمر ٿيل هئو؛ ان جو صدر دروازو ته اولهه طرف پئي کليو جنهن جي اڳيان پٺيان ٽن ايڪڙن تي ڦهليل وسيع ميدان ۾ باغ باغيچا ٺاهيل هئا. گهر م اندر داخل ٿيءُ ته پٺئين پاسي کان هڪ وڏي ٽيرس نما ايراضيءَ ۾ پهاڙيءَ تي ڦهليل باغيچو هئو. ساڳئي نموني وري  ان ئي بنگلي ۾ ٻه ماڙا ٻيا به هيٺ بيسمينٽ ۾ لهي پئي سگهياسين. جتي پڻ هر هڪ ماڙي تي اوڀر طرف هڪ وسيع پهاڙيءَ تي ڦهليل باغيچو هئو؛ جو ماڻهو ويٺو ڪچهريون ڪري ته قدرت جي بي تحاشا سونهن جو لطيف به ماڻي!

بنگلي جي دروازي تي ئي ديويندر پير، ڊاڪٽر سميتا ۽ سندن فرزند سنجيه پير، پاڻ انتهائي خلوص مان هر هڪ کي خوش آمديد چئي رهيا هئا. هنن جي گهر ۾ ته الائي گهڻا نوڪر هئا. الائي گهڻيون ڊشز تيار ڪرايل هيون. جڏهن ته چيو ويندو آهي ته آمريڪا ۾ ملازم مهانگا هوندا آهن؛ پر هيءُ اشراف اسان سڀني کي پاڻ وٽ ڪجهه ڏينهن ٻيا به  رهڻ لاءِ چئي رهيا هئا.!

هي به ڏسي سگهو ٿا

تلوارن سان ئي سهي، امن لاءِ آزادي ضروري آهي (4):ڊاڪٽر ايوب شيخ

  مون ڪتابن ۾ جنهن نموني آميريڪا کي پڙهيو هو تنهن مان مون  اهو سمجهيو هو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي