21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

بلوچستان جي امن سميت سماجي ۽ سياسي خاطرين جي گهرج

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سرجيڪل اسٽرائيڪ واري ڀارتي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته فوج هر ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيندي.  هن جو چوڻ هيو ته سرجيڪل اسٽرائيڪ واري ڀارتي دعويٰ غلط آهي. اهي دعوائون ڀارتي عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ دوکو ڏيڻ جي سازش آهن. هن چيو ته اسين هر قسم جي اڳرائي کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر قسم جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بلوچستان جي باري ۾ چيو ته بلوچستان ۾ 30 هزار فوجي جوان خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. بلوچستان پاڪستان جي دل آهي ۽ ”خضدار“ سميت بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. خضدار ۾ اقتصادي راهداري منصوبي تي سيمينار ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين. ڪوئيٽا ۾ به انجنيئرنگ يونيورسٽي جو ڪيمپس بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته ايئرفورس ۾ بلوچستان کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. بلوچستان مان 25 هزار ٻار ايف سي ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن ۾ تعيلم حاصل ڪري رهيا آهن.

بلوچستان ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي طور هڪ مسلسل ۽ سمجهه ۾ ايندڙ عوامي پيڪيج جي گهرج آهي جنهن ۾ بلوچستان جي عوام کي انهن جي آسودگي جي باري ۾ جيڪي خاطريون گهربل آهن، سي کين ڏنيون وڃن. انهن اهم ترين ڪوششن جي لاءِ ملڪ جي فوج تي سيڪيورٽي جي اهم حصن کي تاتي سگهي ٿي پر جيڪي به سماجي ۽ سياسي ناهمواريون آهن سي برابر ڪرڻ لاءِ چونڊيل جمهوري سرڪار کي پنهنجا قدم کڻڻ گهرجن.

جمعو 6 جنوري 2017ع، 7 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

 رڳو پ پ پ  اڳواڻن جي اڪائونٽن ۾ اڏامي ايندڙ ڪروڙين رپيا

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻن اهم پارليماني اڳواڻن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڏهه ڏهه ڪروڙ رپيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي