21 ڇنڇر , جنوري 2017
نڪور خبرون

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما اسڪينڊل ڪيس ۽ وڌنڌڙ سياسي وڇوٽيون

سپريم ڪورٽ ۾ پاناما اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ججن مختلف رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فريادين کي مختلف دليل ۽ ثبوت ڏيڻا پوندا ۽ اها ڳالهه ثابتي ڪرڻي پوندي جنهن مان ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ٿئي ته وزيراعظم جو ڪٽنب ان ڪرپشن ۽ ٽئڪس چوري ۾ شامل آهي. جج صاحبن چيو آهي ته، ڪيس جي باري ۾ ٻنهي ڌرين جي سنجيدگي سان الاهي هاڪاري مقصد حاصل ٿيندا. عدالت ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، ساڳئي وقت ٻنهي سياسي پارٽين خاص ڪري نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ان ڪيس جي ڪري طاهري وڇوٽيون وڌي رهيون آهن.

عدالت ٻاهران پاناما اسڪينڊل ڪيس جي فريادي ڌر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته شريف ڪٽنب ۽ پاڪستان رياست ۾ فرق آهي، جمهوريت ۾ مخالف جو ڪم ثبوت ڏيڻ  ناهي هوندو. هن چيو ته ان ڪيس جي ڪري وزيرن جي ڪابينا وزارت هلائڻ بدران سپريم ڪورٽ ۾ ويٺي آهي، ڪيس ملتوي نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. عدالت ۾ وري وري چيو ويو ته ثبوت ناهن ڏنا ويا. مخالف ڌر جو ڪم الزام لڳائڻ آهي، مخالف ڌر جو ڪم ثبوت ڏيڻ نه پر نشاندهي ڪرائڻ آهي. هن چيو ته جمهوريت ۾ مخالف ڌرسوال ڪندي آهي ۽ حڪوت جواب ڏيندي آهي، دنيا جا اهم مالياتي ادارا معاشي بحران جو اعتراف ڪري رهيا آهن. نواز شريف ڪرپشن جو پيسو ٻاهر موڪلي ٻارن جي نالي تي ڪرائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته پيسو لڪائڻ لاءِ مخلتف ڪمپنين جا نالا ڏنا ويا، پهرين نواز شريف کي بچائڻ جي لاءِ قطري شهزادا آيا ۽ هاڻ ڏسڻو آهي ته ڪير ٿو اچي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو وري عوام ۾ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف اعليٰ عدالت ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهي آهي. هن چيو ته عدالت ۾ پاناما ڪيس بابت ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن، انصاف جي اميد آهي. هن وڌيڪ چيو ته  عوام ۾ به وڃڻ جو ارادو رکون ٿا. 7 جنوري تي راجن پور کان عوامي ڪچهري جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ ان سلسلي کي وڌايو ويندو.

نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف تي لڳندڙ الزامن جو جواب ڏيڻ اسان جو فرض آهي. نواز شريف رڳو ن ليگ جو نه پر سڄي ملڪ جو وزير اعظم آهي. مٿس لڳندڙ الزامن جو جواب ڏيڻ اسان جو فرض ٿئي ٿو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، دانيال عزيز ۽ ٻين چيو ته عمران خان قوم کي گمراهه ڪندو آهي. اسين ٻڌائينداسين ته عمران خان ائين ڇو ڪري رهيو آهي. هنن تبصرو ڪندي چيو آهي ته مريم نواز عمران خان جي حواسن تي سوار آهي، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو سڄو ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته آئيني ادارن جو احترام ڪرڻ اسان سڀني جو فرض ٿئي ٿو. عمران خان پهرين يوٽرن خان ۽ هاڻي الزام خان جي نالي سان مشهور آهي. ان موقعي تي دانيال عزيز چيو ته عدالت عمران خان کان 2006ع جي ملڪيت بابت ثبوت گھريا آهن جيڪي هُن وٽ آهن ئي ڪونه. عمران خان جي نئين قلابازي به بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي.

جمعو 6 جنوري 2017ع، 7 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

 رڳو پ پ پ  اڳواڻن جي اڪائونٽن ۾ اڏامي ايندڙ ڪروڙين رپيا

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٻن اهم پارليماني اڳواڻن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڏهه ڏهه ڪروڙ رپيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي