20 اربع , سيپٽمبر 2017

انور پيرزادي جي سڀاڻي ڏهين ورسي | پروگرام : تخليق

انور تاريخ ساز شخص ۽ دلير اديب هو: امان الله شيخ

سنڌي هئڻ ڪري کاٻي ڌر انور کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو

سياسي ادب ۾ انور، ابراهيم جويي ۽ سراج جو تسلسل به هو ته نواڻ به هو

انور ڀٽائي جي شاعري جي لفظن ۽ فڪر کي نئين معنيٰ ڏني: لطف پيرزادو

جديد سنڌي شاعري جو انور ”مائيل اسٽون“ هو، هن نئون نظم تخليق ڪيو: رکيل مورائي جو اظهار

ڪراچي(ٽي وي نيوز) ناليواري ترقي پسند دانشور ۽ ليکڪ امان الله شيخ چيو آهي ته انور پيرزادو تاريخ ساز شخصيت هو ۽ تاريخ انور پيرزادي کي هميشه ياد ڪندي اهڙو اظهار هن انور پيرزادي جي ڏهين ورسي جي مناسبت سان عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. امان الله شيخ چيو ته انور آڪسر وائيلڊ تحت خيال آرائي مان عمل پيدا ڪندو هو، انور کي جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ ورهائجي ته هو ترقي پسندي ۽ مزاحمت جو مجموعو هو، هن چيو ته سياسي ادب ۾ انور ابراهيم جويي ۽ سراج جي ڪڙي هو، هن چيو ته انور تاريخ جو  دلير اديب هو، هن جي وڏي خوبي اها هوندي هُئي ته هو پنهنجو علم يا ڄاڻ ڪنهن تي مسلط نه ڪندو هو، هو کاٻي ڌر سان سلهاڙيل هو پر عقيدت پرست نه هو، امان الله شيخ چيو ته انور جيئن ته سنڌي هو تنهن ڪري کاٻي ڌر وارن کيس اڳتي وڌڻ نه ڏنو، نه ئي سندس گهربل قدر ٿيو جڏهن ته انور شعوري طور کانئن گهڻو مٿانهون هو پر انهن هي املهه موتي ضايع ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ امان الله شيخ چيو ته انور هر دور ۾ هاڪاري مهم جوئي ڪئي، ناليواري ليکڪ ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي چيو ته انور لطيف جي لفظن ۽ فڪر کي نئين معنيٰ ڏني جنهن تي اچرج ڪيو ويندو هو پر اڄ هر  ڪو ڀٽائي جي اُها معني ڪڍي رهيو آهي، هن چيو ته انور جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو ته ڪامياب ويو، سحر انگيز شخصيت جو مالڪ هو،  هو جمود کي ٽوڙڻ ۽ ماحول ٺاهڻ جو ڪمال جو ڏانءُ رکندو هو، ناليواري شاعر ۽ نقاد رکيل مورائيءَ چيو ته انور سنڌي شاعري جو مائيل اسٽون هو، هڪ لڪير هو نئين شعر نئين نظم جي، نثري شاعري مان رڌم پيدا ڪندڙ بانيڪار شاعر هو، هن چيو ته انور جي شاعري مزاحمت هئڻ باوجود ڏاڍي تخليقي هئي، نعري بازي نه هيس، پروگرام ۾ رکيل مورائي انور پيرزادي جي چونڊ شاعري پڻ پڙهي ٻڌائي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|ٽنڊوباگو ، ڏيئو کڏهڙو روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي جنهن ڪري علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي.

ٽنڊوباگو ، ڏيئو کڏهڙو روڊ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي جنهن ڪري علائقي واسين …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي