20 آچر , آگسٽ 2017

ٻن بيڪ ڪيمرائن وارو سستو اسمارٽ فون اچي ويو…!

dual-camera-iphone  ايپل جي آءِ فون سيون پلس ۾ ٻه ڪيمرا هنيا ويا هئا، جڏهن ته اهڙو سسٽم پهريان ايل جي، جي_5 ۾ سامهون اچي چڪو آهي پر انهن جي قيمت ايتري آهي جو انهن کي وٺڻ ڪنهن غريب جي وس ۾ ناهي. ڇا اوهان نئين ٽيڪنالاجي وارو اسمارٽ فون وٺڻ پسند ڪندا…؟ جنهن جي قيمت رڳو 25 کان 26 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. آرنر سڪس ايڪس نالي هي اسمارٽ فون 250 ڊالرن ۾ وڪڻڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو، ان جي ٻن ريئر ڪيمرائن ۾ هڪ 12 ميگا پڪسلز ۽ ٻيو 2 ميگا پڪسلز جو آهي، جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسلز جو ڪيميرا موجود آهي، ان فون جو ڊوئل ڪيمرا آءِ فون سڪس پلس جي مقابلي جو آهي. هي فون ٽن ورزن ۾ پيش ڪيو ويندو، جيئن ته هڪ 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج، ٻيو چار جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج، جڏهن ته ٽيون چار جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج جو آهي. جڏهن ته فون هيواوي جو تيار ڪيل ڪرين 655 پروسيسر موجود آهي، ڊوئل سم، مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سلاٽ ۽ 5.5 انچن جو فل ايڇ ڊي ڊسپلي پڻ موجود آهي. جيئن ته ٻن ڪيمرائن وارو موبائيل ايل جي جي فائيو، آئي فون سيون پلس ۽ ايڇ ٽي سي ٽين ۾ موجود آهي پر انهن جي قيمت تمام گهڻي آهي، جڏهن ته هيواوي آنر 8 ۾ ڊوئل ڪيمرائون متعارف ڪرايون آهن، جنهن جي قيمت 399 ڊالر آهي.ان آنر سڪس ايڪس ۾ اينڊرائيڊ مارش ميلو، 3340 ايم اي ايچ بيٽري، فنگرپرنٽ اسڪرين، فور جي سپورٽڊ ۽ تيز چارجنگ جهڙيون خوبيون به موجود آهن، جيڪو ان گهٽ قيمت ۾ مهانگي فليگ شپ فون جي برابر  آهي. جڏهن ته اهيو فون 10 جنوري کان وڪڻڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرضن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اهڙي سمارٽ فون تيار ڪئي آهي، جنهن کي مرضن جي سڃاڻپ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي