23 خميس , فيبروري 2017

سنڌ جي ترقيءَ ۽ سرڪار خلاف سنڌ جي ڪامورن جا داءُ پيچ

سنڌ ۾ آهستي آهستي ان ڳالهه جا امڪان وڌي رهيا آهن ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان عالمي ادارن پاران جاري ڪيل کربين رپين جي (قرض واري) امداد جي وڏي پئماني تي غبن ٿي وڃڻ، سموري معاملي تي لوهي چادر وجهي معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ ۽ هر ڳالهه جا انڌا منڊا عذر ڏئي سرڪار جي عقل تي ”ٽوپي پائڻ“ ۽ ڪنهن به حالت ۾ سياسي سرڪار جي ايجنڊا ۾ موجود ترقياتي ڪمن نه ڪرائڻ جهڙن سمورن لقائن جا راز کلڻ وارا آهن. ان خاموش رساڪشي جي ڪري سنڌ گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان جيڪو نقصان سَٺو آهي، تنهن جي سزا ڪير ڪنهن کي ڏيندو؟ ان جو فيصلو ڪير به ڪرڻ وارو ڪونهي.

رڳو صحت کاتي سنڌ جي ڪامورن سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاحب جي صدارت ۾ ٿيل ٻن ويهڪن ۾ جنهن نموني سنڌ جي صحت سان ويڌن جا رڳو ترورا ظاهر ٿيا آهن، انهن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته نه رڳو سنڌ جا ڪامورا بيمارين جي واڌ جو سبب رهيا آهن ، بيمارين نه گهٽائڻ جا جتن به انهن ئي ڪيا آهن ۽ هڪ ڪامورو ٻئي کي بچائڻ جو .اخلاقي فرض“ به پورو ڪندو رهيو آهي.

سنڌ جو صحت کاتو سال ۾ رڳو ترقياتي اسڪيمن تي 14 ارب رپيا خرچ ڪري ٿو. ان ترقيءَ جا نتيجا اهي نڪتا آهن ته سنڌ ۾ ايڊز وڌي آهي، هيپاٽائيٽس سنڌ ۾ پنهنجو گهر ٺاهي ڇڏيو آهي. پوليو جا ڪيس طاهر ٿي رهيا آهن. سرطان، جگر ۽ گڙدن جا مسئلا روز جون ڪهاڻيون بڻجي پيون آهن. نقلي، مدي خارج ۽ انساني تڪليفون وڌائڻ واريون دوائون هر ميڊيڪل اسٽور جي زينت بڻجي پيون آهن. صحت نه هوندي ته سنڌ جي غربت واري لڪير کان به هيٺ رهندڙ 60 سيڪڙو آبادي ۾ تعليم ڪيئن وڌنڌي؟ واري سوال تي سوچڻ ئي اجايو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ ۽ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي جا لڳاتار ٻه اجلاس ڪيا آهن. انهن اجلاسن ۾ فائيلن ڪامورن سميت خاموش رهيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي صحت جي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو صحت کاتي جي باري ۾ مڪمل نموني ڳالهيون سمجهندي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ۾ پڻ ان ڳالهه جا چٽا ثبوت آهن ته ڪامورا فائيلن کي هيڏانهن کان هوڏي گهمائي سرڪار کي ”ٽوپي“ پارائڻ جا شاندار ڪم ئي ڪري سگهيا آهن. ٻيو ته ڇڏيو، رڳو سنڌ جي هاڻوڪي وڏي وزير جي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه صاحب پاران جنهن گڏاپ صحت مرڪز جي يپڙهه جو پٿر رکيو ويو، جنهن کي 2010ع ۾ پورو ٿيڻو هيو، اهو 18 ورهين کان پوءِ به پورو نه ٿي سگهيو آهي. سرڪار کي ٻڌايو ويو ته فائيل اڻپورو هيو ته ڪم به اڻپورو رهجي ويو.

سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽرن پاران مختلف پروجيڪٽس ۾ دلچسپي وڍڻ ۽ انهن جي سربراهي ڪرڻ ۽ سنڌ جي صحت کي رولڻ جا سبب معلوم ڪندي اهو پاليسي فيصلو ڪيو ته کاتي ۾ سمورن پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي هٽايو وڃي. اهي واپس پنهنجي عهدن تي وڃي مريضن جي سنڀال جو ڪم ڪن.

صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صحت کاتي جو ترقياتي بجيٽ 14 بلين رپيا آهي. هن چيو ته مجموعي طور تي 146 رٿائون آهن جن مان 89 جاري رٿائون آهن، جنهن لاءِ سوا پنج ارب جاري ٿيا آهن پر هيستائين انهن جو 25 سيڪڙو مس ڪتب اچي سگهيو آهي. سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو چيو ته 22 رٿائون هلندڙ مالي سال ۾ پوريون ڪرڻيون آهن. جڏهن ته نيون رٿائون منظوريءَ جي مرحلن ۾ آهن انڪري انهن تي ڪنهن به قسم جو خرچ ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جڏهن کين ڪراچي جي ڇهن رٿائن جن ۾ 149.467 ملين رپين جي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر بلديا، 162 رپيا سان سروسز اسپتال کي بهتر بڻائڻ، 4.059 ملين رپين جي لاڳت سان ڪيميڪو بيڪٽرولاجيڪل ليب جي اپ گريڊيشن، 317.8 ملين رپين جي لاڳت سان نيپا ۾ انسيليري ۽ ٻين خدمتن جا اسپتال، 196.642 ملين رپين جي لاڳت سان سينٽرل بلڊ بينڪ جو قيام، 199.771 ملين رپين جي لاڳت سان پي آءِ بي ڪالوني، سولجر بازار ۽ پٽيل پاڙي ۾ ٽن ميٽرنٽي هوم جي اپ-گريڊيشن وارين رٿائن تي ٿيندڙ سست رفتاريءَ بابت ٻڌايو ويو ته جنهن تي هن پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير ان ڳالهه تي پنهنجي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو جڏهن کين ٻڌايو ويو ته ملير ۾ صحت جون ڪجهه رٿائون شروع ئي ناهن ڪيون ويون آهن،

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دفتري فائلن جي منظوري ۾ ڊيگهه سان سرڪاري کاتن جي سگهه متاثر ٿئي ٿي. ان رويي کي تبديل هئڻ گهرجي نه ته غير ذميوار ملازمن جي ڪابه ضرورت نه آهي. وڏي وزير جڏهن ڪجهه آفيسرن اجلاس ۾ رٿائن جي تڪميل خاص طور اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ دير جي حوالي سان حيلا بهانا ڪيا ته، آفيسرن اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اجلاس ۾ مطمئن ڪري سگهن.

هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته گڏاپ ٽائون اسپتال جي پيڙهه جو پٿر سندس مرحوم والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پنهنجي دور ۾ رکيو هو اهو ڪم اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، هن چيو ته، اوهان ماڻهن جي ڀلائي وارين رٿائن ۾ دير ڪندا آهيو. جڏهن صحت کاتي جا آفيسر منجهي پيا ته انهن جي ضمانت پڻ چيف سيڪريٽري اهو چئي ڪرائي ڇڏي ته هو ان اسڪيم کي جلد پورو ڪرائيندو.

سنڌ ۾ ڪامورن جي نالي ۾ انتظاميا جي ٻيگهي متل آهي. اڪثر ڪامورا عوام جا سڄڻ ناهن. اڪثر ڪامورا ڪم نه ٿا ڪرڻ چاهين، ڪامورن جي گهڻائي يا ته ”ناجائز“ ڪمن لاءِ ”ها“ ڪرڻ واسطي تيار آهي ته جيئن باقي جائز ڪمن لاءِ ”نه“ ڪري سگهجي ۽ هرقسم جي سياسي سرڪار کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سگهجن. سنڌ ۾ جيئن ته ڪم نه ڪرڻ جو ڳجهو ”عهدنامو“ ٿيل آهي، ان ڪري هرقسم جي جهڙي تهڙي يا بهترين شهري سرڪار پنهنجو وقت گذاري ٿي.

خميس 5 جنوري 2017ع، 6 ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا

سنڌ جي ڌرتي ۽ ان تي موجود صوفين، درويشن، بزرگن ۽ اعليٰ پائي جي شاعرن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي