23 خميس , فيبروري 2017

آدمشماريءَ جو شيڊول ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند

وفاقي شمارياتي کاتي ملڪ اندر ڇهين آدمشماريءَ جو شيڊول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، شماريات کاتي جي سربراهه آصف باجوا آدمشماريءَ جو شيڊول پڌرو ڪندي ٻڌايو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 15 هين مارچ کان ملڪ جي 12 ڊويزنن ۾ آدمشماري ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ 45 هزار سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

هن ٻڌايو آهي ته پهرين مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي پشاور ۽ مردان ڊويزنن، پنجاب جي فيصل آباد، سرگوڌا ۽ ديري غازي خان، سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ بلوچستان اندر ڪوئيٽا، زوب، سبي ۽ مڪران ڊويزنن ۾ آدمشماري ڪئي ويندي.

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ آدمشماري مستقبل جي رٿابندي ۽ ميسر وسيلن جي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي حساب سان ونڊ ورڇ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته قومي سوال ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان وٺي شدت سان موجود رهيو آهي، تنهن ڪري هتي آدمشماريءَ کي وفاق ۾ شامل اڪاين لاءِ زندگي ۽ موت جهڙو مسئلو سمجهيو پئي ويندو رهيو آهي.

ملڪي آئين موجب آدمشماري هر ڏهن سالن کانپوءِ ڪرائڻ لازمي قرار ڏنل آهي پر اسان وٽ جيئن ته آئين جي هَرَ هَرَ ڀڃڪڙين جي منفي روايت پيل آهي، تنهن ڪري آدمشماري به انهيءَ ناڪاري روايت جي ور چڙهي لٽڪيل رپئي رهي آهي، ملڪ ۾ آخري ڀيرو پنجين آدمشماري 1998ع ۾ ٿي هئي، جيڪا آئين موجب 2008ع ۾ ٿيڻ گهرجي ها پر هڪڙا نه ته ٻيا سبب ڄاڻائي اها ملتوي ٿيندي رهي، نيٺ 19 سالن جي دير سان يعني 15 مارچ کان آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ٿيو آهي، هن آدمشماريءَ تي ملڪ جا لڳ ڀڳ سڀئي صوبا متفق آهن، سواءِ بلوچستان جي، جنهن جي چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل قيادت گهر ڪئي هئي ته صوبي مان غير قانوني پرڏيهي خاص ڪري افغانين کي نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري ڪئي وڃي، ڇو جو ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڌرتي ڌڻي بلوچن جي پنهنجن ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي.

پاڪستان اهو وفاق آهي، جتي وسيلن جي ورڇ جو مکيه ۽ مرڪزي اهڃاڻ آبادي آهي، يعني چئني صوبن جي آمدني وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ جمع ٿئي ٿي، اتان پوءِ صوبن ۾ ورهائي وڃي ٿي، ورڇ جو مرڪزي اهڃاڻ جيئن ته آبادي آهي، تنهن ڪري ڳچُ حصو وڏي صوبي يعني پنجاب ڏانهن هليو ٿو وڃي، ڇو جو ان جي چون ٿا ته آبادي باقي صوبن کان وڌيڪ آهي، ملڪ جي مجموعي آمدنيءَ ۾ سڀ کان وڏو حصو صوبو سنڌ ڏئي ٿو، سنڌ ۾ جيئن ته سامونڊي بندرگاهه آهي ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ملڪ جي معاشي شهه رڳ ۽ مالي توڙي واپاري راڄڌاني آهي، تنهن ڪري سنڌ گهڻو ڪمائي ته اٿي  پر ان جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو پنجاب کي ملي ٿو ۽ سنڌ کي پنهنجي ڪُلُ ڪمائيءَ جو اڌ به نه، اڌ ته ڇا پر اڌ جو به اڌ  حصو ان ڪري نه ٿو ملي جو چيو ٿو وڃي، سنڌ جي آبادي گهٽ آهي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ بدامني ۽ دهشتگرديءَ وارين حالتن باوجود سڄي ملڪ اندر آباديءَ جو دٻاءُ ڪنهن به صوبي ۽ شهر تي نه رهيو آهي اهو سنڌ صوبو آهي ۽ ان جو شهر ڪراچي آهي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي اهم شهرن يعني ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڌرتي ڌڻين جي پاڙ پٽڻ، دعويٰ ختم ڪرڻ لاءِ اتي لڏي آيلن کي ته آباد ڪيو ويو  پر ان سان گڏوگڏ هنن شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ کي غير قانوني آباديءَ جو به ٿاڪُ بڻايو ويو، سرڪاري انگن اکرن کي ڇڏي ڪري جي حقيقي جائزو وٺبو ته اڄ به 50 لکن جي لڳ ڀڳ غيرقانوني پرڏيهي يعني افغاني، بهاري، بنگالي، برمي وغيرهه وغيرهه ڪراچيءَ ۾ آباد آهن، اهي ڪهڙي کاتي ۾ ليکيا ويندا تن جو ڪو پتو  کُرو ناهي.

ٻيو ته ملڪ جي ٻين صوبن کان به وڏي پيماني تي ماڻهو سنڌ خاص ڪري ان جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ آباد آهن، اهي سنڌ جي روزگار جا وسيلا، توڙي پاڻي ۽ زندگي جون ٻيون سهولتون به استعمال ڪن ٿا، پر وسيلن جي ورڇ جي جڏهن ڳالهه  اچي ٿي ته انهن جو ڳاڻيٽو سندن اباڻن صوبن ۾ ڳڻي وسيلا انهن کي مهيا ڪيا وڃن ٿا.

ڌارين، غيرقانوني پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي لوڌ سبب سنڌ جا وسيلا، ٻولي توڙي ثقافت، شديد خطري ۾ پئي رهي آهي، هاڻي جڏهن آدمشماريءَ جو شيڊول پڌرو ٿيو آهي ۽ ان شيڊول تحت پهرين مرحلي ۾ گهر ۽ انسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڳڻجڻا آهن، هنن ڊويزنن ۾ ڌرتي ڌڻين جي تڏا ويڙهه ٿيل ڏيکارڻ جي خواهش ڪا ڳجهي ڪانهي، سو اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو فرض ٿئي ٿو ته اهي هنن ٻنهي ڊويزنن، خاص ڪري ڪراچيءَ اندر ماڻهن ۾ جاڳرتا جي ڪم سان لڳي وڃن، جيئن ڪو به سنڌي ماڻهو ٻار، توڙي عورت ڳڻپ کان نه رهجي وڃي، آدمشماري دنيا جي ٻين قومن جيان سنڌ واسين لاءِ به بقا جو سوال آهي، تنهن ڪري اهو معاملو سنجيدگيءَ جو گهرجائو آهي.

اربع 04 جنوري  2017ع، 5  ربيع الثاني 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا

سنڌ جي ڌرتي ۽ ان تي موجود صوفين، درويشن، بزرگن ۽ اعليٰ پائي جي شاعرن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي